Government Boys Primary School Mahi Khan Dayo, Taluka Ubauro

Government Boys Primary School Mahi Khan Dayo, Taluka Ubauro Semis Code: 419030408

16/12/2025

16 December Black 🖤 Day
🥺 😢 🥹

13-12-2025، ڇنڇر جي ڏينهن، گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ماهي خان دايو تعلقو اوٻاوڙو ۾ منعقد ٿيل شاندار ۽ يادگار سنڌ ثقاف...
15/12/2025

13-12-2025، ڇنڇر جي ڏينهن، گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ماهي خان دايو تعلقو اوٻاوڙو ۾ منعقد ٿيل شاندار ۽ يادگار سنڌ ثقافتي پروگرام ۾ محترم جناب گل حسن سومرو صاحب مهانِ خاص طور شرڪت فرمائي، جيڪا اسان سڀني لاءِ وڏي عزت ۽ فخر جي ڳالهه هئي۔ محترم گل حسن سومرو صاحب ٻارن سان انتهائي محبت، شفقت ۽ پنهنجائپ سان پيش آيا ۽ سندن هٿن سان جڏهن ٻارن کي ميڊل ۽ انعام مليا ته ننڍڙن چهرن تي خوشين جا گل کِلي پيا۔ بهرحال، ڪجهه ٻار ڪنهن سبب ڪري ان ڏينهن انعام حاصل ڪرڻ کان رهجي ويا۔

اڄ، 15-12-2025 سومر جي ڏينهن، انهن رهيل خوشين کي مڪمل ڪرڻ لاءِ محترم گل حسن سومرو صاحب ۽ محترم علي شير چاچڙ صاحب، چيئرمين پرلس پبلڪ سيڪنڊري اسڪول اوباڙو، ٻيهر اسڪول تشريف آندا ۽ گڏجي انهن ٻارن ۾ رهيل انعام ۽ ميڊل ورهايا۔ ان لمحي ٻارن جي اکين ۾ جيڪا خوشي، چمڪ ۽ اُميد نظر آئي، اها لفظن ۾ بيان ڪرڻ مشڪل آهي۔ سڀني ٻارن دل جي گهراين سان شڪرگذاري جو اظهار ڪيو۔

محترم علي شير چاچڙ صاحب ڇنڇر واري پروگرام ۾ ضروري مصروفيتن سبب شرڪت نه ڪري سگهيا هئا، جنهن بابت هنن ٻارن سان نهايت شفقت سان معذرت پڻ ڪئي۔ گڏوگڏ، ٻارن جي همت افزائي ۽ حوصلا بلند ڪرڻ لاءِ پاڻ به ميڊل تقسيم ڪيا، جنهن سان ٻارن جو اعتماد ٻيڻو ٿي ويو۔

اسان دل جي گهراين سان ٻنهي معزز مهمانن جا ٿورا مڃيون ٿا، جن جو ٻارن سان پيار، تعليم سان وابستگي ۽ مستقبل جي معمارن لاءِ خلوص اسان سڀني لاءِ مشعلِ راهه آهي۔ اهڙيون شخصيتون ئي قومن جي تقدير سنوارينديون آهن۔

اڄ سنڌ ثقافتي ڏهاڙي جي موقعي تي گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ماھي خان دايو ۾ منعقد ٿيل هي شاندار تقريب اسڪول جي محنتي، ذ...
13/12/2025

اڄ سنڌ ثقافتي ڏهاڙي جي موقعي تي گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ماھي خان دايو ۾ منعقد ٿيل هي شاندار تقريب اسڪول جي محنتي، ذميوار ۽ باصلاحيت استادن جي گڏيل ڪوششن سان ترتيب ڏني وئي. خاص طور تي استاد محترم استاد منصور احمد جويو صاحب (هيڊ ماسٽر)، محترم استاد تنوير احمد مغل صاحب (پرائمري اسڪول ٽيچر) ۽ محترم استاد الله رکيو شر صاحب (پرائمري اسڪول ٽيچر) پنهنجي علم، اخلاص ۽ لگن سان نه صرف هن پروگرام کي منظم ڪيو، پر ٻارن ۾ سنڌي ثقافت، قومي سڃاڻپ ۽ تعليم سان محبت جو جذبو پڻ پيدا ڪيو.

انهن استادن جي سچي رهنمائي، بهترين منصوبا بندي ۽ انتھائي محنت سبب سنڌ ثقافتي ڏهاڙي جو هي پروگرام انتهائي منظم، بامقصد ۽ ڪامياب رهيو، جيڪو اسڪول، شاگردن ۽ ڳوٺ لاءِ يادگار لمحو بڻجي ويو.

