GSTA District Thatta

GSTA District Thatta Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from GSTA District Thatta, Educational consultant, Makli, Thatta.

*استادن جا حق ڪنهن جي بخشش سان نہ، جدوجهد سان حاصل ڪبا.اچو تہ گڏ ٿيون، پنهنجي آواز کي طوفان بڻايون!سنڌ ايمپلائيز الائنس ...
25/06/2025

*
استادن جا حق ڪنهن جي بخشش سان نہ، جدوجهد سان حاصل ڪبا.
اچو تہ گڏ ٿيون، پنهنجي آواز کي طوفان بڻايون!

سنڌ ايمپلائيز الائنس (SEA) پاران استادن ۽ سرڪاري ملازمن جي حقن لاءِ

📍 تاريخ: 30 جون 2025
📍 جڳھ: ڪراچي
📍 ايڪشن: ڀرپور مظاهرو

گسٽا، ضلعي ٺٽي جا محترم سڀني تعلقن جا صدران ۽ جنرل سيڪريٽريز.

توهان کي آگاهي ڏجي ٿي تہ گسٽا ضلعي ٺٽي جي بهادر
صدر سائين غلام نبي خشڪ جي قيادت ۾ اسان سنڌ جي ساڃاه وندن، محنتڪش استادن ۽ ملازمن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي 30 جون تي ڪراچيءَ جي تاريخي مظاهري ۾ شرڪت ڪرڻ پيا وڃون.

اوهان سڀني کان پُرجوش اپيل آهي ته:

پنهنجي تعلقن جي سڀني استادن کي منظم ڪريو
ڀرپور شرڪت جو بندوبست ڪيو
پنهنجو آواز طاقت سان بلند ڪريو
پنھنجن حقن لاءِ نڪرو
اچو ته اتحاد جي قوت ڏيکاريون، غلام نبي خشڪ جي اڳواڻيءَ ۾ تاريخ رقم ڪريون.

(ھي نعرہ جيڪي اوهان مظاهري ۾ پوسٽرن تي لکي اچجو)

استاد جي توهين بند ڪريو، استادن جي حقن جو تحفظ ڪيو.
"تعليم جي بقا لاءِ – استاد متحد آهن!
مهانگائي وڌي وئي، پگهار ڪٿي آهي؟"
جن پڙهايو، تن کي نہ وساريو.

هي رڳو احتجاج نه آهي، هي تاريخ جو موڙ آهي!
اچو ته غلام نبي خشڪ جي اڳواڻيءَ ۾ پنهنجن حقن لاءِ صفون جوڙيون!
اتحاد، همت ۽ ثابت قدميءَ سان حڪومت کي ٻڌايون تہ:
"استادن جا حق نه وسارجڻا آھن، نه ئي ڇڏڻا آھن"

ساٿ، سچائي، سگهہ
غلام نبي خشڪ
گسٽا ضلعو ٺٽو

Address

Makli
Thatta
73130

Telephone

+923116491810

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when GSTA District Thatta posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The School

Send a message to GSTA District Thatta:

Shortcuts

Share