R F Public School Rasheed Wagan

Call Contact the school

R F Public School Rasheed Wagan Where knowledge meets character — empowering students through quality education, moral values, and a vision for a better tomorrow.

Turning dreams into achievements.

رائل فاطما پبلڪ اسڪول رشيد وڳڻاڄ اسان جي اداري ۾ عيد ميلادالنبي ملھايو ويو،ان وقت ڪجھ ٻارن جون نڪتل تصويرون ،
05/09/2026

رائل فاطما پبلڪ اسڪول رشيد وڳڻ
اڄ اسان جي اداري ۾ عيد ميلادالنبي ملھايو ويو،ان وقت ڪجھ ٻارن جون نڪتل تصويرون ،

رائل فاطمه پبلڪ اسڪول رشيد وڳڻ!  بروز اربع تي اسان جي اداري ۾ ڪلاس پهرين کان ڪلاس ڇهين تائين مختلف مضمونن، جن ۾ رياضي، س...
04/09/2026

رائل فاطمه پبلڪ اسڪول رشيد وڳڻ!
بروز اربع تي اسان جي اداري ۾ ڪلاس پهرين کان ڪلاس ڇهين تائين مختلف مضمونن، جن ۾ رياضي، سنڌي، انگريزي ۽ انگريزي گرامر شامل آهن،جن جو ماهوار ٽيسٽ ڪاميابي سان منعقد ڪيو ويو. شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شاگردن جي همت افزائي لاءِ اسٽار، ميڊل، ٽرافيون ۽ انعام پيش ڪيا ويا. اسان جو مقصد صرف امتحان وٺڻ نه، پر هر ٻار ۾ اعتماد، محنت ۽ سکڻ جو جذبو پيدا ڪرڻ آهي. اسان پنهنجي پيارن شاگردن کي دل جي گهراين سان مبارڪون پيش ڪريون ٿا ۽ معزز والدين جا ٿورائتا آهيون، جيڪي هميشه پنهنجي ٻارن جي تعليم ۾ اسان سان گڏ بيٺل آهن. اڄ جي محنت، سڀاڻي جي ڪاميابي آهي. رائل فاطمه پبلڪ اسڪول رشيد وڳڻ"جتي تعليم سان گڏ بهترين ڪردار جي به تعمير ڪئي وڃي ٿي."

30/08/2026
25/08/2026

قومي جذبو، خوبصورت آواز ۽ روشن مستقبل!
اڄ Royal Fatima Public School Rasheed Wagan ۾ صبح واري اسيمبلي دوران اسان جي پيارن شاگردن قومي تراني ۾ وڏي جوش، نظم ۽ احترام سان ڳايو، اسان سڀني والدين ۽ استادن جا ٿورائتا آهيون، جيڪي ٻارن جي تعليم سان گڏ انهن جي بهترين تربيت ۽ ڪردار سازي لاءِ پڻ محنت ڪري رهيا آهن.اڄ جا باادب ۽ باصلاحيت ٻار، سڀاڻي جي روشن پاڪستان جا معمار آهن.
پاڪستان زنده باد! 🇵🇰💚

16/07/2026

Activity

ھر اداري جي سڃاڻپ صرف عمارتن سان نہ، پر انهن ماڻهن سان ٿيندي آهي جيڪي پنهنجي ڪردار، محنت ۽ اخلاص سان ان اداري کي مضبوط ب...
11/06/2026

ھر اداري جي سڃاڻپ صرف عمارتن سان نہ، پر انهن ماڻهن سان ٿيندي آهي جيڪي پنهنجي ڪردار، محنت ۽ اخلاص سان ان اداري کي مضبوط بڻائيندا آهن.

اڄ اسان جي ٽيم جو هڪ اهڙو ئي قيمتي ساٿي، سر صفيع ﷲ شيخ، پنهنجي زندگي جي نئين سفر ڏانهن قدم وڌائي رهيو آهي.

صفيع ﷲ پنهنجي ننڍي عمر جي باوجود ذميواري، بردباري ۽ اعليٰ اخلاق جو هڪ خوبصورت مثال رهيو آهي. شاگردن سان سندس شفقت ڀريو رويو، پنهنجي ڪم سان وابستگي ۽ هر ذميواري کي خاموشي سان نڀائڻ واري عادت کيس ٻين کان منفرد بڻائي ڇڏي ٿي.

هڪ استاد طور هن صرف سبق نہ پڙهايا، پر ڪيترن ئي شاگردن جي شخصيت سازي ۾ پڻ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. اهڙا ماڻهو ادارن لاءِ صرف ملازم نہ هوندا آهن، بلڪہ انهن جي موجودگي هڪ سرمايو هوندي آهي.

جيتوڻيڪ سندس وڃڻ تي دل ۾ هڪ خال محسوس ٿئي ٿو، پر ان کان وڌيڪ خوشي ان ڳالهه جي آهي ته هو پنهنجي بهتر مستقبل ۽ پنهنجي خاندان جي خوشحالي لاءِ هڪ نئين منزل ڏانهن وڌي رهيو آهي. اها ئي هر محنتي ۽ بااخلاق انسان جي سڃاڻپ هوندي آهي تہ هو حالاتن جو شڪايت ٿيندڙ نہ، پر انهن کي بهتر بڻائڻ لاءِ جدوجهد ڪندڙ هوندو آهي.

اسان دعاگو آهيون ته الله پاڪ سندس کي نئين سفر ۾ ڪاميابي، عزت، خوشحالي ۽ ترقيءَ جا بلند مقام عطا فرمائي.

ڪجھ ماڻهو اداري کي ڇڏيندا آهن، پر سندن ڪردار، اخلاق، محنت ۽ سٺيون يادون هميشہ ادارن جو حصو رهنديون آهن.

Best of Luck, Sir Safiullah! Your dedication, humility and sincerity will always be remembered.

Principal:
Royal FATIMA Public School
Rasheed Wagan

Address

Rasheed Wagan
Wagan
77280

Opening Hours

Monday 08:00 - 02:00
Tuesday 08:00 - 02:00
Wednesday 08:00 - 02:00
Thursday 08:00 - 02:00
Friday 08:00 - 12:00
Saturday 08:00 - 02:00

Telephone

+923473996260

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when R F Public School Rasheed Wagan posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The School

Send a message to R F Public School Rasheed Wagan:

Shortcuts

Share