28/04/2023
ضمير جو قيدي/ حبيب جالب
ضمير جو قيدي
سنڌ جي عوامي شا عر ابراھيم منشي بلڪل سچ چيو آھي تــ :_
جھڙو ماڻھو٠تھڙو ناڻوـ
ھرڪو پھنجي اگھ اگھاڻوـ
جيڪو ماڻھو ڪين وڪاڻوـ
سو۽ي ماڻھو موتي داڻوـ
ھن سماج ۾ ھر ماڻھو جو اگھ آھي'
ھر ماڻھو وڪامي ٿو-ھن سماج ۾ صرف چند ماڻھو آھن جيڪي موتي داڻا آھن- جن کي ڪير بـ نٿو خريد سگھي-
گذريل ڏينھن ۾ ھڪ اھڙو ماڻھو مري ويو-
جنھن کي ڪير بـ خريد نـ ڪري سگھيو-حالنڪــ ھو بـ مجبورين ۽ خواھشن جي کوھـ ۾ ڦاٿل گوشت پوست جو انسان ھو- ھر حاڪم ھن جي قيمت لڳاءي پر ڪوبـ حڪمران ھن کي خريد نـ ڪري سگھيو- ڇاڪاڻ ته ھن کي پھنجي اصل ملھـ جي خبر ھءي-
ھن جو ملھـ صرف ۽صرف ماڻھن جي محبت ھءي-
اڄ ھن جي مرتءي تي ھر اک آلي آھي-
سياسي ماڻھن جي نظر اقتدار تي ھوندي آھي پر ھن ھميشـ اقتدار کي ڌڪار جي نظر سان ڏٺو-
رياست ۾ ڪيترا سياسي ادرا ھوندا آھن ۽ ماڻھو انھن ادارن جي اردگرد طواف ڪندو آھي-ھن جي ويجھو صرف ٻـ ادارا ھءا- ھڪ" درٻار" ۽ ٻيو "عوام" درٻار ۽عوام جي ويڙھـ ازل کان رھي آھي۽ عوام جي آخري فتح تاءين جاري رھندي٠
ھن ھميشـ درٻار کان نفرت ڪءي ۽ عوام سان محبت ڪءي'
ڇاڪاڻ تـ ھن جي نظر ۾ رياست جا اصل مالڪ عوام ھيا-ھن ڪنھن بـ حاڪم جي حق ۾ حمد وثنا پيش نـ ڪءي پر عوام جي حق ۾ انمول گيت ڳايا-
ھن جي شاعري جو مرڪز ماڻھن جا ڏک سک ھ۽ا' جيڪي اڄ بـ وک وک تي وکريل آھن'ماڻھن جي ڏکن سورن جي ڳالھـ ڪرڻ سان ھو صرف شاعري جي حد تاءين "ڪميٽيڊ" نـ ھو پر عملي طرح عوام جي خاطر ھن قيد و بند جون صعوبتون پڻ برداشت ڪيون- ھن جي قول وفعل ۾ يڪسانيت ھءي- ھن جي چھري تـ منافقي جو ماسڪ چڙھيل نـ ھءو -
ھن ھر حڪمران کي چيلنج ڪيو ' جنھن عوام کي چيپاٽڻ جي ڳالھ ڪءي'
ھن انھن عوامي طاقت جي سھاري آيل حڪمرانن کي بـ تنقيد جو نشانو بنايو' جن ڌرتي تي خدا بنجڻ جي ڪوشش ڪءي'جيڪي ھميشـ غريبن جي ڳالھ ڪندا رھيا پي عملي طرح انھن غريبن لاء ڪجھ بـ نـ ڪيو٠
ھن پھنجي انقلابي شاعري جي عيوض سرڪار کان ڪا بـ سڻڀي ڪرسي نـ ورتي ۽ نـ ءي پھنجي فن و فڪر جو ڪو معاوضو ورتو' ھن جو قلم قومي امانت ھءو'ھن ڌرتي تي اھڙا ٿورا ماڻھو آھن جيڪي پھنجي نظريي ۽ مقصد سان جنون جي حد تاءين پيار ڪندا آھن٠
ھن سموري حياتي عوام سان نيھن نڀايو'اھڙا ماڻھو مرڻا ناھن'رھندڙ دنيا تاءين ھو عوام جي دلين تي راج ڪندا آھن'ھو سراپا سچ ھءو'سچ سان ياري نڀاءيندي ھن پوري حياتي سورن ۾ گذاري'ھن جو بـ خاندان ھو'اڻپوريون خواھشون ھيون'ھو جيڪڏھن چاھي ھا تـ حڪمرانن سان"ڪمپروماءزد" ڪري پھنجي باقي حياتي سک سان گذاري ھا' سندس ٻچا عاليشان بنگلي ۾ رھن ھا'پر ھن جي رھڻ جو مرڪز عوام جي "دل" ھو'جتي ھو تا قيامت رھندو٠
جيڪي ماڻھو عوام جي گالھ ڪن ٿا سي سداءين امر رھن ٿا'
حبيب جالب بـ انھن ماڻھن مان ھءو'ھن سڄي ملڪ کي پھنجو گھر سمجھيو' مظلوم ماڻھن جي دفاع ڪرڻ جي ڪري ھن کان نـ ايوب خان خوش رھيو ۽ نءي عوامي رھنما ڀٽو'ضياء جي ڪاري دور ۾ ھو عوام جي حقن لاء وڙھندي وڙھندي ڪيترا ڀيرا جيلن ۾ويو' ھن کي ڪيتريون لالچون ڏنيون ويون پر ھن پھنجي نظريي ۽ مقصد کان منھن نـ موڙيو٠
۾ھنجي نظر ۾ ھر انسان پھنجي ضمير جي عدالت جو قيدي آھي'جيڪڏھن پھنجي ضمير کي منصف بناءي پھنجو ھر عمل ان تابع بناءي ڇڏي تـ ڪڏھن بـ ڀٽڪي نٿو سگھي٠
حبيب جالب بـ ضمير جو قيدي ھءو'پھنجي ضمير آڏو جوابدء محسوس ڪندي ھن ڪنھن بـ حڪمران کي گاھ نـ وڌو'ھن کي خبر ھءي تـ حڪمران ھن کان حياتي تـ کسي سگھن ٿا پر عوام کا ھن کي ھميشـ لاء جدا نٿا ڪري سگھن٠
ھن کي اھا ڄاڻ ھءي تـ انساني زندگي تمام مختصر آھي' ھڪ ڏينھن مٽيء کي مٽيء ۾ ملڻو آھي'ان ڪري اھو ڪم ڪري وڃجي جيڪو ھن کي ھميشـ لاء عوام جي دلين ۾عوام جي محبت جو يادگار تاج محل بناءي ڇڏي٠
سندس ياد رھندڙ دنيا تاءين مظلوم ماڻھن جي دلين ۾ حق ۽ سچ جي مشعل بنجي ٻرندي رھندي٠
پروفيسر لياقت عزيز سولنگي٠