گورنمينٽ بوائيز ھائي اسڪول نظر علي چانڊيو

گورنمينٽ بوائيز ھائي اسڪول نظر علي چانڊيو GBELS School Nazar Ali Chandio Semi's Code 401040423 Taluka Tando Bago, Badin

29/06/2026

نئين داخلا مھم

22/05/2026

اپيل
گورنمينٽ هاءِ اسڪول نظر علي چانڊيو تعلقه ٽنڊو باگو ضلع بدين.
ھن اسڪول ۾پڙھندڙ شاگرد مختلف ڳوٺن بھادر گڊگور چيتن ڀيل سانھيو ڀيل نواز گڊگور اقبال گڊگور ٻيڙو لاشاري حاجي مھرو لنڊ خدابخش ھيسباڻي حڪيم چانڊيو بھادر چانڊيو حاجي عيسي چانڊيو حاجي خان رند ملڪ بھاول فتح خان لغاري ھي ڳوٺ يونين ڪاؤنسل بھادر چانڊيو جي ديھ ڪپوري ديھ ڦراھو ۽ يونين ڪاؤنسل خيرپور گمبو ملڪاڻي جي ديھ خيرپور۽ ايم پي اي ارباب امير امان الله ٽنڊو باگو ۽ ايم پي اي الحاج مير الھ بخش ٽالپر تلھار ايم اين اي مير غلام علي ٽالپر ماتلي.جي حدن ۾ ھي ھڪ کوسڪي شاخ آهي جنهن کي ڪراس ڪري مختلف ڳوٺن کان شاگر پھرئين ڪلاس کان نائون ڪلاس تائين ننڍا وڏا ڇوڪريون ڇوڪرا اسڪول اچن ٿا.
کوسڪي شاخ تي ٺھيل پل فٽ پاٿ ڀورو ريٻاري سوشل ورڪر جي مدد سان ان وقت يونين ڪاؤنسل خيرپور گمبو چيئرمين مرحوم حاجي عبدالستار پتافي ۽ ڊسٽرڪٽ ميمبر حاجي مختيارعلي پتافي جي سھڪار سان ڪجھه سال اڳ ٺهي ھئي جيڪا ھن وقت ناڪاره آھي.
ڪافي دفعا انتظامي لحاظ کان اي سي ٽنڊوباگو کي کلي ڪچھري ۾ درخواست ڪئي يونين ڪاؤنسل خيرپور چيئرمين عظيم لغاري کي درخواست ڏني جنھن تي ڪافي ٽائيم کان بعد خيرپور گمبو چيئرمين ھامي ڀري مستري گھرائي ويلڊنگ جو ٿورو گھڻو ڪم ڪيو پر فرش نه لڳرائي ڏنو جنھن ڪري مسئلو اھو جو اھو رھيو جنھن جو ڪو فائدو ناهي.نتيجو اھو جو ڪافي ننڍا ٻار اسڪول اچڻ ڇڏي ويھي رھيا آھن.اھي تعليم جھڙي زيور کان محروم ٿي رھيا آھن.
عرض آهي انتظاميا کي وسوارن کي ته ھي جائز مسئلو حل ڪري ڏنو وڃي.جنھن جي لاڳت 40000 رپيہ خرچ ريتي ڪريش سيمنٽ سرون مزدوري اندازو آھي.
ٻي صورت آئون استاد ھن مسئلي تي عيد بعد چندو مھم ھلائي صاحب توفيق الله وارن کان مدد گهري ھن ڪم کي مڪمل ڪندس.
فٽ پاٿ جون تصويرون شيئر ڪجن ٿيون
مونکي يقين آهي ته منھنجو ڪيل عرض صاحب توفيق صاحب حيثيت انسانن وٽ قبول پوندو.
انچارج ھيڊ ماستر گورنمينٽ ھاءِ اسڪول نظر علي چانڊيو تعلقه ٽنڊو باگو ضلع بدين
علي اڪبر چانڊيو03452735520
ڪانٽيڪٽ نمبر اڪائونٽ نمبر.

20/05/2026

Badin.Facial Registration/Recognition Schedule for Badin.
15/05/2026

Badin.

Facial Registration/Recognition Schedule for Badin.


12/05/2026
24/04/2026

  Nazar Ali Chandio
24/04/2026

Nazar Ali Chandio

گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول نظر علي چانڊيو ۾ ساليانه اسڪول ايوارڊ تقريب وڏي شان ۽ شوڪت سان منعقد ڪئي وئي۔ هن تقريب ۾ شاگرد...
14/04/2026

گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول نظر علي چانڊيو ۾ ساليانه اسڪول ايوارڊ تقريب وڏي شان ۽ شوڪت سان منعقد ڪئي وئي۔ هن تقريب ۾ شاگردن جي علمي، اخلاقي ۽ غير نصابي سرگرمين ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙن کي انعامن سان نوازيو ويو۔
تقريب ۾ استادن، والدين ۽ علائقي جي معزز شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔ اسڪول جي هيڊ ماسٽر پنهنجي خطاب ۾ شاگردن جي محنت ۽ استادن جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته اهڙيون تقريبون شاگردن ۾ همت ۽ مقابلي جو جذبو پيدا ڪن ٿيون۔
شاگردن پڻ ٽيبلو، تقريرون ۽ ملي نغما پيش ڪري تقريب کي وڌيڪ رنگين بڻايو۔ آخر ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شاگردن ۾ شيلڊون، سرٽيفڪيٽ ۽ انعام ورهايا ويا ۽ دعا سان تقريب جو اختتام ڪيو ويو۔
انچارج ھيڊماستر سائين محترم علي اڪبر چانڊيو
گورنمينٽ بوائيز ھائي اسڪول نظر علي چانڊيو

06/04/2026


Address

Village Raess Nazar Ali Khan Chandio
Tando Bago

Opening Hours

Monday 08:00 - 14:00
Tuesday 08:00 - 14:00
Wednesday 08:00 - 14:00
Thursday 08:00 - 14:00
Friday 08:00 - 12:00
Saturday 08:00 - 14:00

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when گورنمينٽ بوائيز ھائي اسڪول نظر علي چانڊيو posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share

Category