Learn with Fayaz Ali Dharejo

Learn with Fayaz Ali Dharejo

Teilen

AI Researcher | Social Activist | Teaching AI | Sharing knowledge, research and life across countries

01/08/2026

هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ رهندڙ نوجوان هر روز پنهنجي قسمت کي ڏوهه ڏيندو هو. هو چوندو هو، “اسان وٽ وسيلا ناهن، تنهنڪري اسان اڳتي نٿا وڌي سگهون.” هڪ ڏينهن سندس ملاقات هڪ استاد سان ٿي، جنهن کيس چيو:

“الله هن دنيا کي انتهائي خوبصورت بڻايو آهي، پر بدقسمتي سان اسان اهڙي نظام ۾ رهون ٿا، جتي سياست، ناانصافي ۽ محدود موقعا ڪيترن ئي نوجوانن جا خواب دٻائي ڇڏين ٿا. پر ياد رک، دنيا تنهنجي ڳوٺ يا شهر تائين محدود ناهي.”

استاد کيس اسڪالرشپ بابت ٻڌايو. نوجوان محنت ڪئي، انگريزي سکي، پنهنجون صلاحيتون بهتر ڪيون ۽ آخرڪار کيس هڪ عالمي اسڪالرشپ ملي وئي.

جڏهن هو پرڏيهه پهتو ته هن محسوس ڪيو ته اسڪالرشپ صرف يونيورسٽي ۾ داخلا جو نالو ناهي. اها ته نئين سوچ، نئين ثقافت، نون ماڻهن، عالمي معيار جي تعليم، خوداعتمادي ۽ بهتر زندگيءَ جو دروازو آهي.

هن کي تڏهن خبر پئي ته الله هن جي اندر ڪيتريون ئي صلاحيتون رکيو هيون، جيڪي هو پنهنجي محدود ماحول ۾ ڪڏهن به سڃاڻي نه سگهيو هو.

منهنجو هر نوجوان کي هڪ ئي پيغام آهي:

اسڪالرشپ صرف اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ نه هوندي آهي، پر اها توهان کي پنهنجي اصل صلاحيتن سان ملائيندي آهي. اها توهان جي سوچ کي وسيع ڪندي آهي، توهان جي زندگي بدلائي ڇڏيندي آهي، ۽ توهان کي اهو احساس ڏياريندي آهي ته توهان الله جي ڏنل قابليتن سان دنيا ۾ وڏو فرق آڻي سگهو ٿا.

پنهنجن خوابن کي ننڍو نه سمجهو. درخواست ڏيو، ناڪامين کان نه ڊڄو، سکندا رهو، ۽ اڳتي وڌندا رهو.

ياد رکو:
“اسڪالرشپ صرف هڪ آفر ليٽر ناهي، اها هڪ نئين زندگيءَ ڏانهن کليل دروازو آهي.”

31/07/2026

Alhumdulillah for everything
Trust the process of Almighty always❤️🫶

27/07/2026
Photos from Learn with Fayaz Ali Dharejo's post 26/07/2026

هن هفتي جي موڪل منهنجي لاءِ ٿوري وڌيڪ خاص هئي. منهنجي پٽ ميسم پنهنجي ننڍڙن دوستن کي گهر اچڻ جي دعوت ڏني. 🥳 ٻارن جي اچڻ کان اڳ مون سندن لاءِ کاڌو تيار ڪيو، ننڍڙي پارٽيءَ جو بندوبست ڪيو، ۽ پوءِ گهر ٻارن جي کل، راندين ۽ شرارتن سان ڀرجي ويو. 🎈❤️

انهن ننڍڙن چهرن تي خوشي ڏسي مون کي هڪ ڳالهه وري شدت سان محسوس ٿي ته ٻارن کي خوش رکڻ والدين جو ڪو اضافي ڪم يا احسان ناهي، پر اسان جي بنيادي ذميوارين مان هڪ آهي.

والدين جي ذميواري صرف ٻار کي جنم ڏيڻ، کاڌو کارائڻ يا اسڪول موڪلڻ تائين محدود ناهي. ٻار کي وقت ڏيڻ، ساڻس کيڏڻ، سندس ڳالهه ٻڌڻ، محبت ۽ توجهه ڏيڻ، سٺي تربيت ڪرڻ، اعتماد پيدا ڪرڻ ۽ کيس محفوظ ۽ خوشگوار ماحول مهيا ڪرڻ به والدين جي ذميواري آهي.

ٻارن کي صرف سٺو مستقبل نه گهرجي، انهن کي خوبصورت ننڍپڻ به گهرجي. ڇاڪاڻ⁠تہ مستقبل لاءِ ته هو سڄي زندگي محنت ڪري سگهن ٿا، پر سندن ننڍپڻ وري ڪڏهن به واپس نه ايندو.

تنهنڪري پنهنجي مصروفيتن مان ٻارن لاءِ وقت ضرور ڪڍو. انهن سان کيڏو، کين گهمايو، سندن ننڍين خوشين ۾ شريڪ ٿيو ۽ خوبصورت يادون ٺاهيو. ❤️

ٻار کي زندگي ڏيڻ والدين جي شروعاتي ذميواري آهي؛
پر ان زندگيءَ کي محبت، تربيت، توجهه، تحفظ ۽ خوشين سان خوبصورت بڻائڻ اصل والديني ذميواري آهي. 👨‍👦❤️

ميسم ۽ سندس دوستن جي “ٻچا پارٽي” 🥳 — ننڍڙي پارٽي، پر زندگيءَ جون وڏيون ۽ خوبصورت يادون

21/07/2026

قابلِ یقین انسان کی تین نشانیاں

کسی انسان کے اصل اخلاق، کردار اور مزاج کو پہچاننا ہو تو صرف اس کی باتوں پر نہیں، بلکہ ان تین مواقع پر اسے پرکھیں:

1۔ اس کے ساتھ کھانا کھاؤ 🍽️
2۔ اس کے ساتھ لین دین کرو 🤝
3۔ اس کے ساتھ سفر کرو 🚗

کیونکہ انسان کی اصل شخصیت اکثر معاملات، مشکلات اور سفر میں سامنے آتی ہے

13/07/2026

Everyone talks about AI, but very few truly understand it.

In my very first video, I explain “What is Artificial Intelligence?” in the simplest way possible.

Join me on this learning journey with Learn with Fayaz Ali Dharejo.

The future belongs to those who learn AI.

Wollen Sie Ihr Schule/Universität zum Top-Schule/Universität in Würzburg machen?

Klicken Sie hier, um Ihren Gesponserten Eintrag zu erhalten.

Lage

Adresse


Erthalstraße 20
Würzburg
97074