Shah latif weekly study circle chatto chand

Shah latif weekly study circle chatto chand

Share

ھتي اسان پنهنجي اسٽڊي سرڪل جون پوسٽون رکندا آھيون جيءن ڪو اسان مان سکي سگهي

27/04/2025

سنڌ اول سنڌ آخر

04/12/2024
18/08/2024

*"When preparation meets opportunity, success is inevitable!"*

🔥 The wait is over 🔥

🚨 Introducing Mega Project 2.0 – The Mock Test 🚨

💥 Brace yourselves for an explosive opportunity that’s BIGGER and BOLDER than ever! 💥

📝 What’s Coming Your Way?

Self-Assessment Mock Test to push your limits and sharpen your skills.🧠✨

Grand Prizes: Get ready to win Cash Prizes up to 1 Lakh, Laptops, Tablets, Smartwatches, and a treasure trove of other amazing rewards! 🎁💸

And That’s Just the Beginning! 🌟

Access to Past Papers, Handouts, and a specially curated Booklet to give you the edge you need. 📚

Refreshments to keep you fueled and focused. ☕🍪

Motivational Session to ignite your passion and keep you inspired.🔥

Psychiatric Career Counseling to guide you toward your dream future with confidence. 🚀

🎓 Eligibility:

Pre-Medical Students

Pre-Engineering Students

All Students, Fresh and Improvers—Everyone can register! 🌟

⏳ Don’t Miss Out! ⏳

Registrations are NOW OPEN! 📝
Last date to register: 10 September 2024.

📋Click here to register now!
https://docs.google.com/forms/d/e/1FAIpQLSdEjWmyyHTfVg1fJajyw6Q06e6by1E5XpNDpUK70aUw260c4g/viewform

Payment Method:
After Submitting The Form Send payment by

03003351112
Syed Muhammad Raza Naqvi
Easypaisa Account

OR

0275273696889
UBL
Syed Muhammad Raza Naqvi
Bank Account

OR

03049666205
Pon Parkash
Jazzcash Account

After Depositing The Registration Fee
You are Requested To Please Whatsapp (Your Name, Father Name, District & Contact Number Along with Screenshot of Transcation ID (TID) of Deposit Slip On This Number: +923431036985
Ahmed Raza Memon Director Registration

This is YOUR moment. Are you ready to take it? 🌟

22/06/2021

حق موجود ساٿيو
شاھ لطيف اسٽڊي سرڪل سي ايس ايف ٺٽو جي ڇتو چنڊ ۾ ھڪ اسٽڊي سرڪل جي شاخ آھي. ھن پليٽفارم تان ڇتو چنڊ شھر ۾ اسٽڊي سرڪل ھلي رھيو ھئو جيڪو گذريل 8 مھينن کان ڪجه مصروفيتن جي ڪري بند ٿي ويو ھو. ھن سرڪل کي ٻيھر بحال ڪرڻ لاءِ بتاريخ 25-06-2021 جمعي جي ڏينھن کان باقاعدگي سان شروعات ڪري رھيا آھيون جنھن ۾ مسرور شاھ جو مضمون “حال جي تاريخ “ زير بحث ھوندو.
نوٽ: ھي مضمون سڀني دوستن کي لازم پڙھي اچڻو آھي.
ٽائيم 5:00 بجي شام
جڳھ ڇتو چنڊ پيٽرول پمپ پارڪ.

