26/08/2026
🌹✨ محفلِ ميلاد النبی ﷺ — MORAI MODEL SCHOOL SECONDARY ✨🌹
الحمدلله! Morai Model School Secondary ۾ محفلِ ميلاد النبی ﷺ جي سلسلي ۾ هڪ خوبصورت ۽ روح پرور پروگرام منعقد ڪيو ويو. 🌹
هن بابرڪت پروگرام ۾ اسان جي پياري ٻارڙن وڏي محبت ۽ عقيدت سان نعتون، ميلاد ۽ رب سائين جي حمد و ثناءَ پيش ڪئي. ❤️
ٻارڙن جي خوبصورت آواز، محبت ڀري انداز ۽ نبي ڪريم حضرت محمد مصطفىٰ ﷺ سان عقيدت ڏسي پوري محفل روحاني خوشي سان ڀرجي وئي. ماشاءَالله! 🌹
الله پاڪ اسان جي ٻارڙن کي نبي ڪريم ﷺ جي محبت، سنت ۽ سٺن اخلاقن تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي.
صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّمَ ﷺ 🌹❤️
📍 MORAI MODEL SCHOOL SECONDARY
ﷺ