اڄ گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ماھي خان دايو، تعلقو اوٻاوڙو ۾ سنڌ ثقافتي ڏهاڙو وڏي جوش، جذبي ۽ قومي اُتساهه سان ملهايو ...
13/12/2025

اڄ گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ماھي خان دايو، تعلقو اوٻاوڙو ۾ سنڌ ثقافتي ڏهاڙو وڏي جوش، جذبي ۽ قومي اُتساهه سان ملهايو ويو. اسڪول جو سمورو ماحول اجرڪ، ٽوپي، سنڌي موسيقي، ثقافتي رنگن ۽ خوشين سان ڀرپور هو، جتي هر چهري تي سنڌ سان محبت، فخر ۽ سڃاڻپ چمڪي رهي هئي.

تقريب جو باقاعده آغاز تلاوتِ قرآن پاڪ سان ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ قومي ترانو نهايت احترام ۽ جذبي سان پيش ڪيو ويو. ان موقعي تي ٻارن، استادن ۽ آيل معزز مهمانن گڏجي قومي يڪجهتي ۽ حب الوطني جو خوبصورت اظهار ڪيو.

هن شاندار ۽ بامقصد تقريب ۾ ناميارو تعليم دان محترم جناب سر گل حسن سومرو صاحب (پرنسپال پارس پبلڪ سيڪنڊري اسڪول اوٻاوڙو ۽ سابقه تعلقا صدر APSMA اوٻاوڙو)، قابلِ احترام سر وزير احمد ملڪ صاحب (گورنمينٽ پرائمري اسڪول ٽيچر GBPS بشيرآباد، سابقه پرنسپال الفلاح پبلڪ سيڪنڊري اسڪول اوٻاوڙو)، محترم جناب سر عرفان علي قمبراڻي صاحب (پرائمري اسڪول ٽيچر GBPS بشيرآباد)، ڳوٺ ماھي خان دايو جو نيڪ مرد، سماجي خدمتگار محترم جناب رياض احمد دايو صاحب (UC سيڪريٽري) ۽ محترم جناب ذوهيب احمد دايو صاحب (SMC چيئرمين GBPS ماھي خان دايو) سميت ٻين معزز شخصيتن خصوصي مهمان طور شرڪت ڪئي.

آيل سڀني معزز مهمانن کي سنڌ جي سڃاڻپ، محبت ۽ عزت جي علامت طور سنڌي اجرڪ جا تحفا پيش ڪيا ويا، جيڪا سنڌي مهمان نوازي ۽ ثقافتي عظمت جي خوبصورت روايت آهي.

ٻارن نهايت اعتماد، جذبي ۽ محنت سان شاندار تقريرون، ثقافتي ٽيبلوز ۽ مزاحيا خاڪا پيش ڪري محفل کي موهي وڌو، جن ۾ سنڌ جي تاريخ، تهذيب، محبت، امن ۽ ڀائيچاري جو پيغام چٽي نموني اجاگر ڪيو ويو.

معزز مهمانن پنهنجي خطابن دوران سنڌ جي قديم تهذيب، عظمت ۽ علمي ورثي تي تفصيلي روشني وڌي ۽ تعليم کي ترقي، شعور ۽ روشن مستقبل جو بنيادي ذريعو قرار ڏنو. هنن ٻارن کي نصيحت ڪئي ته هو محنت، نظم ۽ ضبط سان تعليم حاصل ڪن ته جيئن پاڻ سان گڏ پنهنجي والدين، اسڪول، ڳوٺ ۽ سڄي علائقي جو نالو روشن ڪن.

آخر ۾ اسڪول انتظاميا، استادن، مهمانن، والدين ۽ شاگردن جي گڏيل ڪوششن کي دل کولي ساراهيو ويو، جن جي محنت ۽ دلچسپي سبب هي ثقافتي تقريب ڪاميابي سان منعقد ٿي. اهڙيون تقريبون نه صرف سنڌي ثقافتي سڃاڻپ کي مضبوط ڪن ٿيون، پر نئين نسل ۾ قومي شعور، اعتماد ۽ تعليم سان سچي محبت به پيدا ڪن ٿيون.

سنڌ زندھ آباد
سنڌ جي ثقافت زندھ آباد!

CM Sindh
School Education & Literacy Department, Government of Sindh
Syed Sardar Ali Shah

10/12/2025

گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ماهي خان دايو جا معصوم ٻارڙا هن وقت فرنيچر جي سخت کوٽ سبب مناسب سهولت کان محروم آهن. درسَ ۽ تدريسَ جو اصل حسن تڏهن ئي نڪري ٿو جڏهن ٻار آساني، سُڪون ۽ مناسب ويهڪ سان پنهنجي تعليم تي ڌيان ڏئي سگهن.