پاران: پورھيت مزاحمت ٺٽو

حال جي تاريخ
مسرور شاھ

اسان وٽ تاريخ جو مطالعو ڪھڙي صورت ۾ موجود آھي ? . اسان وٽ پنھنجي حال تي تنقيد جي ڪھڙي صورتحال آھي ? . اسان وٽ جديد دور جي تضادن جي ڪيتري سمجهه ۽ انهن تضادن کي سمجهي مستقل بابت ڪھڙو وزن آھي ? ھي اھي سوال آھن جنھن تي نظر وجھڻ کانپوء اسان کي سنڌ ۾ نئين فڪري تحقيقي پراجيڪٽ جي گهرج محسوس ٿيندي جنهن جي نوعيت تي مختصرن هن مضمون ۾ پاڻ ڳالھائنداسين .
پنھنجي حال کي صحيح ۽ تنقيدي انداز ۾ سمجھڻ جا ھن وقت دنيا ۾ ٻه وڏا فڪري زاويا آھن . ھڪڙو زاويو اھو آھي جنھن جي شروعات مارڪس سان ٿئي ٿي . اھو زاويو حال ۽ موجود ۾ مداخلت ان کي تبديل ڪرڻ جي نيت سان ڪري ٿو ,حال جي تاريخي ارتقا جو مطالعو ڪري اھو واضع ڪري ٿو موجود صورتحال ۾ تبديلي جا ڪھڙا امڪان آھن جن کي عملي ٺاھي بهتر مستقبل کي جوڙي سگهجي ٿو . اھو زاويو موجود ۽ ان جي تاريخي ارتقا کي سمجھڻ لاء مختلف علمن جي سگهارن پاسن سان ڳاله ٻولهه ۾ اچي نوان تصور پيدا ڪري ٿو جنهن سان موجود کي پنھنجي سمورن تاريخي ۽ ڪلي تعلقن ۾ سمجهي ان ۾ موجود امڪانن کي واضع ڪري سگهجي ٿو.اھو زاويو واضع ڪري ٿو ته سماج ۾ بنياد حيثيت ماڻھو جي پورهئي ,سماجي عمل , پيداواري سرگرمي ۽ ان جي اردگرد سماجي تعلقن جي آھي . ان سماجي عمل ۾ موجود تضاد ئي سماجي اوسر ۽ سماجي شعور جو بنياد آھن . ھتي اھو واضع ڪرڻ ضروري آھي ته سماجي عمل مان مراد معاشي ثقافتي نظرياتي سياسي عمل جا مختلف سطح آھن جيڪي هڪ ٻئي تي اثر انداز ٿين ٿا ۽ خاص وقت تي خاص سطح بنيادي حيثيت حاصل ڪري ٿي . سماج ۾ معاشي سرگرمي ۽ تضاد اھا حد (impasse ,limit) آھي جنھن جي ارد گرد سماجي عمل جا ٻئي سطح ھلن ٿا يعني ان پيرائي کان سندن حرڪت اڳتي وڌي نٿي سگهي پر ان جو مطلب اھو ناھي ته ھر لقاء ۾ بنيادي ڪردار معيشت جو ھجي . . مثال مارڪس پاڻ پنھنجي دور يا حال کي ڪيئن ٿو سمجهي ? مارڪس پنھنجي حال يعني سرمائيداري تي تنقيدي ٿيڻ لاء پنھنجي دور جي سمورن علمن جهڙوڪ انگريزي معيشت ,جرمن فلسفي ۽ فرانسسي سياست سان ڳالھ ٻولھ ۾ اچي انهن جي سگهارن پاسن کي کڻي ٿو ۽ پوء اھڙا نوان تصور جوڙي ٿو جنھن سان سرمائيداري جي تاريخي ارتقا ,بنيادي تضادن ,ان جي اردگرد سرمائيداري سياست ۽ نظريي کي سمجهي سگهجي ٿو . مارڪس انهن تصورن ذريعي اھو واضع ڪري ٿو ته سرمائيداري ماڻھو جي پورھئي, پيداواري سرگرمي ۽ سماجي عمل ۾ ھڪ انقلاب ھو جنھن جاگيرداري جو خاتمو آندو ۽ پاڻ سان گڏ نوان نوان تعلق ,نئين سياست ,اخلاقيات کڻي آيو . سرمائيداري معاشي سماجي سرگرمي جو ھڪ نئون منطق آھي جيڪو ھر شيء کي جنس ۾ تبديل ڪري ڇڏي ٿو ۽ ان لافاني منافعي جي عمل جا پنھنجا تضاد آھن . اھي تضاد ساڳي وقت امڪان آھن جيڪي ھڪ نئين سماجي تنظيم ڏانھن وٺي وڃي سگهن ٿا . پنھنجي موجود کي سمجهڻ ۽ ان کي بدلائڻ جو ھڪ اھو جدلياتي طريقو آھي . اھو طريقو سماجي اوسر ,نئين تضادن ۽ نئين علمن جي اوسر سان پاڻ کي بدلائي ۽ پنھنجي تصورن ۾ نواڻ آڻيندو رھي ٿو . ھر نئين موجود تي نئين ڪلي تنقيد قائم ڪري ٿو .
ٻيو فڪري زاويو مابعد جديد آھي جيڪو اڄ ڪلهه سماجي علمن تي تمام گهڻو حاوي آھي .ھتي مان جڳ مشھور مابعد جديد دور جو فلسفي مشيل فوڪو جو مثال ڏيندس جنھن پنھنجي فڪري پراجيڪٽ کي بيان ائين ڪيو ته ھو "حال جو تاريخدان " آھي . ويھين صديء جي پوئين اڌ ۾ ان هڪ زبردست فڪري پراجيڪٽ شروع ڪيو جيڪو تاريخ ۽ فلسفي جو امتزاج ھو .فوڪو مطابق حال جي مروج اداران ,قانونن يعني طاقت جي سرشتي پويان ھڪ عقليت يا ڄاڻ جو سرشتو ھوندو آھي . اھا عقليت ئي اسان جي صحيح غلط ,سچ ڪوڙ جي فيصلن ۽ پنھنجي پاڻ سان تعلق کي طئي پئي ڪندي آھي . اسان پنھنجي روزمره جي فيصلن ۽ عملن ۾ ان عقليت جا موضوع ۽ دائي ٿي ڪري طاقت جي سرشتي جي افزائش ڪندا آھيون . فوڪو جو "حال جي تاريخ " مان مراد جديد ادارن ۽ عملن پويان جديد يورپي عقليت جي پيدائش کي سمجھڻ آھي ,ان جي تاريخ کي واضع ڪرڻ آھي ۽ اھو سمجھائڻ آھي ته جديد عقليت ڪيئن جديد طاقت جي ادارن کي جنميو آھي ۽ انھن وري ڪيئن ماڻھن کي پنھنجو موضوع ۽ دائي بڻايو آھي . ان لاء فوڪو ھڪ ته جديد سائنس جي تاريخ جي مطالعي ذريعي ان عقليت جي تاريخ بيان ڪري ٿو ۽ ٻئي پاسي سماج جي انھن عملن پرتن ۽ ادارن تي تحقيق ڪري ٿو جيڪي اسان جي عام زندگي