PTALF Sukkur Divison

PTALF Sukkur Divison PTALF SUKKUR DIVISON 🌹
A united platform for teachers’ rights, education improvement, and professional support.❤
📍 Sukkur Division | Pakistan

سھولتون ڏيڻ بجائي استادن سان ظلم.... ھي ڪئي نئي ڳالھ نہ آھي ٻارن کي ايتري ڊير تائين ويھارڻ..! سو ٻھراڙيءَ واري ٻار کي......
09/08/2026

سھولتون ڏيڻ بجائي استادن سان ظلم.... ھي ڪئي نئي ڳالھ نہ آھي ٻارن کي ايتري ڊير تائين ويھارڻ..!
سو ٻھراڙيءَ واري ٻار کي...!
جنھن کي نہ مڪمل ماني ملي نہ ان کي ڪا اسڪول ۾ سھولت ۽ وري سرڪار جا ھر روز جي بنياد تي نوان تجربا ڳالھ سمجھ کان ٻاھر آھي.
جڏھن سردار شاھ آيو آھي...
ھاڻ ھيڏي ڪوڪ کان بعد ھي اڄان وڌيڪ ضد ڪري وقت ائين رھڻ ڏيندا.
ڇو جو عام معاشري کي لڳي ٿو پڙھائڻ سولو ڪم آھي.
وري سوال ڪندا پگھار... الله سائين جو شڪر آ ٻيا وسائل آھن. باقي جي اسان دوست رڳو پگھار تي آھن ھنن جو ھلڻ بہ اسان ھن گناھگار اکين سان ڏٺو آھي.

Facial recognition schadule
10/06/2026

Facial recognition schadule

مرڪزي اليڪشن ڪميشن پ ٽ الف سنڌ پاران اليڪشن سال 2025-26 جي مرڪزي ووٽر لسٽ جاري.سنڌ جي سڀني دوستن کي گذارش ٿي ڪجي ت پنھنج...
05/06/2026

مرڪزي اليڪشن ڪميشن پ ٽ الف سنڌ پاران اليڪشن سال 2025-26 جي مرڪزي ووٽر لسٽ جاري.سنڌ جي سڀني دوستن کي گذارش ٿي ڪجي ت پنھنجن تعلقن/ضلعن۽ ڊويزنن مان مرڪزي ليول جي ووٽرن جا نالا چيڪ ڪن ڪا ڪمي پيشي ھجي ت ايندڙ 24 ڪلاڪن جي اندر مرڪزي اليڪشن ڪميشن کي نوٽ يا درست ڪرائين.

پاران:-مرڪزي اليڪشن ڪاميٽي
پ ٽ الف سنڌ

اڄ مورخہ 25-05-2026 تي ڊائريڪٽر ايجوڪيشن هائير سيڪنڊري سکر ڊويزن محترم سائين حافظ شهاب الدين انڍڙ صاحب سان پ ٽ الف سکر ڊ...
25/05/2026

اڄ مورخہ 25-05-2026 تي ڊائريڪٽر ايجوڪيشن هائير سيڪنڊري سکر ڊويزن محترم سائين حافظ شهاب الدين انڍڙ صاحب سان پ ٽ الف سکر ڊويزن جي قيادت جي هڪ انتهائي اهم، تاريخي، تفصيلي ۽ ڪامياب ميٽنگ ٿي گذري، جيڪا تقريباً ٻن ڪلاڪن تائين نهايت خوشگوار، سنجيده ۽ باوقار ماحول ۾ جاري رهي.
ميٽنگ جو آغاز قرآن پاڪ جي تلاوت سان ٿيو، جيڪا ڊائريڪٽر صاحب پاڻ وڏي عقيدت سان فرمائي۔ ان کان پوءِ تعارفي مرحلي بعد پ ٽ الف سکر ڊويزن جي صدر محترم محمد ذڪريا ٻرڙو صاحب تفصيلي ايجنڊا پيش ڪيو، جنهن ۾ استادن، تعليمي عملي ۽ تعليم سان لاڳاپيل ڪيترن ئي اهم مسئلن کي انتهائي مدلل انداز ۾ رکيو ويو.
ميٽنگ دوران جيڪي اهم ايجنڊا زيرِ بحث آيا، تن ۾ خاص طور:
✔️ PST کان SST پروموشنز جي تيز ۽ شفاف عملدرآمد
✔️ Treasury کان Director Office تائين Power DDO منتقل ڪرڻ وارو اهم معاملو
✔️ Official Recognition App کي هر تعلقي سطح تي لاڳو ڪرڻ
✔️ DRC سکر جي Credential رپورٽ بابت اهم اڳڀرائي
✔️ گهوٽڪي ضلعي جا 105 Credential مڪمل طور Verify ٿيڻ
✔️ خيرپور ضلعي جي جاري پروسيس تي اطمينان ۽ جلد مڪمل ٿيڻ جي اميد
✔️ Face Recognition ۽ سڃاڻپ واري عمل کي تعلقي سطح تي ڪرائڻ لاءِ سهولتون فراهم ڪرڻ