هن ڳوٺ جا والدين، استاد ۽ باشعور ماڻھو پنهنجي دل جي گهراين سان هڪ گڏيل اپيل پيش ڪن ٿا ته:
معزز MPA جناب جام مهتاب حسين ڏهر صاحب
توهان هميشه هن علائقي جي ترقي، تعليم ۽ عوامي بهبود جي ڪم ۾ اڳواڻ رهيا آهيو، ۽ اسان کي يقين آهي ته اوهان جو دل تعليم جي خدمتن لاءِ هميشه کليل رهيو آهي.

ٻارڙا اوهان جي هڪ مهربان نظر جا منتظر آهن، ته جيئن اسڪول لاءِ فرنيچر، بينچون، ڊيسڪ ۽ ٻيون تعليمي سهولتون مهيا ڪري انهن کي هڪ روشن، منظم ۽ معیاري تعليمي ماحول ملي سگهي.
توهان جو ٿورو ساٿ اسان جي ٻارن جي مستقبل کي مضبوط، روشن ۽ بااعتماد بڻائي سگهي ٿو.

اسان کي اميد آهي ته اوهان پنهنجي روايتي شفقت، تعاون ۽ علائقائي ذميواريءَ جو ثبوت ڏيندي هن اهم ضرورت کي ضرور پورا ڪندا.

والدين، استاد، نوجوان ۽ ڳوٺاڻا
گورنمينٽ پرائمري اسڪول ماھي خان دايو

گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ماھي خان دايو ۾ حضرت محمد ﷺ جي ولادت باسعادت جي خوشي ۾ هڪ شاندار ۽ روح پرور پروگرام جو اهتم...
13/09/2025

گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ماھي خان دايو ۾ حضرت محمد ﷺ جي ولادت باسعادت جي خوشي ۾ هڪ شاندار ۽ روح پرور پروگرام جو اهتمام ڪيو ويو 🎉💐

پروگرام ۾ شاگردن طرفان نعت شريف، تقريرون ۽ مختلف مذهبي پيشڪشون پيش ڪيون ويون جن کي وڏي دلچسپي سان ٻڌو ويو 🌹📖.

ان موقعي تي اوٻاوڙو جي نامور شخصيت ۽ اوٻاوڙو بار جي معروف ايڊووڪيٽ جناب غلام مرتضیٰ دايو صاحب خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. هن نه صرف پنهنجي خوبصورت خيالن سان محفل کي رونق بخشي پر شاگردن ۽ استادن جي محنت ۽ جذبي جي به ساراهه ڪئي 🙌👏.

🎁 حصو وٺندڙ شاگردن کي انعام پڻ ڏنا ويا جنهن سان ٻارن جي چهري تي مسڪراهٽ ۽ جوش ڏسڻ وٽان هو ✨.

🌟 هيڊ ماستر استاد منصور احمد جويو صاحب
🌟 استاد تنوير احمد مغل صاحب
🌟 استاد الهرڪيو شر صاحب پاران ايڊوڪيٽ صاحب کي شرڪت ڪرڻ تي شڪريه ادا ڪيو ويو.

🌺 اهڙا پروگرام نه صرف ٻارن جي صلاحيتن کي اجاگر ڪن ٿا پر سندن ديني ۽ اخلاقي تربيت ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا 🌺.

اڄ اسان جي گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ماهي خان دايو تعلقو اوٻاوڙو ۾ سيرت النبي ﷺ جو بابرڪت پروگرام هڪ شاندار ۽ يادگار ...
13/09/2025

اڄ اسان جي گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ماهي خان دايو تعلقو اوٻاوڙو ۾ سيرت النبي ﷺ جو بابرڪت پروگرام هڪ شاندار ۽ يادگار ڏينهن بڻجي ويو، جڏهن جناب علي حسن منصوري صاحب (جنرل سيڪريٽري جماعت اسلامي اوٻاوڙو) خصوصي مهمان طور شرڪت ڪئي۔ 🙏🌸
اوھان نه رڳو ٻارن سان محبت ڀريو وقت گذاريو پر پنهنجي پراثر خطاب ۾ حضور پاڪ ﷺ جي حيات مبارڪ جا اهم سبق اسان جي ٻارن جي دلين تائين پهچايا۔ ٻارن جي چهري تي خوشي، اکين ۾ چمڪ ۽ سکڻ جو شوق ڏسي هر ڪنهن جو دل خوش ٿي ويو ❤️✨
استادن جي محنت، ٻارن جي ذهانت ۽ مهمانِ خاص جي حوصلا افزائي گڏجي هڪ اهڙو ماحول پيدا ڪيو جيڪو هميشه لاءِ يادگار رهندو۔ 👏📚
اسان دل جي گهراين سان جناب علي حسن منصوري صاحب جا ٿورائتا آهيون، جن پنهنجي قيمتي وقت مان حصو ڪڍي اسان جي ٻارن کي نه صرف علمي پر روحاني روشني به ڏني۔ 🌟🤲

