03/04/2026
﷽ يا علي عليه السلام مدد 🚩 ✊🏽🚩
🙏🏽حق موجود 🙏🏽 پنج تن پاڪ علیہ السلام سدا موجود
ڪلام: هادي رهبر سيّد شاه عبدالطیف ڀٽائي سائين رح
بيتَ :
ليبي لعنتي کي جو آڻِيِء ۾ آھي،
اَنڌو مون عَلِيلَ سين ، سِينو ٿو ساھي،
علي شاہ ع اچيج تون تنھن ڪافِر تي ڪاھي،
لُڻي وجهہ لاھي، مٿو مَجُوسيِء جو
مارِ مَ مُطِيع کي، مجُوسيءَ کي مار،
وڏي جنگِ مَ وسارِ، ننڍيان نفعو ناہ ڪو
ننڍيان نفعو ناہ ڪو، وڏي مَ وساري،
مجوسي ماري، اڪبرَ ڏي اچيج تون
اصغر ڏي آھين گهڻا، تون اڪبر ڏي آءُ،
متان لوڙو لاھئين، مجوسيءَ مٿاءُ،
حيدر ع جي ھٿاءُ، وڙھہ تہ ويري مارئين
- شاه جو رسالو، سُر بلاول
آواز ۽ ساز :
ياور علي ڪاظمي محبت علي الحيدري