GGPS Jalaluddin Jafferi

GGPS Jalaluddin Jafferi We are striving to provide standard education to Girls.

�Our promise�
�Standard Education�

11/12/2023

استاد

استاد ورڊ بينڪ (قيمتي الفاظ) جو مئنيجر آهي ان سان گڏ اسڪول ۾ قوم جي قيمتي امانت يعني ٻارن کي تهذيبي، تمدني، جسماني خواه روحاني تعليم به ڏئي ٿو سٺي استاد جو فرض آهي ته هو پنهنجو ڪم محنت ۽ انساني خدمت جي جذبي سان ادا ڪري ۽ ضروري آهي ته هو شاگرد جي نفسيات کان واقف هجي، تدريس جي طريقي جي اهليت رکندو هجي ۽ شاگردن کي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ آماده ڪري سگهي، پنهنجا خيالات چڱيءَ طرح سان بيان ڪري سگهي.
شاگردن جي سنڀال هڪ مشڪل مرحلو آهي مگر نظرداري ڪرڻ استاد جي ذميواري آهي ان کان ڪو به انڪار نه ٿو ڪري سگهي ته ماءُ جي هنج ٻار جو پهريون مڪتب آهي، پر ان کان پوءِ استاد ئي آهي جيڪو ٻار کي انسان بنائي ٿو.
سٺي استاد لاءِ لازمي آهي ته شاگردن جي مسئلن کان مڪمل واقف هجي ۽ انهن کي سهڻِ نموني حل ڪري.
استاد بردبار، جفاڪش، خوش مزاج هجي،
خوش اخلاق ۽ خوش مزاج استاد ئي عوام ۾ پنهنجو اعلى مقام حآصل ڪري سگهي ٿو.
استاد معاشري جي معزز شخصيت آهي، جنهن کي هر هنڌ عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي. آڳاٽي زماني ۾ حڪومت جا اعلى عملدار پنهنجي عزت ئي انهيءَ ۾ سمجهندا هئا جو هو سفر وقت وڃي ڪنهن نه ڪنهن استاد وٽ رهندا هئا انهن جي نظرن ۾ استاد کان وڌيڪ ميزز ۽ مهمان نواز ڪو ٻيو شخص نه هو ۽ هو ان ڳالهه کي فخر سان چوندا هئا ته اسين استاد وٽ مهمان ٿي آياسين.
اُهي با اخلاق، رلڻا ملڻا، محبتي ۽ وهنوار جا سچا، لالچ کان بالاتر ۽ حرص کان پري هئا. انهيءَ سببن جي ڪري استاد کي مقبول شخصيت مڃيو ويندو هيو.
استاد کي وقت جو پابند رهڻو پوي ٿو جيڪڏهن پاڻ وقت جي پابندي نه ڪندو ته ان جو اثر شاگردن تي به پئجي سگهي ٿو، اهو استاد ئي آهي جيڪو عالم، فاضل، ڊاڪٽر، انجنيئر، صدر، وزير اعظم ۽ ٻيا ڪيترائي عملدار پيدا ڪري ٿو. ”قوم جي هر فرد جي تقدير آهي استاد“ ٻيا ته سڀ هنرمند پنهنجو فن ڳجهو رکندا آهن پر ويچارو استاد ايڏو ته سخي آهي جو هو پنهنجو علم ته سيکاري ٿو پر ٻين کان علم سکي به ٻارن کي سيکاري ٿو.
سٺي استاد هجڻ لاءِ هو پاڻ اسڪول اندر يا ٻاهر اٿڻي ويهڻي، رهڻي ڪهڻي جي طور طريقن ۾ اهڙو ڪردار ادا ڪري جيئن پاڻ مثالي نمونو هجي جنهن مان شاگرد به سبق حاصل ڪري سگهن پر اڄ جا استاد نهن سڀني ڳالهين کي وساري حرص ۽ لالچ جي پويان پيل آهن، معاشرو به انهن چند استادن کي حقارت جي نظر سان ڏسي ٿو.
جيڪڏهن استاد پنهنجي عظمت جو پاڻ محافظ نه آهي ته سندس هٿ ۾ جيڪا معمارن جي واڳ آهي اها ڍلي ٿي پوندي، انڪري مستقبل جي معمارن جو محافظ ٿي پنهنجو حق ادا ڪري جيئن شاگرد به ان جي پيروي ڪن.
حضرت علي ڪرم الله وجهہٗ جو قول آهي ”شاگرد استاد جو اهڙو ته گرويده ٻانهو آهي جنهن جي ڳچيءَ مان غلاميءَ جو ڳٽ موت کان سواءِ نٿو نڪري