الله پاڪ اوهان کي هميشه خوش ۽ سلامت رکي ۽ اسان جي ٻارن لاءِ اوهان جي اهڙي سرپرستي ۽ دعائن جو سلسلو جاري رکي۔ 💐

خير انديش
استاد تنوير احمد مغل

A Heartfelt Thank You to Ali Raza Fazil FoundationToday, on 24-05-2025, we had the immense pleasure of welcoming the ded...
24/05/2025

A Heartfelt Thank You to Ali Raza Fazil Foundation

Today, on 24-05-2025, we had the immense pleasure of welcoming the dedicated team of Ali Raza Fazil Foundation to Government Primary School Mahi Khan Dayo Ubauro.

Their visit brought not just smiles but also valuable educational resources for our students. The distribution of study materials under Phase 1 of their initiative is a remarkable step toward promoting education and supporting young minds.

We are truly grateful for their continued efforts, compassion, and commitment to the cause of education. Your support is lighting the path for a better future for our children.

Thank you once again, Ali Raza Fazil Foundation!

10/05/2025
10/05/2025

جب وطن پر آن پڑی، تو طلبہ بھی میدان میں آ نکلے۔
یہ جذبہ، یہ حوصلہ ہمارے روشن مستقبل کی ضمانت ہے

پاکستان نے بھارت کی جارحیت کے جواب میں "آپریشن بنیان المرصوص" کا آغاز کیا اور دشمن کو جرأت مندانہ اور شاندار انداز میں منہ توڑ جواب دیا۔
*گورنمنٽ بوائز پرائمری اسکول ماہی خان دایو، تعلقہ اوباڑو* کے اساتذہ اور طلبہ نے جذبۂ ایمانی، حبُ الوطن اور غیرتِ قومی سے سرشار ہو کر پُرجوش خراجِ عقیدت پیش کیا۔ قوم کو جرأت مندانہ جوابی کارروائی پر دلی مبارکباد دی گئی۔
یہ وہی جذبہ ہے جو شہداء کی قربانیوں کو زندہ رکھتا ہے، جو دشمن کے ہر وار کو ناکام بناتا ہے، اور جو پاکستان کے روشن، محفوظ اور خودمختار مستقبل کی ضمانت ہے۔

*پاکستان زندہ باد، افواجِ پاکستان پائندہ باد*

جب وطن پر آن پڑی، تو طلبہ بھی میدان میں آ نکلے۔یہ جذبہ، یہ حوصلہ ہمارے روشن مستقبل کی ضمانت ہےپاکستان نے بھارت کی جارحیت...
10/05/2025

جب وطن پر آن پڑی، تو طلبہ بھی میدان میں آ نکلے۔
یہ جذبہ، یہ حوصلہ ہمارے روشن مستقبل کی ضمانت ہے

پاکستان نے بھارت کی جارحیت کے جواب میں "آپریشن بنیان المرصوص" کا آغاز کیا اور دشمن کو جرأت مندانہ اور شاندار انداز میں منہ توڑ جواب دیا۔
گورنمنٽ بوائز پرائمری اسکول ماہی خان دایو، تعلقہ اوباڑو کے اساتذہ اور طلبہ نے جذبۂ ایمانی، حبُ الوطن اور غیرتِ قومی سے سرشار ہو کر پُرجوش خراجِ عقیدت پیش کیا۔ قوم کو جرأت مندانہ جوابی کارروائی پر دلی مبارکباد دی گئی۔
یہ وہی جذبہ ہے جو شہداء کی قربانیوں کو زندہ رکھتا ہے، جو دشمن کے ہر وار کو ناکام بناتا ہے، اور جو پاکستان کے روشن، محفوظ اور خودمختار مستقبل کی ضمانت ہے۔

پاکستان زندہ باد، افواجِ پاکستان پائندہ باد

Address

Village Mahi Khan Dayo, Taluka Ubauro District Ghotki Sindh
Ubauro
65030

Opening Hours

Monday 08:30 - 14:00
Tuesday 08:30 - 14:00
Wednesday 08:30 - 14:00
Thursday 08:30 - 14:00
Friday 08:30 - 12:30
Saturday 08:30 - 14:00

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Government Boys Primary School Mahi Khan Dayo, Taluka Ubauro posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share

Category