02/08/2025
ھائير ايجوڪيشن ڪميشن (HEC) مان ڊگري جي تصديق (Attestation) لاءِ قدم بہ قدم گائيڊ ھيٺ ڏجي ٿي.
---
🎓 1: گوگل تي HEC جي E-Services ويب سائيٽ کوليو، جتي اوهان کي يونيورسٽي پورٽل وانگر انٽرفيس ملندو.
🔐 2: ھن پورٽل تي پنهنجو اڪائونٽ ٺاھيو ۽ پنھنجون سڀ ڄاڻ صحيح نموني ڀريو. پوءِ “Degree Attestation” واري آپشن تي وڃو.
📄 3: پنهنجي 10هين، 12هين، يونيورسٽي جي ڊگري، ٽرانسڪرپٽ، ۽ CNIC جا اسڪين ڪاپي پورٽل تي اپلوڊ ڪيو.
📤 4: سڀ ڪاغذ اپلوڊ ڪرڻ بعد اوهان کان پڇيو ويندو ته پاڻ وڃڻ ٿا چاهيو يا TCS ذريعي تصديق ڪرائڻ ٿا چاهيو؟
🚶♂️ - پاڻ وڃڻ: ارجنٽ سروس هوندي، ساڳي ڏينهن ڪاغذ تصديق ٿي ويندا.
📦 - TCS ذريعي: 10 کان 15 ڏينهن لڳي سگهن ٿا.
💰 5: ارجنٽ سروس جي فيس 5000 رپيا آهي (ڊگري + ٽرانسڪرپٽ لاءِ).
💳 6: TCS سميت سادي سروس جي فيس 3500 رپيا آهي.
📅 7: درخواست جمع ٿيڻ بعد، اپلوڊ ڪيل ڪاغذن جي تصديق ٿيندي، پوءِ اوهان کي تاريخ ڏني ويندي.
👥 8: ارجنٽ سروس ۾ تاريخ ملڻ کان پوءِ ٻه آپشن هوندا: پاڻ وڃڻ يا ڪنهن ٻئي کي موڪلڻ.
🧑🤝🧑 - جيڪڏهن دوست يا ڀاءُ موڪليو ٿا ته ان جون ڊٽيلز اپلوڊ ڪرڻيون پونديون.
📲 9: فيس EasyPaisa ذريعي جمع ڪرايو، جتي اوهان کي "Consumer Number" ڏنو ويندو. ان کان پوءِ فارم ڊائونلوڊ ڪيو.
🗂 10: HEC وڃڻ وقت پاڻ سان هي ڪاغذ ضرور کڻو:
اصل ڊگريون ۽ ٽرانسڪرپٽ
CNIC (اصل ۽ فوٽوڪاپي)
ڊائونلوڊ ڪيل فارم
فيس جي رسيد يا اسڪرين شاٽ (پرنٽ ڪاپي)
⏰ 11: صبح سوير HEC آفيس وڃو، ڪائونٽر تان ٽوڪن وٺو، ۽ پنهنجي نمبر جو انتظار ڪريو.
📑 12: ٽوڪن نمبر اچڻ تي سڀ اصل ڪاغذ ۽ فارم جمع ڪرايو. اوهان کي وقت ڏنو ويندو ته ڪڏهن اچي پنهنجا تصديق ٿيل ڪاغذ وٺو.
🎟 13: جيڪو ٽوڪن اوهان کي ڏنو ويو هو، ان کي سنڀالي رکو. تصديق ٿيل ڪاغذ وٺڻ لاءِ ساڳيو ٽوڪن ڏيکارڻو پوندو.
---
✍️ مرتب: سهيل احمد ڪلهوڙو
📚 رسرچ اسڪالر، انفارميشن سائنس