ڪلاس ستين جي ماهوار رياضي ٽيسٽ جي نتيجن جو اعلان ۽ انعامن جي ورهاست۔۔۔۔۔۔۔
تعليمي معيار کي بهتر بڻائڻ ۽ شاگردن ۾ ذهني مقابلي جو روح بيدار ڪرڻ لاء سر امجد علي خاصخيلي جي نگرانيءَ ۾ ڪلاس ستين جي شاگردن جي هڪ ماهوار ميٿ (رياضي) ٽيسٽ ورتي وئي.
هن ٽيسٽ جو بنيادي مقصد شاگردن جي علمي صلاحيتن کي پرکڻ ۽ کين مستقبل جي وڏن امتحانن لاءِ تيار ڪرڻ هو.
هوشيار شاگردن جي حوصلي افزائيءَ لاءِ هڪ تقريب منعقد ڪري کين اعزازي انعامن سان نوازيو ويو.
پوزيشنون حاصل ڪندڙ شاگرد
پهرين پوزيشن رابيل علي ڪلهوڙو ، ٻين پوزيشن ڪاشف اسلم خاصخيلي ۽ ٽين پوزيشن
ولي سولنگي حاصل ڪئي۔
استاد جي ڪاوش ۽ والدين لاءِ پيغام:
هي ڪاميابي جتي شاگردن جي ذاتي محنت جو نتيجو آهي، اتي سر امجد علي خاصخيلي جي ڏينهن رات جي جفاڪشي ۽ مخلصانه پڙهائڻ واري طريقي جو به ثبوت آهي.
اسان پوزيشن کڻندڙ سمورن شاگردن، سندن معزز والدين ۽ شفقت ڪندڙ استاد کي لک لک مبارڪون پيش ڪيون ٿا.
13/05/2026
فينس اڪيڊمي لعلورائنڪ۔۔
محنت جو ميوو ۽ ڪاميابيءَ جو اعلان ❤❤
اسان کي اها ڳالهه ٻڌائيندي بيحد خوشي ٿي رهي آهي ته فينس اڪيڊمي لعلورائنڪ پاران مختلف ڪلاسن جي شاگردن کان ورتل ميٿ (Mathematics) ۽ انگريزي (English) جي ٽيسٽ جا نتيجا اڄ پڌرا ڪيا ويا آهن۔۔۔
ٽيسٽ جا اهم حصا:
انگريزي :- گرامر، لکڻ جي صلاحيت ۽ لفظن جو ذخيرو.
رياضي :-حسابي ذهانت ۽ مسئلا حل ڪرڻ جي مهارت.
استادن پاران انهن تمام شاگردن کي دل جي گهراين سان مبارڪون پيش ڪيون وڃن ٿيون جن هن ٽيسٽ ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري.
توهان جي محنت رنگ لاتو آهي۔۔۔
نتيجن جا نمايان پهلو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
"تعليم رڳو ڪتاب پڙهڻ جو نالو ناهي، پر پنهنجي صلاحيتن کي پرکڻ جو نالو آهي."
05/05/2026
آگاھي ميسيج۔
Rip😢😢
سڀني والدين ۽ شاگردن کي ھن پوسٽ ذريعي انفارم ٿو ڪجي ته سر فھد حسين مغيري جي ڀاڻج احد رضا ولد اياز حسين مغيري جي رضا الاھي سان وفات ٿي وئي آھي ان ڪري اڄ اڪيڊمي بند رھندي.
ان ڏک جي گھڙي ۾ سندس سموري خاندان سان برابر شريڪ آھيون😢😢
مولا صدقي پنجتن پاڪ جي جنت الفردوس ۾ اعلي مقام عطا ڪري۔۔۔۔
16/02/2026
سڀني شاگردن ۽ سندن والدين کي انفارم ٿو ڪجي ته اڄوڪي دردناڪ واقعي سبب ھمدردي طور اڄوڪو ڏينھن اڪيڊمي بند رھندي😭
16/02/2026
اڄوڪي دردناڪ حادثي سبب فينس اڪيڊمي بند رھندي😭😭
نوشهرو فيروز نيشنل هاءِ وي تي ٽرالر جو ڪار کي ٽڪر، لعلورائنڪ جي ڳوٺ ميان رتو سولنگي جا رهواسي ڇھ ڄڻا ٿڏي تي فوت ويا😭
فوتين ۾ نديم سولنگي، فتاح سولنگي ،عبدالحڪيم سولنگي، حاجي خان سولنگي ، غلام سولنگي، ۽ منظور بروهي شامل آهن.😭😭
Be the first to know and let us send you an email when The FANS Academy Lalu Raunk posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.