ڊائريڪٽر صاحب سائين حافظ شهاب الدين انڍڙ صاحب هر ايجنڊا کي نهايت غور، سنجيدگي ۽ مثبت انداز سان ٻڌو ۽ ڪيترن ئي معاملن تي فوري حل، تعاون ۽ اڳڀرائي جي خاطري پڻ ڪرائي, پاڻ واضح طور تي چيو ته تعليم کاتي ۾ بهتري، استادن جي سهولت ۽ نظام جي مضبوطی لاءِ هر ممڪن قدم کنيو ويندو.
🌹 خاص طور تي پ ٽ الف جي نوجوان قيادت، سندن تنظيم، سنجيدگي، اتحاد ۽ استادن جي حقن لاءِ جدوجهد کي ڊائريڪٽر صاحب پاران تمام گهڻو ساراهيو ويو۔ پاڻ فرمايو ته پ ٽ الف ۾ نوجوان قيادت جو جذبو، شعور ۽ مثبت سوچ مستقبل لاءِ خوش آئند ڳالهه آهي.
ميٽنگ دوران پ ٽ الف ضلع خيرپور جي بهادر، متحرڪ ۽ قابل صدر محترم خير محمد سومرو صاحب ضلعي ليٽر پيڊ تي اهم مطالبو پيش ڪيو ته Face Recognition ۽ سڃاڻپ واري عمل کي استادن جي سهولت خاطر تعلقي سطح تي مڪمل ڪيو وڃي، جنهن کي ڊائريڪٽر صاحب نهايت مثبت انداز ۾ قبول ڪندي عملي سهولت فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ۽ان حوالي سان ٻن ٻن تعلقن کي گڏ ڪري استادن لاءِ آسان ۽ بهتر انتظام ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو.

ميٽنگ ۾ شرڪت ڪندڙ معزز اڳواڻن ۾:
محمد ذڪريا ٻرڙو (صدر پ ٽ الف سکر ڊويزن)
ياسر شاهه (جنرل سيڪريٽري سکر ڊويزن)
محمد عيسيٰ حاجاڻو (سينيئر نائب صدر پ ٽ الف سکر ڊويزن)
خير محمد سومرو (صدر ضلع پ ٽ الف خيرپور)
محمد اسماعيل عامر (صدر ٺري ميرواھ)
نياز حسين شاهه (جنرل سيڪريٽري ضلع سکر)
محمد سليم پتافي (انفارميشن سيڪريٽري ڊويزن سکر)
مختيار علي گڏاڻي (صدر ضلع سکر)
تاج محمد ڪٽپر ( تعلقا صدر روهڙي)
شاهد حسين جٽ
۽ ٻين ڪيترن ئي ساٿين ڀرپور شرڪت ڪئي.
الحمدللہ، هي ميٽنگ نه صرف انتهائي ڪامياب رهي، پر ڪيترن ئي اهم معاملن ۾ واضح اڳڀرائي، مثبت نتيجا ۽ استادن لاءِ خوشخبريون پڻ سامهون آيون۔ پ ٽ الف جي قيادت هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ڪيو ته گڏيل اتحاد، مضبوط آواز، سنجيده جدوجهد ۽ باوقار قيادت سان هر جائز حق حاصل ڪري سگهجي ٿو.
پ ٽ الف هميشه وانگر استادن جي حقن، تعليم جي بهتري، نوجوان قيادت جي حوصلا افزائي ۽ تعليمي نظام جي مضبوطی لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي.

🌹 اتحاد • جدوجهد • ڪاميابي 🌹










💕 بهتر حڪمت عملي , مضبوط تنظيم 💕پ ٽ الف جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري👈 سائين مختيار احمد سولنگي صاحبجي بهترين حڪمت عملي، سياسي ...
22/05/2026

💕 بهتر حڪمت عملي , مضبوط تنظيم 💕

پ ٽ الف جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري
👈 سائين مختيار احمد سولنگي صاحب
جي بهترين حڪمت عملي، سياسي بصيرت ۽ تنظيمی صلاحيتن سبب
ڊويزن جي اهم ۽ مضبوط ان اپوز نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ تي
سموري استادن برادري کي واڌايون پيش ڪيون ٿا.

هي قدم صرف هڪ نوٽيفڪيشن ناهي،
پر اها پ ٽ الف جي مضبوط تنظيم، متحد قيادت ۽ استادن جي اعتماد جي فتح آهي.
سائين مختيار احمد سولنگي صاحب هميشه تنظيم جي بهتري، استادن جي حقن ۽
اتحاد جي مضبوطي لاءِ ڏينهن رات جدوجهد جاري رکي آهي.