10/12/2023

لفظ تعليم جي حقيقي معنيٰ ۽ مفهوم کي سمجهڻ لاءِ پاڻ اعليٰ پائي جي تعليمدانن طرفان بيان ڪيل تعليم جي وصفن کي هتي پڙهنداسين. تعليم جي وصف بابت چيو وڃي ٿو ته لفظ (Education) لاطيني ٻولي جي هنن لفظن مان ورتو ويو آهي.
a) ' Educare' which means "to bring out" or "to nourish".
b) ' educare' which means "to lead out" or " to draw out".
c) ' Educatum' which means “act of teaching" or” training".
d) ' Educatus' which means “to bring up, rear, educate".
ان کان علاوه يوناني ٻولي جو لفظ (Pedagogy) پڻ لفظ تعليم توڙي پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جي عمل بابت استعمال ٿيندو رهندو آهي. ان کان علاوه هندستان ۾ هڪ لفظ استعمال ڪيو ويندو آهي ” شڪشا “ جنهن جي معني پڻ پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جي عمل ڏانهن منسوب ٿيل آهي. ڪنهن جي صلاحيتن کي هڪ مخصوص عمل مان گذاري ڪري کيس انهن جي قابل استعمال بنائڻ جي عمل کي پڻ تعليم چئي سگهجي ٿو. توهان تعليم جي وصف کي پنهنجي ڪنهن به خيال يا انداز بيان ۾ لکي، پڙهي توڙي سمجهي سگهو ٿا. تعليم جي اهميت بابت دنيا جي وڏن مفڪرن، اديبن ۽ ڏاهن پنهنجا رايا الڳ قائم ڪيا آهن. ڪجھ مفڪرن جا خيال هڪجهڙا محسوس ٿين ٿا ته وري ڪجھ مفڪرن جا هڪ ٻي کان بنھ الڳ. ان لاءِ پاڻ هتي تعليم جي انهي وصف کي بيان ڪريون ٿا جيڪا وصف عالمي ليول تي مڃيل ۽ قبول ڪيل وصف آهي.

” تعليم، اُنهي عمل کي چئبو آهي جنهن جي نتيجي ۾ روين جي تبديلي رونما ٿئي“.

هاڻ اِها ڳالھ بلڪل واضع ٿي چُڪي آهي ته تعليم جي اچڻ سان فرد جي منفي روين توڙي لاڙن جو خاتمو اچي ٿو ۽ فرد ۾ مثبت رويا توڙي لاڙا جنم وٺن ٿا. اِنهي نون لاڙن جي نتيجي ۾ ڳوٺ، شهر، معاشرو، توڙي ملڪ ترقي طرف سفر ڪرڻ شروع ڪري ٿو. ڇو ته مثبت شيون هميشه مثبت عملن کي جنم ڏينديون آهن. منفي شيون هميشه منفي نتيجا ئي ڏينديون آهن. پاڻ تعليم کي هڪ اهڙو سگهارو اوزار تصور ڪري سگهون ٿا جنهن وسيلي هن دنيا منجھ هر هڪ تصور ۽ خيال کي ٽوڙي سگهجي ٿو. انهي جي جاءِ تي جديد ۽ ڪار آمد خيال کي توسيع ڏئي سگهجي ٿي. تعليم بنا معاشرو اپاهج ۽ انهي معاشري ۾ رهندڙ فردن جا ذهن مڪمل طرح سان اونداھي جي لپيٽ ۾ هوندا آهن. جنهن سبب انهن ماڻهن ۾ ڪا به تخليق، ڪا نئي سوچ نه ٿي اُڀري ۽ اُهي معاشرا جانورن واري زندگي گهارڻ تي مجبور هوندا آهن. اِن کان علاوه تعليم جون کوڻ ساريون وصفون آهن. ڪجھ وصفون هتي بيان ڪجن ٿيون.