کان نڪتل سمجها ويندا آھن . مثال ھن جي ھڪڙي تحقيق جيل ۽ قيدين تي آھي جنهن جي ذريعي فوڪو سمجھائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته جديد عقليت ڪهڙي ريت جيلن جي جوڙجڪ ۽ سزا جي طريقن ۾ تبديلي آندي . اھا تبديلي بظاھر ته سماجي اصلاح طور ڪئي وئي پر ان ڪهڙي ريت وڌيڪ خطرناڪ طاقت جي سرشتي کي جنميو آھي . جديد جيل اندر هڪ ٽاور جي بتي آھي جيڪا چوڌاري ڦري ٿي ۽ قيدي ان خوف ۾ ڊسپلن ۾ آھن ته انهڻ کي رياست ڏسي رھي آھي ڀلي ان ٽاور تي سپاھي نه به ويٺو ھجي . جاگيرداري دور ۾ ماڻھن کي سخت ۽ کلي عام سزا ڏني ويندي ھئي ,ھاڻ طاقت جي اک ۽ خوف ماڻھن جي اندر ويھاري وئي آھي جيڪا وڌيڪ موثر آھي . اھا جديد عقليت آھي جيڪا گھٽ پئسن ۽ گهٽ ماڻھن سان وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي قائل آھي. ائين فوڪو چرياپ جي تاريخ تي تحقيق ڪئي ته ڪهڙي ريت جديد عقليت ۽ ان جي ميڊيڪل اداران جي اچڻ سان چرياپ ڏانھن اسان جي رويي ۾ ڪھڙي تبديلي آئي آھي . اسان انھن کي به ڪھڙي ريت پاڳل خانن ۾ وجهي ۽ عقليت جي نمائندي ڊاڪٽر کي مٿان ويھاري پنھنجي سرشتن ۾ آڻي ڊسپلن ڪرڻ جي ڪوشش ڪيون ٿا . ائين فوڪو اولھ جي جنسياتي تاريخ لکي جيڪو فوڪو جو سڀ کان اھم ڪم ھو . ان فڪري ڪم ۾ فوڪو پنھنجي پراجيڪٽ جو ٻيو اھم پاسو کنيو ته ڪھڙي ريت اسان پاڻ کي ان عقليت ۽ طاقت جي سرشتي جا رضامندي سان داعي ڪيون ٿا . فوڪو ان ۾ جديد نفسيات ميڊيڪل اينٿروپولاڪي پاپوليشن اسٽڊيز جو مطالعو ڪري ٿو ته سڀئي علم پاور عام ماڻھو جي جسم ۽ اندروني ڄاڻ حاصل ڪرڻ جا طريقا آھن ۽ اسان پاڻ ڪهڙي ريت رضامندي سان انھن علمن جو موضوع ٿيڻ لاء تيار ھوندا آھيون . مثال جديد اولھ جي سماج نفسياتي علم جي اچڻ سان اھو خيال حاوي ٿي ويو ته پنھنجن جنسي جزبن کي دٻائڻ سان نفسياتي مسئلا وڌن ٿا ان ڪري وڌ کان وڌ پنھنجي اڌمن ,ذاتي تاريخ ۽ جنسياتي جزبن کي شيئر ڪيو . نتيجي ۾ اولھ جا ماڻھو رضامندي خوشي سان پنھنجي اندروني تاريخ مختلف ادارن سان ونڊيندي خوشي محسوس ڪندا آھن.ان سان اھو ٿيو ته جنسياتي عمل بابت سماج ۾ بحث عام ٿيو ۽ حڪمران ادارن کي ماڻھن جي جنسيت بابت معلومات حاصل ٿي ۽ ان مطابق سماج کي ھلائڻ ۾ آساني ٿي .فوڪو مطابق اھو دور ڊيموگرافي جي علم جو به دور آھي ڇاڪاڻ ته پاور لاء پاپوليشن جي جنسي لاڙن ,شناخت , آبادي ۽ غير قانوني ٻارن جي معلومات حاصل ڪرڻ لازمي ھئي . فوڪو مطابق ان ريت اسان طاقت جي اڳيان پاڻ کي پيش ڪيون ٿا .
فوڪو جي "حال جي تاريخ " اڄ بيٺڪيتي سماجن کي سمجهڻ لاء پوسٽ ڪالونيل ٿيوري ۾ حاوي آھي . ان سلسلي ۾ ھندستاني مفڪرن تمام گهڻو ڪم ڪيو آھي . انھن جو بنيادي نقطو اھو آھي ته جديد پوسٽ ڪالونيل سماج يورپي قوتن جي عقليت ۽ سندن جوڙيل ادارن جي پيداوار آھي . ھو تاريخي مطالعي ذريعي ان عقليت ,بيٺڪيتي علمن ۽ اداران کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ۽ اھو واضع ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ته بيٺڪيتي سماجن جي ماڻھن ڪهڙي ريت انھن ادارن سان تعلق ۾ اچي ڪٿي انھن جا داعي ٿين ٿا ۽ ڪٿي مزاحمت ڪن ٿا . جيتوڻيڪ اھو طريقو جدلياتي ناهي ڇاڪاڻ ته اھو فڪري پراجيڪٽ سماجي عمل کان نه پر سماجي شعور کان شروعات ڪري ٿو ۽ ان کي تضادن ۾ ڏسڻ بجاء همه گير ڪري پيش ڪري ٿو پر ان روايت سان تعلق رکندڙ محققن سماج بابت گڻھن پاسن کي ظاھر ڪيو آھي . انهن جي تحقيق کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي .
سنڌي سماج کي به ھن وقت "حال جي تاريخ" جي ضرورت آھي جيڪا تاريخ ۽ فلسفي جو امتزاج هجي . اسان وٽ سياست ,تاريخ ۽ سماج تي جيڪي به ڪتاب لکجن ٿا اھي 17 18 ھين صديء جي روشن خيالي ۽ عقليتپسندي جي زاوين کان ٻاھر ناھن ھوندا . اسان جو ليکڪ توڻي محقق جديد زاوين کان پري آھي .موجود کي تنقيدي نگاهه سان پرکڻ لاء ۽ امڪانن کي ظاھر ڪرڻ لاء اسان کي حال جي سياسي ادارن سماجي تعلقن ۽ فڪري سرشتن کي بيڪيتي دور کان فڪري تاريخي مطالعو ڪرڻو پوندو ۽ انهن کي عالمي فڪري تاريخ ۾ رکي ڏسڻو پوندو . اسان کي سنڌ جي قديم تاريخ ۽ سماجي عملن جو مطالعو ڪري اھو سمجهڻو پوندو ته جديد بيٺڪيتي نظام ڪيئن ۽ ڪهڙيون بنيادي تبديليون آنديون. ان لاء اسان کي سنڌ اسٽڊيز جي ضرورت آھي جيڪا جديد زاوين سان انھن سوالن تي تحقيق ڪري.

