05/03/2026
📢 اهم اطلاع والدين ۽ شاگردن لاء
محترم والدين صاحبان ۽ پيارا شاگردو،
اها ڄاڻ ڏجي ٿي ته سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي سھڪار سان ھلندڙ اقراء ماڊل ايليمينٽري اسڪول ڳوٺ گل محمد بنڀرو تعلقو صالح پٽ ضلعو سکر اسڪول ڪوڊ340102007
جي سالياني اسيسمينٽ (Annual Assessment) جو شيڊول سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي طرفان جاري ڪيو ويو آهي.
تنهنڪري سڀني شاگردن کي هدايت ڪئي وڃي ٿي ته:
✅ اسڪول ۾ باقاعدي حاضري يقيني بڻائين
✅ روزانو سبق ڌيان سان پڙهن
✅ ورجاءُ (Revision) مڪمل ڪن
✅ ٽيسٽ حل ڪرڻ جي مشق جاري رکن
محترم والدين کي گذارش آهي ته پنهنجي ٻارڙن کي پابندي سان اسڪول موڪلين ۽ امتحان جي تياري ۾ سندن رهنمائي ڪن.
📚 محنت + باقاعدي حاضري = شاندار نتيجا
اسان سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي انهن ڪوششن کي ساراهيون ٿا، جيڪي هو معياري تعليم جي فراهمي ۽ شفاف سالياني اسيسمينٽ جي انعقاد ڪري رهيا آهن، جيئن شاگردن جو مستقبل روشن بڻجي سگهي.
اچو ته گڏجي پنهنجي ٻارڙن جي ڪاميابي لاءِ ڪم ڪريون.
پاران
اي ،سي، ايف اسڪول پارٽنر ۽ اسٽاف
اقراء ماڊل ايليمينٽري اسڪول ڳوٺ گل محمد بنڀرو تعلقو صالح پٽ ضلعو سکر
اسڪول ڪوڊ
340102007