22/06/2021
حق موجود ساٿيو
شاھ لطيف اسٽڊي سرڪل سي ايس ايف ٺٽو جي ڇتو چنڊ ۾ ھڪ اسٽڊي سرڪل جي شاخ آھي. ھن پليٽفارم تان ڇتو چنڊ شھر ۾ اسٽڊي سرڪل ھلي رھيو ھئو جيڪو گذريل 8 مھينن کان ڪجه مصروفيتن جي ڪري بند ٿي ويو ھو. ھن سرڪل کي ٻيھر بحال ڪرڻ لاءِ بتاريخ 25-06-2021 جمعي جي ڏينھن کان باقاعدگي سان شروعات ڪري رھيا آھيون جنھن ۾ مسرور شاھ جو مضمون “حال جي تاريخ “ زير بحث ھوندو.
نوٽ: ھي مضمون سڀني دوستن کي لازم پڙھي اچڻو آھي.
ٽائيم 5:00 بجي شام
جڳھ ڇتو چنڊ پيٽرول پمپ پارڪ.
پاران: پورھيت مزاحمت ٺٽو
حال جي تاريخ
مسرور شاھ
اسان وٽ تاريخ جو مطالعو ڪھڙي صورت ۾ موجود آھي ? . اسان وٽ پنھنجي حال تي تنقيد جي ڪھڙي صورتحال آھي ? . اسان وٽ جديد دور جي تضادن جي ڪيتري سمجهه ۽ انهن تضادن کي سمجهي مستقل بابت ڪھڙو وزن آھي ? ھي اھي سوال آھن جنھن تي نظر وجھڻ کانپوء اسان کي سنڌ ۾ نئين فڪري تحقيقي پراجيڪٽ جي گهرج محسوس ٿيندي جنهن جي نوعيت تي مختصرن هن مضمون ۾ پاڻ ڳالھائنداسين .
پنھنجي حال کي صحيح ۽ تنقيدي انداز ۾ سمجھڻ جا ھن وقت دنيا ۾ ٻه وڏا فڪري زاويا آھن . ھڪڙو زاويو اھو آھي جنھن جي شروعات مارڪس سان ٿئي ٿي . اھو زاويو حال ۽ موجود ۾ مداخلت ان کي تبديل ڪرڻ جي نيت سان ڪري ٿو ,حال جي تاريخي ارتقا جو مطالعو ڪري اھو واضع ڪري ٿو موجود صورتحال ۾ تبديلي جا ڪھڙا امڪان آھن جن کي عملي ٺاھي بهتر مستقبل کي جوڙي سگهجي ٿو . اھو زاويو موجود ۽ ان جي تاريخي ارتقا کي سمجھڻ لاء مختلف علمن جي سگهارن پاسن سان ڳاله ٻولهه ۾ اچي نوان تصور پيدا ڪري ٿو جنهن سان موجود کي پنھنجي سمورن تاريخي ۽ ڪلي تعلقن ۾ سمجهي ان ۾ موجود امڪانن کي واضع ڪري سگهجي ٿو.اھو زاويو واضع ڪري ٿو ته سماج ۾ بنياد حيثيت ماڻھو جي پورهئي ,سماجي عمل , پيداواري سرگرمي ۽ ان جي اردگرد سماجي تعلقن جي آھي . ان سماجي عمل ۾ موجود تضاد ئي سماجي اوسر ۽ سماجي شعور جو بنياد آھن . ھتي اھو واضع ڪرڻ ضروري آھي ته سماجي عمل مان مراد معاشي ثقافتي نظرياتي سياسي عمل جا مختلف سطح آھن جيڪي هڪ ٻئي تي اثر انداز ٿين ٿا ۽ خاص وقت تي خاص سطح بنيادي حيثيت حاصل ڪري ٿي . سماج ۾ معاشي سرگرمي ۽ تضاد اھا حد (impasse ,limit) آھي جنھن جي ارد گرد سماجي عمل جا ٻئي سطح ھلن ٿا يعني ان پيرائي کان سندن حرڪت اڳتي وڌي نٿي سگهي پر ان جو مطلب اھو ناھي ته ھر لقاء ۾ بنيادي ڪردار معيشت جو ھجي . . مثال مارڪس پاڻ پنھنجي دور يا حال کي ڪيئن ٿو سمجهي ? مارڪس پنھنجي حال يعني سرمائيداري تي تنقيدي ٿيڻ لاء پنھنجي دور جي سمورن علمن جهڙوڪ انگريزي معيشت ,جرمن فلسفي ۽ فرانسسي سياست سان ڳالھ ٻولھ ۾ اچي انهن جي سگهارن پاسن کي کڻي ٿو ۽ پوء اھڙا نوان تصور جوڙي ٿو جنھن سان سرمائيداري جي تاريخي ارتقا ,بنيادي تضادن ,ان جي اردگرد سرمائيداري سياست ۽ نظريي کي سمجهي سگهجي ٿو . مارڪس انهن تصورن ذريعي اھو واضع ڪري ٿو ته سرمائيداري ماڻھو جي پورھئي, پيداواري سرگرمي ۽ سماجي عمل ۾ ھڪ انقلاب ھو جنھن جاگيرداري جو خاتمو آندو ۽ پاڻ سان گڏ نوان نوان تعلق ,نئين سياست ,اخلاقيات کڻي آيو . سرمائيداري معاشي سماجي سرگرمي جو ھڪ نئون منطق آھي جيڪو ھر شيء کي جنس ۾ تبديل ڪري ڇڏي ٿو ۽ ان لافاني منافعي جي عمل جا پنھنجا تضاد آھن . اھي تضاد ساڳي وقت امڪان آھن جيڪي ھڪ نئين سماجي تنظيم ڏانھن وٺي وڃي سگهن ٿا . پنھنجي موجود کي سمجهڻ ۽ ان کي بدلائڻ جو ھڪ اھو جدلياتي طريقو آھي . اھو طريقو سماجي اوسر ,نئين تضادن ۽ نئين علمن جي اوسر سان پاڻ کي بدلائي ۽ پنھنجي تصورن ۾ نواڻ آڻيندو رھي ٿو . ھر نئين موجود تي نئين ڪلي تنقيد قائم ڪري ٿو .
