World Sindhi Congress
We are a UK-, US-, and Canada-based organization engaged in advocacy of and education about the human rights needs of Sindh and Sindhis.
We advocate and campaign for:
Non-violence
National Self-determination
Democracy
Peace
Civil Society
Separation of State and Religion
Environmental Rights
Equality for Women
Sindhi Language and Culture
Denuclearization
Conflict resolution
16/07/2026
Please join us this Sunday to hear from human rights advocates and people on the ground about the tragedy of missing children in Sindh
13/07/2026
https://www.facebook.com/share/1GdTrGfGWL/
The 2026 Conference on Re-Imagining Self-Determination will bring together representatives of unrepresented nations and peoples, policymakers, academics, journalists, and civil society to explore new approaches to representation, solidarity, and self-determination in a changing international landscape.
Register for the conference: 🔗 https://unpo.org/2026-conference-on-self-determination/
As UNPO celebrates its 35th anniversary, the conference also marks the beginning of the next chapter of our work. Through our anniversary campaign, we are raising support to ensure we can continue standing alongside over 300 million people whose voices remain unheard.
Support our 35th Anniversary Campaign: ❤️ https://www.stockcrowd.com/form-c711b767-c9ea-4176-9acc-fbeaeae9a00e
13/07/2026
12/07/2026
https://www.facebook.com/share/p/18oUWukkbS/
At least 333 blasphemy cases have been reported across Pakistan's four provinces over the past five years, with Punjab recording the most cases, a parliamentary panel was informed on Wednesday July 7. Most of the registered cases, the Senate Functional Committee on Human Rights learned, were found to be completely fabricated, stemming from personal enmities, while a large number of First Information Reports (FIRs) were registered against unidentified individuals.
Read details:
https://voicepk.net/2026/07/over-333-blasphemy-cases-registered-across-pakistan-in-last-five-years-punjab-tops-list/
پريس رليز
تاريخ: 12 جولاءِ 2026
ورلڊ سنڌي ڪانگريس جو ٻٻرلوءِ ۾ پريا ڪماري ۽ ٻين گم ٿيل معصوم ٻارن جي بازيابي لاءِ, ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي جاري ڌرڻي سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار
ورلڊ سنڌي ڪانگريس سنڌ ۾ ٻٻرلوءِ وٽ پريا ڪماري ۽ ٻين گم ٿيل معصوم ٻارن جي بازيابي لاءِ سندن وارثن ۽ سنڌ جي باشعور ماڻهن پاران جاري پرامن ڌرڻي سان پنهنجي مڪمل يڪجهتي، همدردي ۽ حمايت جو اعلان ڪري ٿي.
پريا ڪماري سميت ڪيترن ئي معصوم ٻارن جي گمشدگي رڳو ڪجهه ڪتبن جو الميو نه، پر اها انساني حقن، ٻارن جي تحفظ ۽ قانون جي حڪمراني تي هڪ انتهائي ڳنڀير سواليا نشان آهي. هڪ اهڙي سماج ۾، جتي والدين پنهنجي ٻارن جي حفاظت بابت ئي پاڻ کي غير محفوظ محسوس ڪن، اتي رياست جي ذميوارين تي سنجيده سوال اڀرن ٿا.
ورلڊ سنڌي ڪانگريس واضح طور مطالبو ڪري ٿي ته پريا ڪماري ۽ ٻين گم ٿيل معصوم ٻارن کي بنا ڪنهن وڌيڪ دير جي محفوظ نموني بازياب ڪري سندن وارثن حوالي ڪيو وڃي. جديد جاچ جا سمورا وسيلا استعمال ڪيا وڃن، جاچ کي شفاف، غيرجانبدار ۽ نتيجه خيز بڻايو وڃي، ۽ هنن ڏوهن ۾ ملوث سڀني عنصرن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي کين سخت سزا ڏني وڃي.
ورلڊ سنڌي ڪانگريس پاڪستان جي وفاقي ۽ سنڌ حڪومت، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ عدالتي اختيارين کي ياد ڏيارڻ چاهيون ٿا ته ٻارن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ سندن آئيني، قانوني ۽ اخلاقي ذميواري آهي، جنهن کان ڪنهن به صورت ۾ منهن نٿو موڙي سگهجي. خاموشي، دير ۽ ناڪافي ڪارروائي متاثر ڪٽنبن جي تڪليف ۾ وڌيڪ اضافو ڪري رهي آهي ۽ عوام جي اعتماد کي سخت نقصان پهچائي رهي آهي.
ورلڊ سنڌي ڪانگريس گڏيل قومن، يونيسيف، عالمي انساني حقن جي تنظيمن، سول سوسائٽي، ميڊيا ۽ انصاف پسند ماڻهن کي اپيل ڪري ٿي ته هو پريا ڪماري ۽ ٻين گم ٿيل معصوم ٻارن جي بازيابي لاءِ پنهنجو مؤثر آواز بلند ڪن ۽ پاڪستان تي زور ڀرين ته هو پنهنجي قومي ۽ بين الاقوامي ذميوارين تي عمل ڪندي ٻارن جي تحفظ کي يقيني بڻائي.