22/11/2020

جئي سنڌ جئي پورھيت عوام
حق موجود
ڪرٽيڪل اسٽڊيز فورم ٺٽو شاخ پاران ايندڙ خميس بتاريخ 26 نومبر 2020، شام 3 بجي "موجوده سياسي سوال ۽ پورھيت مزاحمت سنڌ جو سياسي پروگرام" جي عنوان تي، ھڪ ليڪچر پروگرام منعقد ڪيو ويو آھي، جنھن ۾ توھان اھل علم و دانش کي شرڪت جي دعوت عرض رکجي ٿي.

مقرر: مسرور شاھ

ھنڌ: سوسائٽي فيز II، بنگلو نمبر C 458, نزد ڪانسيپٽ اسڪول سسٽم ٺٽو.

پاران: ڪرٽيڪل اسٽڊيز فورم ٺٽو شاخ

22/06/2020

اسان کي حق آھي ھن ڌرتي ته عزت سان رھڻ جو ڇو جو سنڌ اسان سنڏين جي آھي

22/06/2020

Red salute comrade lenin ✌✌

Photos 19/06/2020

With Ali Gul Mallah

Want your school to be the top-listed School/college in Thatta?

Click here to claim your Sponsored Listing.

Location

Telephone

Website

Address

Chatto Chand
Thatta