انشاءالله اهڙي دور انديش قيادت جي رهنمائي ۾
پ ٽ الف وڌيڪ مضبوط، منظم ۽ فعال تنظيم بڻجي
استادن جي هر جائز حق لاءِ اڳئين صف ۾ بيٺي رهندي.

🌹 سلام پيش ڪيون ٿا اهڙي بهادر، سنجيده ۽ مخلص قيادت کي
جيڪا ذاتي مفادن کان مٿانهون ٿي
صرف استادن جي عزت، حقن ۽ تنظيم جي مضبوطي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي.

✊ استاد اتحاد زنده آباد
✊ پ ٽ الف پائنده آباد
✊ مضبوط قيادت ، روشن مستقبل

تحرير:
استاد محمد عيسيٰ حاجاڻو
سينيئر نائب صدر
پ ٽ الف سکر ڊويزن

💕 پ ٽ الف سنڌ جي مرڪزي اليڪشن 2026 جو شيڊول جاري ...💕استادن جي حقن، تعليم جي بهتري ۽ تنظيم جي مضبوطي لاءِ جدوجهد ڪندڙ پ ...
21/05/2026

💕 پ ٽ الف سنڌ جي مرڪزي اليڪشن 2026 جو شيڊول جاري ...💕

استادن جي حقن، تعليم جي بهتري ۽ تنظيم جي مضبوطي لاءِ جدوجهد ڪندڙ پ ٽ الف سنڌ پاران مرڪزي اليڪشن جو باقاعده شيڊول اڄ بتاريخ 21 مئي 2026 تي جاري ڪيو ويو آهي.

هي چونڊون نه صرف تنظيم جي مستقبل جو فيصلو ڪنديون، پر استادن جي آواز کي وڌيڪ مضبوط، منظم ۽ باوقار بڻائڻ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪنديون.

اسان کي اميد آهي ته سمورا ساٿي استاد جمهوري عمل ۾ ڀرپور حصو وٺندي، اتحاد، شعور ۽ تنظيم جي اصل روح کي برقرار رکندا.
ڇو ته مضبوط تنظيم ئي استادن جي مسئلن جو حقيقي حل ۽ تعليم جي بهتري جي ضمانت آهي.

استاد اتحاد زنده آباد
پ ٽ الف سنڌ پائنده آباد

💕 استاد محمد عيسيٰ حاجاڻو
سينيئر نائب صدر پ ٽ الف سکر ڊويزن💕

💕 سنڌ جي استادن ۽ تعليم کاتي جي سموري عملي لاءِ اهم اطلاع....💕گورنمينٽ آف سنڌ جي اسڪول ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ پا...
21/05/2026

💕 سنڌ جي استادن ۽ تعليم کاتي جي سموري عملي لاءِ اهم اطلاع....💕

گورنمينٽ آف سنڌ جي اسڪول ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ پاران جديد ٽيڪنالاجي تحت FRAMES (Facial Recognition Attendance & Monitoring Evaluation System) جو نفاذ شروع ڪيو ويو آهي، جنهن تحت استادن ۽ غير تدريسي عملي جي Face Registration ۽ Verification جو عمل جلد مڪمل ڪيو ويندو. هن جديد سسٽم جو بنيادي مقصد تعليمي نظام ۾ شفافيت، حاضري جي بهتر نگراني، رڪارڊ جي صحيح تصديق ۽ گورننس کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ آهي ته جيئن تعليم جي شعبي ۾ جديد ۽ منظم نظام کي هٿي ملي سگهي.

جاري ڪيل هدايتن موجب هر ضلعي ۾ ٻه اسڪول رجسٽريشن سينٽر طور مقرر ڪيا ويندا، جتي سموري تدريسي ۽ غير تدريسي عملي کي پنهنجو اصل CNIC ۽ اصل Appointment Order ساڻ کڻي اچڻو پوندو. اختيارين موجب رجسٽريشن جو عمل نهايت باوقار، ملازم دوست ۽ منظم انداز ۾ مڪمل ڪيو ويندو، جڏهن ته ڪنهن به قسم جي غفلت يا لاپرواهي خلاف قانون موجب ڪارروائي پڻ عمل ۾ آندي ويندي.

سکر، خيرپور، گهوٽڪي ۽ ميرپور ماٿيلو جي ضلعي تعليم آفيسرن کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ته هو پنهنجي دائري اختيار هيٺ سمورن اسڪولن تائين اهي هدايتون پهچائين ۽ SOPs تي مڪمل عملدرآمد کي يقيني بڻائين.
تعليم صرف روزگار نه، پر قومن جي مستقبل جي تعمير جو اهم ذريعو آهي، ۽ جديد ٽيڪنالاجي سان ليس اهڙا قدم تعليمي نظام کي وڌيڪ شفاف، مضبوط ۽ موثر بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا.

