GBHS Gul Manda

GBHS Gul Manda

Share

Government Boys High School Gul Manda, an institution of unwavering commitment and dedication.

Photos from GBHS Gul Manda's post 11/12/2025

گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول گل منڊا ۾ STEAM مقابلي جو اسڪول رائونڊ پروگرام منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين مختلف سائنسي ماڊل تيار ڪري پيش ڪيا.
پروگرام ۾ خاص مهمان طور اسسٽنٽ ڪمشنر ٺٽو شاڪر فهيم، GSTA حيدرآباد ڊويزن جي ايڊيشنل سيڪريٽري علاؤالدين بروهي، ڊپٽي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر ٺٽو آپا زينب شاهين، ڊپٽي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر آپا پروين اختر، سيد جلال شاهه، GSTA اڳواڻ قمرالدين سرائي، STEAM مقابلي ٺٽو جي فوڪل پرسن ذيشان اصغر پليجو، مانيٽرنگ آفيسر خليل احمد سمون ۽ غلام مصطفیٰ خاصخيلي شرڪت ڪئي.
مهمانن شاگردن جا هٿ سان تيار ڪيل سائنسي ماڊل ڏٺا ۽ سندن محنت کي ساراهيندي چيو ته STEAM جهڙا پروگرام ٻارن ۾ تنقيدي سوچ، تخليقيت ۽ مسئلا حل ڪرڻ جي صلاحيت وڌائين ٿا، ۽ ڳوٺاڻن علائقن جي شاگردن ۾ به وڏي سطح جو ٽيلنٽ موجود آهي.
هيڊ ماسٽر عبدالڪبير خاصخيلي چيو ته اسان جي اسڪول جا شاگرد ڳوٺاڻي ماحول ۾ هوندي به حيرت انگيز ٽيلنٽ رکن ٿا، رڳو سهولتن جي ضرورت آهي. جيڪڏهن حڪومت ۽ انتظاميا هن ڳوٺ ڏانهن توجهه ڏين ۽ هن علائقي کي بنيادي سهولتون فراهم ڪن ته هتي جا ٻار وڏي پيماني تي ڪاميابيون ماڻي سگهن ٿا.
پروگرام جي پڄاڻي تي STEAM مقابلي جي اسڪول فوڪل پرسن حسن رضا ۽ سڀني استادن جي ڪم کي ساراهيو ويو ۽ پوزيشن کڻندڙ شاگردن کي سرٽيفڪيٽ ۽ تعريفي سندون ڏنيون ويون.

Photos from GBHS Gul Manda's post 28/11/2025

Cluster level Meeting
Our Head Master Mr Kabir Khaskheli
Supported by and MDF

28/11/2025

Assembly time - 28-11-2025

Photos from GBHS Gul Manda's post 25/11/2025

Orientation day - Steam muqablo 2025-26

GBHS Gulmanda

Photos from GBHS Gul Manda's post 25/11/2025

We recently conducted an experiment at GBHS Gulmanda to identify substances as acidic, basic, or neutral. A big thank you to our Cluster Head, Sir Kabir Khaskheli , for providing the necessary items and guiding us through this hands-on learning experience!

Photos from GBHS Gul Manda's post 24/11/2025

مس ساجدہ حسين، ڊسٽرڪٽ پروگرام مينيجر SELECT ٺٽو، پنهنجي ٽيم سان گڏ ڪلسٽر هيڊ ٽيچر سائين عبدالڪبير خاصخيلي سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ڪجهه سيل هب ۽ فيڊر اسڪولن جي مسئلن تي ڳالھ ٻولھ ڪئي وئي۔
ان ميٽنگ ۾ اڳوڻو چيئرمين يوسي گل منڊا سيد مهتاب شاه شيرازي ، سيد جلال شاه ۽ گورنمينٽ بوائز ھاء اسڪول گل منڊا جا معزز استاد پڻ موجود هئا۔

02/04/2025

اسلام و عليڪم
آئون يونين ڪائونسل گل منڊا جي عوام ، گورنمينٽ ھاء اسڪول گلمنڊا ۾ پڙھندڙ شاگردن ۽ انھن جي والدين کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو تہ گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول گلمنڊا کي پهريون ڀيرو بورڊ آف انٽرميڊيئيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن حيدرآباد جي نائين ۽ ڏھين جي امتحانن لاءِ امتحاني سينٽر طور نامزد ڪيو ويو آهي. اھو اسان جي لاء فخر جو لمحو آھي ،
هيءَ ڪاميابي اسان جي اداري جي ساک، استادن جي محنت، شاگردن جي تعليمي دلچسپي ۽ گل منڊا جي ماڻھن جي حمايت جو ثبوت آهي.
آئون 7 اپريل 2025 کان شروع ٿيندڙ امتحانن ۾ ويهندڙ سڀني شاگردن لاءِ نيڪ خواهشون پيش ڪريان ٿو. اوهان جي محنت جا بهترين نتيجا اچن ۽ گلمنڊا جو نالو روشن ٿئي.........

*امتحاني هدايتون*

*امتحان جي شروعات*
7 اپريل 2025

*امتحاني سينٽر*
گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول گلمنڊا

*ايڊمٽ ڪارڊ وصول ڪرڻ جو ڏينھن*
3 اپريل 2025 تي اسڪول مان حاصل ڪيا وڃن

*شاگردن لاءِ*
امتحان دوران نقل ڪرڻ يا ڪنهن به غيرقانوني طريقي جو سهارو وٺڻ کان پاسو ڪيو.
وقت تي امتحان هال ۾ پڄو ۽ ضابطن تي عمل ڪريو.

*والدين ۽ گلمنڊا جي رھواسين لاءِ*
امتحان دوران غير ضروري اسڪول جي حدن ۾ اچڻ جي اجازت نه هوندي، تنهنڪري تعاون ڪريو تہ جيئن شاگردن کي بنا ڪنهن رنڊڪ جي امتحان ڏيڻ جو بهتر ماحول ملي.

اچو ته گڏجي پنهنجي ٻارن لاءِ بهترين تعليمي ماحول جوڙيون

*عبدالڪبير خاصخيلي*
ھيڊ ماسٽر
گورنمينٽ بوائز ھاء اسڪول گلمنڊا

Photos from TOP TEN by Me's post 15/01/2025
Want your school to be the top-listed School/college in Thatta?

Click here to claim your Sponsored Listing.

Location

Category

Telephone

Address

Gul Manda
Thatta

Opening Hours

Monday 08:00 - 13:30
Tuesday 08:00 - 13:30
Wednesday 08:00 - 13:30
Thursday 08:00 - 13:30
Friday 08:00 - 12:00
Saturday 08:00 - 13:30