Gbps-M Ayoub kehar Thul-Jacobabad

Gbps-M Ayoub kehar Thul-Jacobabad about Education

ضروري اطلاع: سالياني امتحانن جو آغاز​محترم والدين ۽ پيارا شاگردو،​توهان کي اطلاع ڏجي ٿو ته اسڪول ۾ ڪلاس چوٿين (4th) ۽ پن...
01/03/2026

ضروري اطلاع: سالياني امتحانن جو آغاز

​محترم والدين ۽ پيارا شاگردو،
​توهان کي اطلاع ڏجي ٿو ته اسڪول ۾ ڪلاس چوٿين (4th) ۽ پنجين (5th) جا سالياني پيپر سڀاڻي کان شروع ٿي رهيا آهن. تفصيل هيٺ ڏجن ٿا:

​شروعاتي تاريخ: 2 مارچ 2026 (سڀاڻي)
​پيپر جو وقت: صبح جو 08:00 بجي
​امتحاني شيڊول ۽ ڪجهه ضروري هدايتون هيٺ ڏجن ٿيون:

​وقت جي پابندي: سمورا شاگرد پيپر شروع ٿيڻ کان گهٽ ۾ گهٽ 15 منٽ اڳ اسڪول پهچي وڃن.
​تياري: والدين کي گذارش آهي ته ٻارن جي پڙهائيءَ تي خاص ڌيان ڏين ۽ کين گهر کان مڪمل تياري ڪرائي موڪلين.
​امتحاني سامان: شاگرد پاڻ سان گڏ قلم، ڪلپ بورڊ، پينسل باڪس ۽ گهربل سامان لازمي کڻي اچن.
​پيغام: محنت ڪاميابيءَ جي ڪنجي آهي. اسان جي دعا آهي ته شال سڀ ٻار سٺن نمبرن سان پاس ٿين.
​نيڪ تمنائون،
ھيڊ ماستر
گورنمينٽ پرائمري اسڪول
محمد ايوب ڪيھر

جہاںاستاد باوقار ہوشاگرد باکردار بنتے ہیں۔عزت سے دی گئی تعلیمنسلیں سنوار دیتی ہے
29/01/2026

جہاں
استاد باوقار ہو
شاگرد باکردار بنتے ہیں۔
عزت سے دی گئی تعلیم
نسلیں سنوار دیتی ہے

سنڌ حڪومت جي معزز ذميوارن کي نهايت مودبانہ اپيل ڪريون ٿا ته سياري جي موڪلن بابت فيصلي تي ٻيهر غور ڪيو وڃي. سياري جي سختي...
08/01/2026

سنڌ حڪومت جي معزز ذميوارن کي نهايت مودبانہ اپيل ڪريون ٿا ته سياري جي موڪلن بابت فيصلي تي ٻيهر غور ڪيو وڃي. سياري جي سختيءَ کان اڳ ئي موڪلون شروع نه ڪيون وڃن ته جيئن ننڍن ٻارن، استادن ۽ والدين کي پريشانيءَ کي منهن نه ڏيڻو پوي.

اسان جي سنڌ جي وڏي آبادي ڳوٺاڻن علائقن تي مشتمل آهي، جتي غربت سبب ڪيترائي ٻار پنهجي معصوم ڄمار ۾ به ننگي پيرن، بغير گرم ڪپڙن جي علم حاصل ڪرڻ لاءِ اسڪول اچن ٿا. اسان جو اخلاقي فرض آهي ته اهڙن ٻارن جي حفاظت کي ترجيح ڏيون.

اميد ته سنڌ حڪومت ان ڳالهه کي سنجيدگيءَ سان وٺندي ۽ انساني بنيادن تي رحم ڪندي موسم جي شدت کان اڳ موڪلن جو اعلان نہ ڪندي.