محمد عيسي حاجاڻو
سينيئر نائب صدر پ ٽ الف سکر ڊويزن

💕 پ ٽ الف سنڌ جي مرڪزي اليڪشن 2026 جو شيڊول جاري ...💕استادن جي حقن، تعليم جي بهتري ۽ تنظيم جي مضبوطي لاءِ جدوجهد ڪندڙ پ ...
21/05/2026

💕 پ ٽ الف سنڌ جي مرڪزي اليڪشن 2026 جو شيڊول جاري ...💕

استادن جي حقن، تعليم جي بهتري ۽ تنظيم جي مضبوطي لاءِ جدوجهد ڪندڙ پ ٽ الف سنڌ پاران مرڪزي اليڪشن جو باقاعده شيڊول اڄ بتاريخ 21 مئي 2026 تي جاري ڪيو ويو آهي.

هي چونڊون نه صرف تنظيم جي مستقبل جو فيصلو ڪنديون، پر استادن جي آواز کي وڌيڪ مضبوط، منظم ۽ باوقار بڻائڻ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪنديون.

اسان کي اميد آهي ته سمورا ساٿي استاد جمهوري عمل ۾ ڀرپور حصو وٺندي، اتحاد، شعور ۽ تنظيم جي اصل روح کي برقرار رکندا.
ڇو ته مضبوط تنظيم ئي استادن جي مسئلن جو حقيقي حل ۽ تعليم جي بهتري جي ضمانت آهي.

استاد اتحاد زنده آباد
پ ٽ الف سنڌ پائنده آباد
تعليم دوست قيادت سلامت رهي...

💕 استاد محمد عيسيٰ حاجاڻو
سينيئر نائب صدر پ ٽ الف سکر ڊويزن💕

💕🇵🇰❤️🇨🇳 پاڪ چين دوستي: اعتماد، اخلاص ۽ ڀائپي جي لازوال تاريخ ❤️🇨🇳🇵🇰💕پاڪ چين دوستي صرف ٻن ملڪن جو سفارتي تعلق نه، پر اعتم...
21/05/2026

💕🇵🇰❤️🇨🇳 پاڪ چين دوستي: اعتماد، اخلاص ۽ ڀائپي جي لازوال تاريخ ❤️🇨🇳🇵🇰💕

پاڪ چين دوستي صرف ٻن ملڪن جو سفارتي تعلق نه، پر اعتماد، اخلاص، محبت ۽ ڀائپي جي اها شاندار ۽ امر داستان آهي، جيڪا وقت جي هر آزمائش ۾ وڌيڪ مضبوط بڻجي سامهون آئي آهي.
75 سالن کان جاري هي رشتو دنيا لاءِ هڪ مثالي پيغام آهي، جنهن کي حق بجانب طور چيو وڃي ٿو ته:
“هيماليه کان بلند، سمنڊ کان گهري ۽ ماکي کان مٺي دوستي”
چين هميشه پاڪستان جي هر ڏکئي وقت ۾ سچي دوست ۽ مضبوط ساٿي طور گڏ بيٺو آهي، جڏهن ته پاڪستان پڻ هر عالمي فورم تي چين سان پنهنجي وفاداري، اعتماد ۽ ڀائپي جي رشتن کي هميشه قائم رکيو آهي.
چاهي ڳالهه اقتصادي ترقي جي هجي، تعليم، ٽيڪنالاجي يا سي پيڪ (CPEC) جهڙي تاريخي منصوبي جي، ٻنهي ملڪن هڪ ٻئي جي ترقي، خوشحالي ۽ امن لاءِ گڏجي نئون سفر شروع ڪيو آهي، جيڪو مستقبل ۾ وڌيڪ روشن نتيجا آڻيندو.
اڄ پاڪ چين دوستي صرف حڪومتن تائين محدود ناهي رهي، پر اها ٻنهي ملڪن جي عوام، نوجوانن ۽ نئين نسلن جي دلين ۾ به زنده آهي. اسان جا ٻار به انهيءَ محبت، امن ۽ ڀائپي جي پيغام کي اڳتي وڌائي رهيا آهن.

🇵🇰❤️🇨🇳
👈پاڪ چين دوستي زنده باد
هيماليه کان بلند، سمنڊ کان گهري دوستي.....

محمد زڪريا ٻرڙو
صدر، پ ٽ الف سکر ڊويزن

19/05/2026

PTALF Sukkur Division Team meeting moments❤🍂

Address

Sukkur

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when PTALF Sukkur Divison posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share