تعليم زندگي آهي
تعليم کان بنا زندگي بي مقصد، بي سوادي توڙي ائين آهي جئين ڪنهن حيوان جي زندگي هجي. زندگي جو هر هڪ جوهر تعليم جو گهرجائو هوندو آهي. تعليم سان ئي زندگي آهي.

تعليم تربيت آهي
انسان ۾ جيتوڻيڪ قدرت واري پنهنجو هڪ الڳ دلڳ فطري سرشتو جوڙيو آهي. جنهن ۾ کيس عقل جهڙي نعمت پڻ عطا ڪئي اٿس. ليڪن اُن جي باوجود سندس ذهن، صلاحيتن، قابليتن ۽ مهارتن کي هڪ دڳ گهربل هوندو آهي ۽ اهو دڳ، اهو گس کيس تعليم ئي عطا ڪندو آهي جنهن تي هلي ڪري هو پنهنجي مهارتن جو درست استعمال ڪندو آهي.

تعليم روين ۾ سڌارو آڻي ٿي
تعليم جي اچڻ کان پوءِ انساني عقل تمام تر ٿوري عرصي ۾ تمام تر تيز رفتار سان ترقي ڪئي آهي ۽ ڪائنات جي انيڪ رازن ۽ رمزن کي ڳولي لڌو اٿائين. تعليم جي اچڻ سان انساني روين ۾ پڻ تبديلي آئي آهي. انسان جي رهڻ ڪهڻ، گهمڻ ڦرڻ توڙي ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ گهڻو بدلاءُ آيو آهي.

تعليم مقصدن کي رستو ڏيندي آهي
انساني زندگي جا اهم مقصد هڪ مخصوص قسم جي حڪمت عملين جا گهرجائو هوندا آهن. بنا ڪنهن طرفي جدوجهد جي ڪنهن به مقصد کي حاصل نه ٿو ڪري سگهجي. تعليم انسان کي انهن مقصدن جي حاصلات لاءِ هڪڙي راھ عطا ڪندي آهي.

تعليم ڳانڍاپي جو عمل آهي
تعليم هڪ اِهڙو عمل آهي جنهن ۾ مختلف ذهن ڪنهن خاص فڪر، فلسفي توڙي خيال تي اجتماعي صورت ۾ غور ويچار ڪندا آهن ۽ اُنهي متعلق هڪ ٻي سان ويچار ونڊيندا آهن. اِهڙي ريت هڪ شئي جو ٻي سان ڳانڍاپو ظاهر ٿيندو آهي ۽ انهي ڳانڍاپي جي صورت ۾ ڪائنات جي اصل سونهن جي پروڙ پوندي آهي. تعليم سان ئي هن دنيا جي جوڙجڪ، هن سماج جو حُسن ۽ انساني معراج لاڳاپيل آهي. تعليم کان بنا ڪنهن به جديد شئي جي وجود ۾ اچڻ جو قطعي به تصور نه ٿو ڪري سگهجي. دنيا اندر سڀني سائنسدانن علم جي معراج تي پهچڻ کان پوءِ ئي نت نيون شيون تخليق ڪيون. جيڪي هن وقت پوري دنيا جي ماڻهن جي استعمال ۾ مختلف روپن ۾ آهن. هاڻ تعليم جي بيان ڪيل سڀني وصفن کي مد نظر رکندي اهو چئي سگهجي ٿو ته تعليم کان سواءِ انساني سوچ ترقي نه ڪري سگهي ها ۽ هن جديد دنيا جي سڀني مظهرن ۽ لقائن کي ڏسي ڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته هي سڀ ترقيون تعليم جو ئي معجزو آهي.

Basic English Notes
09/12/2023

Basic English Notes

Address

UC Sherwah
Thul
79100

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when GGPS Jalaluddin Jafferi posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share

Category