01/01/2026

Welcome back to School

12/12/2025

سنڌ جا سمورا ادارا سڌري ويا جن جي ايمانداري جا مثال بين الاقوامي سطح تي ملڻ لڳا، باقي تعليم کاتي جا استاد بچيا جيڪي گوسٽ آهن جن جي حاضري يقيني بڻائڻ لاءِ وڏا ڪٽڪ ۽ لشڪر مقرر ڪيا ويا آهن جن ۾:

1.بايوميٽرڪ اسسٽنٽس
2.بايوميٽرڪ آفيسرس
3.چيف مانيٽرنگ آفيسر

انکانسواءِ تعليم کاتي جا آفيسر جن ۾
1.تعلقه ايجوڪيشن آفيسر صاحب
2. اسسٽنٽ ايجوڪيشن آفيسر صاحب
3.ڊپٽي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر صاحب
4.ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر صاحب
5.اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ايجوڪيشن صاحب
6.ڊپٽي ڊائريڪٽر ايجوڪيشن صاحب
7.ڊائريڪٽر ايجوڪيشن صاحب
تنهن کانسواءِ وقت بوقت روينيو جي ملازمن جا دورا ته ڪڏهن وري تعليمي ادارا لوڪل گورنمينٽ جي نگراني هيٺ يا ڪورٽ سڳوري جي ججز صاحبان جون باوردي پوليس هٿياربند محافظن سان اسڪولن جا دورا نيٺ استاد کي گرفت ۾ ڪري سنڌ جي ڏيڍ ٻه لک استادن جي اسڪولن ۾ حاضري يقيني بڻائي وئي پر وري به ڪجھ مهينا اڳ ڪورٽ ۾ تعليم کاتي جي جمع ڪرايل رپورٽ مطابق ته لڳ ڀڳ 5 هزار استاد گوسڙو آهن.

هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ايڏي فوج جي نگراني باوجود استادن جي نگراني ڪورٽ سڳوريءَ حوالي ٿئي پئي ته ايترا واندا ماڻهو رکڻ جو فائدو ڪهڙو؟ مطلب ته اهي سمورا نا اهل آهن انهن کي فارغ ڪيو وڃي اجائي پگهارون پيا کڻن.
جڏهن مجموعي طور سمورن شين جو جائزو ٿو وٺجي ته کوڙ سارا سوال ٿا اڀرن:

سنڌ جي تعليم آخر ڇو نه ٿي سڌري ۽ سنڌ جا ادارا تباھ ڇو آهن؟

جڏهن تعلقي ايجوڪيشن آفيسر هجي يا ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر يا وري ڊائريڪٽر سطح جو آفيسر هجي سمورن جي مقرري MPAs يا MNAs ۽ منسٽرس جي NOC تي مشروط هجي يا وري سيڪريٽريٽ ۾ ڏيتي ليتي ذريعي ڪئي وڃي ته اتي ڪهڙي سوڌر ايندي؟

ٻيو ته ٺهيو جيڪي ڪرپشن جا ماهر ۽ دولت هڙپڻ جا اجگر هجن انهن تي وري DDOs جي برسات ٿيندي آهي. ان جو به ڏوھ استاد تي؟

جتي کنڊر بڻيل درسگاهن جي مرمت ڪندڙ ٺيڪيدار کي ٽينڊر نيلام ٿي ملن ۽ انهن جي جانچ پڙتال جو الڪو ڪنهن کي نه هجي اتي استاد درخواستون آفيسن ۾ روليندو وتي ته ڪو رسيو ڪرڻ وارو نه هجي ۽ استاد شاگردن سان گڏجي بلڊنگ جي مرمت لاءِ احتجاج ڪن پر ڪو ٻڌڻ وارو نه هجي، اهو ڏوھ به استاد تي؟

جتي استاد جي اسڪولن ۾ مقرري جو ڪو به معيار ۽ پاليسي نه هجي، جتي سئو کان مٿي سراسري آهي ته اتي فقط هڪ استاد ۽ ڪٿي 50 شاگردن آهن ته اتي چار چار استاد مقرر هجن به ڏوهي استاد؟

تعليمي ادارن ۾ استاد جي حاضري کي يقيني بڻائڻ پٺيان اصل حقيقتون ئي ٻيون نظر پيون اچن:

اسڪولن جي فرنيچر لاءِ کربين روپيا ملن ٿا اها رقم اتان ئي ڪامورن MPAs، MNAs وزيرن مشيرن وچ ۾ ونڊ ورهاست ڪئي ٿي وڃي ان تي نه ڪا ڪميشن ٿي جڙي ۽ نه ئي ڪا رپورٽ شايع ٿيندي ۽ نه ئي ڪنهن ڪرپٽ ڪاموري کي سزا ملندي؟
ڇو ته جتي پنج هزار روپين واري ڊيسڪ اسڪولن لاءِ سرڪار طرفان 29 هزارن ۾ خريد ڪئي ٿي وڃي ۽ ڪورٽ سڳوري ان رقم واري ٽينڊر کي درست قرار ڏئي ته پوءِ به ڏوهي استاد هوندو!