ٻيو فڪري زاويو مابعد جديد آھي جيڪو اڄ ڪلهه سماجي علمن تي تمام گهڻو حاوي آھي .ھتي مان جڳ مشھور مابعد جديد دور جو فلسفي مشيل فوڪو جو مثال ڏيندس جنھن پنھنجي فڪري پراجيڪٽ کي بيان ائين ڪيو ته ھو "حال جو تاريخدان " آھي . ويھين صديء جي پوئين اڌ ۾ ان هڪ زبردست فڪري پراجيڪٽ شروع ڪيو جيڪو تاريخ ۽ فلسفي جو امتزاج ھو .فوڪو مطابق حال جي مروج اداران ,قانونن يعني طاقت جي سرشتي پويان ھڪ عقليت يا ڄاڻ جو سرشتو ھوندو آھي . اھا عقليت ئي اسان جي صحيح غلط ,سچ ڪوڙ جي فيصلن ۽ پنھنجي پاڻ سان تعلق کي طئي پئي ڪندي آھي . اسان پنھنجي روزمره جي فيصلن ۽ عملن ۾ ان عقليت جا موضوع ۽ دائي ٿي ڪري طاقت جي سرشتي جي افزائش ڪندا آھيون . فوڪو جو "حال جي تاريخ " مان مراد جديد ادارن ۽ عملن پويان جديد يورپي عقليت جي پيدائش کي سمجھڻ آھي ,ان جي تاريخ کي واضع ڪرڻ آھي ۽ اھو سمجھائڻ آھي ته جديد عقليت ڪيئن جديد طاقت جي ادارن کي جنميو آھي ۽ انھن وري ڪيئن ماڻھن کي پنھنجو موضوع ۽ دائي بڻايو آھي . ان لاء فوڪو ھڪ ته جديد سائنس جي تاريخ جي مطالعي ذريعي ان عقليت جي تاريخ بيان ڪري ٿو ۽ ٻئي پاسي سماج جي انھن عملن پرتن ۽ ادارن تي تحقيق ڪري ٿو جيڪي اسان جي عام زندگي کان نڪتل سمجها ويندا آھن . مثال ھن جي ھڪڙي تحقيق جيل ۽ قيدين تي آھي جنهن جي ذريعي فوڪو سمجھائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته جديد عقليت ڪهڙي ريت جيلن جي جوڙجڪ ۽ سزا جي طريقن ۾ تبديلي آندي . اھا تبديلي بظاھر ته سماجي اصلاح طور ڪئي وئي پر ان ڪهڙي ريت وڌيڪ خطرناڪ طاقت جي سرشتي کي جنميو آھي . جديد جيل اندر هڪ ٽاور جي بتي آھي جيڪا چوڌاري ڦري ٿي ۽ قيدي ان خوف ۾ ڊسپلن ۾ آھن ته انهڻ کي رياست ڏسي رھي آھي ڀلي ان ٽاور تي سپاھي نه به ويٺو ھجي . جاگيرداري دور ۾ ماڻھن کي سخت ۽ کلي عام سزا ڏني ويندي ھئي ,ھاڻ طاقت جي اک ۽ خوف ماڻھن جي اندر ويھاري وئي آھي جيڪا وڌيڪ موثر آھي . اھا جديد عقليت آھي جيڪا گھٽ پئسن ۽ گهٽ ماڻھن سان وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي قائل آھي. ائين فوڪو چرياپ جي تاريخ تي تحقيق ڪئي ته ڪهڙي ريت جديد عقليت ۽ ان جي ميڊيڪل اداران جي اچڻ سان چرياپ ڏانھن اسان جي رويي ۾ ڪھڙي تبديلي آئي آھي . اسان انھن کي به ڪھڙي ريت پاڳل خانن ۾ وجهي ۽ عقليت جي نمائندي ڊاڪٽر کي مٿان ويھاري پنھنجي سرشتن ۾ آڻي ڊسپلن ڪرڻ جي ڪوشش ڪيون ٿا . ائين فوڪو اولھ جي جنسياتي تاريخ لکي جيڪو فوڪو جو سڀ کان اھم ڪم ھو . ان فڪري ڪم ۾ فوڪو پنھنجي پراجيڪٽ جو ٻيو اھم پاسو کنيو ته ڪھڙي ريت اسان پاڻ کي ان عقليت ۽ طاقت جي سرشتي جا رضامندي سان داعي ڪيون ٿا . فوڪو ان ۾ جديد نفسيات ميڊيڪل اينٿروپولاڪي پاپوليشن اسٽڊيز جو مطالعو ڪري ٿو ته سڀئي علم