اسان ٻٻرلوءِ ۾ ڌرڻي تي ويٺل والدين، وارثن ۽ سمورن احتجاج ڪندڙن کي سلام پيش ڪريون ٿا، جيڪي وڏي صبر، همت ۽ وقار سان پنهنجي ٻارن جي واپسي لاءِ پرامن جدوجهد جاري رکيو ويٺا آهن. ورلڊ سنڌي ڪانگريس هن جائز ۽ انساني جدوجهد سان گڏ بيٺل آهي ۽ ان وقت تائين پنهنجي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندي، جيستائين پريا ڪماري ۽ ٻيا سڀ گم ٿيل معصوم ٻار محفوظ نموني پنهنجي گهرن ڏانهن واپس نٿا پهچن.
هر ٻار جي محفوظ واپسي، انصاف ۽ تحفظ رياست جي ذميواري آهي، نه ڪي والدين پاران مسلسل فرياد..
ورلڊ سنڌي ڪانگريس
Human Rights Commission of Pakistan
United Nations Human RightsUNICEFUNICEF PakistanUnited NationsSindhi Association of North AmericaSindhi Sangat UKManchester Sindhi CommunitySindhi Shagird Tahreek Markaz
11/07/2026
سنڌ جي قومي تحريڪ ۽ جماعت اسلامي جي سياست:
سنڌ جي قومي تحريڪ ۽ مجموعي طور سنڌي قوم پرامن آهني پر ان جو اهو مطلب قطعي ناهي ته اها ڪمزور آهي. پنهنجي پرامن جدوجهد سان اسان ون يونٽ ٽوڙايو، ان ئي پرامن جدوجهد ذريعي ڪالاباغ ڊيم ۽ 6 ڪئنالن جھڙا سنڌ دشمن منصوبن کي شڪست ڏني.
ٻئي طرف جماعت اسلامي، خاص ڪري ذيلي تنظيم اسلامي جمعيّت طلبا ذريعي، سياست ۽ تعليمي ميدان ۾ تشدد جي علمبردار رهي آهي. بنگال ۾ انهن جيڪي ڪجهه ڪيو سا ڊگھي ۽ کليل ڪهاڻي آهي. هتي، خاص ڪري، ڪراچي ۽ پنجاب يونيورسٽين ۾ اهي ڊگھي عرصي کان هٿيارن جو استعمال ۽ غنڊا گردي ڪندا رهيا آهن. پر جڏهن وري ايم ڪيو ايم جي پرتشدد سياست انهن کان وڌي ويئي ته جماعت اسلامي پرامن سياست لاء دانهون ڪرڻ لڳي. جڏهن پنجاب يونيورسٽي ۾ جمعيّت جي غنڊن عمران خان کي ڪمري ۾ بند ڪري ان جي بي عزتي ڪئي ته ملڪ جي مشهور صحافي اياز امير چيو ته "ايم ڪيو ايم وارن هڪڙو ئي صحيح ڪم ڪيو جو جمعيّت وارن کي موچڙا هنيائون".
گڏيل پاڪستان دوران لاهور ۾ شيخ مجيب رحمان جي جلسي ۾ جمعيّت وارن بدمعاشي ڪئي، اتي عوامي ليگ وارن چيو ته "ھاڻي مولانا مودودي ڊاڪا ۾ جلسو نه ڪري سگهندو. ۽ پوء دنيا ڏٺو ته ڪيئن مولانا مودودي مولانا جان محمد عباسي سميت،پوليس جي مدد سان، پنڊال جي پوئين دور کان ڀڄي جان بچائي.
اڄڪلهه ڪراچي يونيورسٽي ۾ جمعيّت/ جماعت اسلامي جيڪي ڪجهه ڪري رهي آهي ته کين ذهن ۾ رکڻ کپي ته ائين نه ٿئي ته سنڌ جي پرامن ۽ عدم تشدد واري قومي جدوجھد جي مد مقابل ٿيڻ سان جماعت اسلامي جي سنڌ ۾ سياست ڪرڻ لاء مشڪلاتون پيدا ٿي پون.
ان ڪري بهتر ٿيندو ته جماعت اسلامي جا اڳواڻ پنهنجي دهشتگرد تنظيم کي لغام ڏين ته جيئن سڀ ڪنهن لاء تعليم جا ۽ سياست جا هڪجهڙا ۽ ھڪ جيترا موقعا موجود رهن.
خالق جوڻيجو
Click here to claim your Sponsored Listing.
Location
Address
22 Newfields
London
AL86Y