23/05/2026
آل پرائيوٽ اسڪول ڊسٽرڪٽ گهوٽڪي،ضلع گهوٽڪي ۾ تعلقي اوٻاوڙو جي 23 اسڪولن شرڪت ڪري پنهنجي تعليمي صلاحيتن جو شاندار مظاهرو ڪيو. ان مقابلي واري ماحول ۾ اسڪول چيئرمين شاه محمد چاچڙ جي اسڪول “دي سٽيزن پبلڪ هاءِ اسڪول مريد شاخ” جي ڏهين ڪلاس جي قابل شاگرد محمد شريف ولد نور محمد پهرين پوزيشن حاصل ڪري اسڪول، استادن ۽ والدين جو نالو روشن ڪري ڇڏيو.
محمد شريف پنهنجي محنت، ذهانت ۽ استادن جي بهترين رهنمائي جي بدولت نمايان ڪاميابي ماڻي ۽ انعام طور ليپ ٽاپ پنهنجي نالي ڪري ورتو. هي ڪاميابي نه صرف شاگرد جي روشن مستقبل جي عڪاسي ڪري ٿي پر اسڪول جي معياري تعليم، نظم و ضبط ۽ تعليمي ماحول جو پڻ ثبوت آهي.
اسان چيئرمين شاه محمد چاچڙ، اسڪول جي سموري اسٽاف، والدين ۽ خاص طور تي محمد شريف کي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪريون ٿا ۽ دعاگو آهيون ته اهڙيون ڪاميابيون مستقبل ۾ به جاري رهن.