استاد کي سالياني SMC فنڊ ۾ 12 هزار ملن ٿا جنهن رقم تي سرڪار واري هڪ ڊيسڪ به خريد نه ٿي سگهندي ان SMC واري مليل رقم جي جانچ لاءِ به پنج پنج ڪميٽيون جڙنديون آهن اهڙي سوالنامن کانپوءِ استادن جي ڪثير تعداد SMC وٺڻ ڇڏي ڏني.

سنڌ جي سمورن درسگاهن ۾ ڏسو ڪهڙي MPAs، MNAs وزيرن مشيرن يا ڪامورن جو اولاد تعليم پرائيندو هجي جنهن لاءِ هنن کي اونو هجي؟
هي ته سڀ بجيٽون چوري ڪري پنهنجي اولاد تعليم پرائڻ لاءِ ولايت ٿا موڪلين ان صورت ۾ هنن کي اهنج ئي ڪو ٻيو هوندو۔

تعليم کاتي جي نه برابر ملندڙ بجيٽ کي به ڄور لڳل آهن، جيڪي غريب عوام جون بجيٽون هڙپ ڪن تن کي ڀلا هن قوم جي معمارن لاءِ دل ۾ ڪهڙو درد هوندو؟
هن قوم جي غريب ۽ بي پهچ طبقي کي ملندڙ تعليم تي به ڪي فرد ارها آهن جيڪي استادن کي ھيسائي حراسان ڪري ذهني مفلوج پيا بڻائين ڇوته ذهني طور پريشان استاد ڀلا ڪهڙي معياري تعليم مهيا ڪري سگهي ٿو.

جنهن به کاتي ۾ ڏسو ملازمن جو گوسڙو طبقو موجود آهي، آفيسن ۾ صبح 11 وڳي کانپوءِ مرضي سان آفيشل اسٽاف پهچي ٿو پر وري به آفيسرن جي ڪابه خبر چار نه هوندي آهي، گزيٽيڊ آفيسرن جي مرضي ئي سندن قانون آهي.
باقي واويلا فقط استاد طبقي خلاف ئي ڇو؟
هن معاشري ۾ ڏوهي وري به پڙهائيندڙ استاد آهي جيڪو پنهنجي سچائي جي سزا ڀوڳيندو آهي.

جڌهن ته ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي ٿيل تازي سروي رپورٽ ۾ تعليم کاتي ڪرپشن جي چٽاڀيٽي ۾ سٺا نمبر کڻي اول پوزيشن ماڻي ورتي، ان جي تهمت به استاد تي هڻي پنهنجي جان آجي ڪريو.

هن سال IBA تحت مقرر ٿيل استادن کي گذريل ڏهن مهينن کان پگهار نه ملي اهي هن مهانگائي دوران ڪهڙي صورتحال ۾ ڊيوٽيز سرانجام پيا ڏين انهن کان ته ڪنهن ڪو پڇي ئي ڪونه پيو!
پوءِ به ڏوهي استاد۔
مون کي ته لڳي ٿو تعليم کاتي پويان هٿرادو واويلا ڪري بدنام بڻائي کاتي کي پرائيويٽ بڻائڻ لاءِ راھ هموار ڪئي پئي وڃي.

جڏهن ته SEF يعني سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن نالي پراجيڪٽ ذريعي بلين روپين جي ڪرپشن ڪئي ٿي وڃي جنهن ۾ سواءِ چند ادارن جي باقي سڀ ڪمائڻ واري ڌنڌي ۾ لڳل آهن۔

اهڙن پراجيڪٽس جا وڏا ٺيڪيدار ئي سنڌ جي سرڪاري اسڪولن پويان پيل آهن جيڪي چاهن ٿا ته تعليم کاتي جي نجڪاري ٿئي ۽ سندن وارا نيارا ٿين۔

ڪاپي # #

Morning Assembly @GBPS- Muhammad Ayoob Kehar..
08/12/2025

Morning Assembly @
GBPS- Muhammad Ayoob Kehar..