پاور عام ماڻھو جي جسم ۽ اندروني ڄاڻ حاصل ڪرڻ جا طريقا آھن ۽ اسان پاڻ ڪهڙي ريت رضامندي سان انھن علمن جو موضوع ٿيڻ لاء تيار ھوندا آھيون . مثال جديد اولھ جي سماج نفسياتي علم جي اچڻ سان اھو خيال حاوي ٿي ويو ته پنھنجن جنسي جزبن کي دٻائڻ سان نفسياتي مسئلا وڌن ٿا ان ڪري وڌ کان وڌ پنھنجي اڌمن ,ذاتي تاريخ ۽ جنسياتي جزبن کي شيئر ڪيو . نتيجي ۾ اولھ جا ماڻھو رضامندي خوشي سان پنھنجي اندروني تاريخ مختلف ادارن سان ونڊيندي خوشي محسوس ڪندا آھن.ان سان اھو ٿيو ته جنسياتي عمل بابت سماج ۾ بحث عام ٿيو ۽ حڪمران ادارن کي ماڻھن جي جنسيت بابت معلومات حاصل ٿي ۽ ان مطابق سماج کي ھلائڻ ۾ آساني ٿي .فوڪو مطابق اھو دور ڊيموگرافي جي علم جو به دور آھي ڇاڪاڻ ته پاور لاء پاپوليشن جي جنسي لاڙن ,شناخت , آبادي ۽ غير قانوني ٻارن جي معلومات حاصل ڪرڻ لازمي ھئي . فوڪو مطابق ان ريت اسان طاقت جي اڳيان پاڻ کي پيش ڪيون ٿا .
فوڪو جي "حال جي تاريخ " اڄ بيٺڪيتي سماجن کي سمجهڻ لاء پوسٽ ڪالونيل ٿيوري ۾ حاوي آھي . ان سلسلي ۾ ھندستاني مفڪرن تمام گهڻو ڪم ڪيو آھي . انھن جو بنيادي نقطو اھو آھي ته جديد پوسٽ ڪالونيل سماج يورپي قوتن جي عقليت ۽ سندن جوڙيل ادارن جي پيداوار آھي . ھو تاريخي مطالعي ذريعي ان عقليت ,بيٺڪيتي علمن ۽ اداران کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ۽ اھو واضع ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ته بيٺڪيتي سماجن جي ماڻھن ڪهڙي ريت انھن ادارن سان تعلق ۾ اچي ڪٿي انھن جا داعي ٿين ٿا ۽ ڪٿي مزاحمت ڪن ٿا . جيتوڻيڪ اھو طريقو جدلياتي ناهي ڇاڪاڻ ته اھو فڪري پراجيڪٽ سماجي عمل کان نه پر سماجي شعور کان شروعات ڪري ٿو ۽ ان کي تضادن ۾ ڏسڻ بجاء همه گير ڪري پيش ڪري ٿو پر ان روايت سان تعلق رکندڙ محققن سماج بابت گڻھن پاسن کي ظاھر ڪيو آھي . انهن جي تحقيق کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي .
سنڌي سماج کي به ھن وقت "حال جي تاريخ" جي ضرورت آھي جيڪا تاريخ ۽ فلسفي جو امتزاج هجي . اسان وٽ سياست ,تاريخ ۽ سماج تي جيڪي به ڪتاب لکجن ٿا اھي 17 18 ھين صديء جي روشن خيالي ۽ عقليتپسندي جي زاوين کان ٻاھر ناھن ھوندا . اسان جو ليکڪ توڻي محقق جديد زاوين کان پري آھي .موجود کي تنقيدي نگاهه سان پرکڻ لاء ۽ امڪانن کي ظاھر ڪرڻ لاء اسان کي حال جي سياسي ادارن سماجي تعلقن ۽ فڪري سرشتن کي بيڪيتي دور کان فڪري تاريخي مطالعو ڪرڻو پوندو ۽ انهن کي عالمي فڪري تاريخ ۾ رکي ڏسڻو پوندو . اسان کي سنڌ جي قديم تاريخ ۽ سماجي عملن جو مطالعو ڪري اھو سمجهڻو پوندو ته جديد بيٺڪيتي نظام ڪيئن ۽ ڪهڙيون بنيادي تبديليون آنديون. ان لاء اسان کي سنڌ اسٽڊيز جي ضرورت آھي جيڪا جديد زاوين سان انھن سوالن تي تحقيق ڪري.