28/05/2024
سينئر اُستاد محترم عبدالجبار مستوئي صاحب گورنمينٽ سنڌ ماڊل هاءِ اسڪول ٽنڊوالهيار ۾ 33 سال علمي خدمتون سرانجام ڏئي 27 مئي 2024 تي تعليم کاتي مان ريٽائر ٿيا.
تحرير:- حنيف جروار
جڏھن کان ٿيام ساڃان سپرين سين
تڏھن کان تر جيترو ويل ۾ وسريام
اندر روح رھيام ، سڄڻ اوطاقون ڪري.
شاھ ڀٽائي رح
اسان جي سونهاري سنڌ هميشه قربدار ۽ محبتي ماڻهن جي وسندي رھي آھي. جتي مهمان نوازي ، ڀائپي ، دوستي هڪ وفادار فعل طور نڀائي ويندي آهي. اهڙين ئي مڻيادار خوبين ڀرئي شخصيت عبدالجبار مستوئي صاحب جن جي آهي.
پڪ سان اھا رات ڀاڳ واري هوندي. جڏھن چنڊ پنهنجي جوڀن جواني سان اُهو اڱڻ روشناس ڪيو ھوندو ۽ آسمان جي تارن بہ جڳمڳائڻ شروع ڪيو ھوندو؟
اھا سڀاڳي رات 28 مئي 1964ع تي ضلعي ٽنڊوالهيار جي جھنڊو مري تعلقي جي پراڻي قدرتي وهڪري ساڱري جي ڪنڌي تي هڪ ننڍي ڳوٺ صوڀو خان مستوئي ۾ حاجي غلام محمد مستوئي صاحب جي گهر ۾ هڪ خوبصورت ٻالڪ مفتي خليفا عبدالجبار مستوئي طاهري صاحب جن جو جنم ٿيو. هن پرائمريءَ تعليم ۽ ناظره قرآن پاڪ پنهنجي اباڻي ڳوٺ مان پڙهي ، مڊل جي تعليم جھنڊو مري ۽ پيارو لنڊ مان ڪشالا ڪٽي حاصل ڪيائين. وڌيڪ تعليم لاء مفتي عبدالجبار مستوئي صاحب کي نائين ڪلاس لاء هاءِ اسڪول هالا پراڻا ۾ داخل ڪيو ويو. ڏهون ڪلاس وري نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ 1979ع ڌاري پاس ڪيائين.
انٽر جي تعليم ڊگري ڪاليج ٽنڊومحمدخان مان حاصل ڪيائين.
روحاني ۽ شرعي علم جي شروعات 1982ع ۾ طاهراباد شريف ۽ طريقه عاليه نقش بندي جي سالار حضرت سهڻا سائين نورالله مرقدھ جي هٿ تي بعيت ڪَئي ۽ ديني علم شروع ڪيو.
درس نظامي ، دستار فضيلت جامع غفاريہ الله آباد شريف ڪنڊيارو , شهادت العاليہ B.A تنظيم المدارس پاڪستان پوري مُلڪ ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪيائين. M.A (اسلامڪ ڪلچر - عربڪ) جي ڊگريءَ ٽنڊومحمدخان ڊگريءَ ڪاليج مان حاصل ڪيائين. O.T.C جي ڊگريءَ ايليمينٽري ڪاليج حيدرآباد مان حاصل ڪيائين .
مستوئي صاحب علمي ۽ سماجي زندگي جو هڪ نہ وسرندڙ هيرو آهن. وسيع مطالعي ، وسيع فڪر ۽ وسيع مسترب وارا صوفي آهن. تصوف جي ڪتابن جو ڪافي علم ۽ وٽس ڄاڻ اٿس. سائين جن جي زبان سلوڻي ۽ مٺي ، هلڪي ۽ دل پزير آهي. سندس شاگردن ۽ صحبتن جو وڏو حلقو موجود آهي.
مفتي خليفا عبدالجبار مستوئي طاهري صاحب جن سرڪاري ملازم بطور B.P.S 9 O،T سترهن آڪٽوبر 1989 هاءِ اسڪول چُکي کان شروع ٿي. درس و تدريس جاري رکيائين ان کان پوءِ پراونشلائزڊ هاءِ اسڪول ٽنڊوالهيار ۾ رهيا. اتان 1991-10-22 تي اتان بدلي ٿي سِنڌ ماڊل هاءِ اسڪول ٽنڊوالهيار ۾ پير پاتائين.
محترم عبدالجبار مستوئي صاحب جن جي شادي خانه آبادي 1991ع ۾ ٿي جنهن مان ٻه پُٽ. ۽ ٻن نياڻين جو اولاد آهي.
مفتي خليفا محترم عبدالجبار مستوئي طاهري صاحب جن غريبن جي بچن جي تعليمي ، اخلاقي ، سماجي ۽ ديني خدمت لاء تعليم کاتي ۾ گهڙيو. ريٽائرمنٽ تائين انهي ساڳئي جوش جذبي ، لگن ۽ جاکوڙ سان علمي خدمت ڪندي 27 مئي تي رٽائرڊ ٿي رھيا آھن. هزارين شاگرد سندس شاگردي ۾ تعليم ۽ صحبت مان فيضياب ٿيا آهن.
سائين جن جو لفظن جو انتخاب نهايت حسين ۽ اندازي بيان دلڪش ۽ دل کي ڇهيندڙ آهي. سندس زبان اُستادانا ۽ پختگي سان ڀرپور نظر اچي ٿي. جيڪا شاگردن ۾ ڪشش ۽ دل چسپي پيدا ڪري ٿي.
مفتي صاحب خليفا عبدالجبار مستوئي طاهري جن جو اندازي بيان ٿڪائيندڙ ۽ منجهائيندڙ نہ آهي. پر وندرائيندڙ ۽ روح افزا اهي. پاڻ سنڌي کان سواء عربي ، فارسي ، اردو تي بہ عبور رکن ٿا.
ديني ۽ علمي ڪڇھري ۾ مستوئي صاحب هوندو ته اُھا ڪڇھري بنھ پئي ٻهڪندي. مطلب تہ مستوئي صاحب نهايت شگفته مزاج بزرگ هستي آهن. حاضر جواب ڳالھ ۾ اصل نہ گسندا ، سچ پچ ته مستوئي صاحب پنهنجيءَ انفرادي حيثيت سان وڏين خوبين جا مالڪ آھن.
رب ڪريم کيس اڃان وڏي حياتي عطا فرمائي. آمين.