اسڪول اسان جو ٻيو گهر آهي. جيئن گهر ۾ خراب ٿيل شيءَ پاڻ ٺيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون، تيئن اسڪول جو خيال رکڻ به اسان جي ذم...
04/12/2025

اسڪول اسان جو ٻيو گهر آهي. جيئن گهر ۾ خراب ٿيل شيءَ پاڻ ٺيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون، تيئن اسڪول جو خيال رکڻ به اسان جي ذميواري آهي.
اڄ اسان پنهنجي اسڪول جي پاڻي جي نلڪي کي پنهنجي مدد پاڻ تحت ٺيڪ ڪيو.
سکيا صرف ڪتابن مان نه، پر اهڙن ڪم مان به ملي ٿي، جتي پاڻ ڪري ڏيکاري سگهجي.
تعليم سان گڏ ٻارن کي ذميواريءَ جو احساس به سيکارڻ گهرجي.

علم جي ڪيتري اھميت آھي اُھا ھن نوجوان جي زباني پاڻ ٻُڌو ۽ ان تي عمل به ڪيو.والدين کي گُذارش آهي تہ پنھنجي ٻارن کي پابندي...
29/11/2025

علم جي ڪيتري اھميت آھي اُھا ھن نوجوان جي زباني پاڻ ٻُڌو ۽ ان تي عمل به ڪيو.
والدين کي گُذارش آهي تہ پنھنجي ٻارن کي پابندي سان اسڪول موڪليو، انھن جي تعليم تي ڌيان ڏيو ته جيئن، اُھي وڏا ٿي معاشري جي ذميدار فردن ۾ شمار ٿين ۽ توھان جو ۽ توھان جي خاندان جو نالو روشن ڪن....

18/11/2025
📢 والدين لاءِ اهم اطلاعمحترم والدين بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (BISP) جي نئين پاليسي مطابق، جيڪي ٻار اسڪول مان غير حاضر ر...
15/11/2025

📢 والدين لاءِ اهم اطلاع

محترم والدين

بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (BISP) جي نئين پاليسي مطابق، جيڪي ٻار اسڪول مان غير حاضر رهندا، انهن جو تعليمي وظيفو فوري طور بند ٿي ويندو۔

پاليسي مطابق:

جيڪڏهن مانيٽرنگ ٽيم جي اچڻ وقت ٻار غير حاضر مليو ته سندس وظيفو فوري روڪي ڇڏيو ويندو۔

جيڪڏهن ڪنهن ٻار جي ماهواري حاضري 20 ڏينهن کان گهٽ رهي ته سندس تعليمي وظيفو معطل ڪيو ويندو۔

تمام والدين کي گذارش آهي ته پنهنجي ٻارن کي باقاعدي ۽ پابنديءَ سان اسڪول موڪليو ته جيئن انهن جو وظيفو جاري رهي۔

اسڪول انتظاميا روزاني بنيادن تي حاضري جي سخت جانچ ڪري رهي آهي۔

ٻارن جي روشن مستقبل لاءِ توهان جي تعاون جي ضرورت آهي۔
مهرباني

07/10/2025

گھر کان پري ٽرانسفر ڪري ھاڻي انھن کان پئسا وٺي وري واپس ساڳئي جڳھ تي رکيو ويندو.
تعليم کاتو نه پر ڪرپشن کاتو بڻجي چڪو آھي جنھن ۾ منسٽر ، سيڪريٽري ايجوڪيشن ، ڊي اي او کان ويندي استاد تنظيمن تائين سڀ مليل آھن.

Address

Village Muhammad Ayoub Kehar
Thul
79000

Telephone

+923023187108

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Gbps-M Ayoub kehar Thul-Jacobabad posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The School

Send a message to Gbps-M Ayoub kehar Thul-Jacobabad:

Shortcuts

Share

Category