AKU EB academy

AKU EB academy

Share

Visit our YouTube channel https://youtube.com/@aku-ebacademy4500?si=zOKbfaL2A_7pfDOC & subscribe it

Photos from AKU EB academy's post 19/06/2025

😡 𝘾𝙤𝙧𝙧𝙪𝙥𝙩𝙞𝙤𝙣 𝘼𝙡𝙚𝙧𝙩: 𝙎𝙋𝙎𝘾 𝙁𝙖𝙞𝙡𝙞𝙣𝙜 𝙊𝙪𝙧 𝙔𝙤𝙪𝙩𝙝, 𝘿𝙚𝙨𝙩𝙧𝙤𝙮𝙞𝙣𝙜 𝙁𝙪𝙩𝙪𝙧𝙚𝙨! 😡

The recent interviews for Subject Specialist Chemistry (BPS-17) by the Sindh Public Service Commission (SPSC) have once again exposed the blatant disregard for merit and transparency!

We are witnessing a heartbreaking reality where highly qualified candidates, holding M.Phil and Ph.D degrees from highly reputed institutions, with years of valuable experience, are being deliberately ignored – not just once, but repeatedly in interviews.

This is not just an interview; it's a mockery of our education system and a direct attack on the hopes and dreams of brilliant, hardworking individuals!

How can a province progress when its public service commission is riddled with nepotism and corruption? When will merit truly prevail in Sindh?

We demand:
and into the Subject Specialist Chemistry interview results.
for all candidates.
for those involved in undermining the merit system.
for every deserving candidate whose future is being jeopardized by these corrupt practices.

Our youth deserve better! Sindh deserves better! Let's raise our voices against this injustice.



*𝘾𝙖𝙡𝙡 𝙩𝙤 𝘼𝙘𝙩𝙞𝙤𝙣:
* Share this post if you believe in meritocracy!
* Tag relevant authorities and media outlets.
* Comment below with your thoughts and experiences. Let's make our collective voice heard!
fans

27/02/2025
24/02/2025

2060 کانپوءِ دنيا ڪيئن ھوندي ،،،
،، ٿورو وقت ڪڍي هي آرٽيڪل لازمي پڙهندا ۽ شيئر ڪندا🙏

(ٽيڪنالاجي جي ترقي جا اڍائي سؤ سال)

اڄ کان اڍائي سؤ سال اڳ واري زماني يعني سن 1800 عيسوي ۾ دنيا ڪيئن هئي؟

نہ ٽيليفون،
نہ ٽي وي،
نہ ڪا گاڏي نہ ڪار،
نہ ريل،
نہ ايئرڪنڊيشنر،
نہ فرج،
نہ بينڪ،
نہ اي ٽي ايم مشين،
نہ واشنگ مشين، نہ اسڪول ڪاليج ۽ يونيورسٽي،
نہ ڊاڪٽر
نہ ايلوپيٿڪ دوائون نہ ايڪسري مشين، نہ الٽراسائونڊ،
نہ انٽرنيٽ ۽ اڄوڪي زماني واري ڪنهن هڪ بہ سهولت جو وجود ڪونہ هئو.

حيرت جي حد تہ اها آهي تہ
بجلي بہ نہ هئي.
مائيڪل فيراڊي جيڪو هڪ لوهار جو پٽ ھئو کي جس ھجي،
جنهن اليڪٽرڪ اِنڊڪشن تي تجربا ڪري ڪري نيٺ 1831 ۾ بجلي ايجاد ڪئي
۽ پنجاهه سالن کان پوءِ
1881 ۾ ايڊيسن بلب ايجاد ڪري دنيا کي روشن ڪيو.

مائيڪل فيراڊي هڪ لوهار جو پٽ هو ۽ پاڻ جلد ساز هئو، ڏينهن جو ڪتابن جي جُلد بندي ڪندو هو ۽ رات جو انهن ڪتابن جو مطالعو ڪندو هو.

اندازو ڪيو اگر بجلي جي دريافت نہ ٿئي ها تہ
گذريل ٻن سؤ سالن ۾ ٿيل بي شمار ايجادون نہ ٿي سگهن ها جيڪي بجليء جي ڪري ممڪن ٿي سگھيون.

ٿورو اڳتي وڌون ٿا.
اڄ کان سؤ سوا سؤ سال اڳ واري دنيا ڪيئن هئي؟
يعني سن1900 عيسوي ۾ انسان جي زندگي ڪيتري سولي هئي.

مٿي ڄاڻيل ايجادن مان ڪيتريون وجود ۾اچي چڪيون هيون.
اڃان ٿورو ويجهو اچون.

نوي جي ڏهاڪي ۾ يعني ٽيھ سال اڳ،
سراسري عمر پنجاھ سال جي جي سڀني ماڻهن ياد هوندو.

ٿورو فليش بيڪ تہ ڪيو.
ڪاڏي ويو ريڊيو،
ڪاٿي آهي
اينٽينا واري ٽي وي،
ٽيپ رڪارڊر،
ٽيپ جي ڪيسيٽ،
وي سي آر،
سي ڊي پليئر،
واڪ مين،
فلاپي ڊسڪ، رول واري ڪيمرا،
پبلڪ ڪال آفيس ۽ ان دور جون اُهي سموريون شيون هاڻي خوبصورت ناسٽلجيائي يادگيرريون بڻجي ويون آهن.

دؤر ۾ واحد ٽي وي چئنل پي ٽي وي جون خبرون ٻڌي،
ساڍي نائين بجي پاڪ سرزمين شاد باد جو ترانو ٻڌي ڏهين بجي سمهي پئبو هو.

ٽيهن سالن ۾ نوي جي ڏهاڪي واري شيون اڄ ماضيءَ جو قصو آهن.

تمام ٿوري وقت ۾ تمام گھڻي تبديلي اچي وڃي تہ ان کي ’فيوچر شاڪ‘ اڻ ڏٺوجهٽڪو` چون ٿا.
اها تبديلي ايتري تيزي ۽ شدت سان آئي ، جو سماج کي جھٽڪو (Shock) لڳو.

اڄ اسان جي هن ئي سماج ۾ ئي ڪجھ اهڙا فرد بہ زنده آهن،
جن کوهن مان پاڻي ڀريو ۽ ڏاند گاڏين تي سفر ڪيو.

اسي نوي يا ان کان مٿي عمر جي ماڻهن پنهنجي ٻالڪپڻ ۽ جواني جي دؤر ۾ ڇا ڏٺو هو؟

هاڻي هن ايڪويهين صديءَ ۾ هي هيڏي ساري تبديل انهن جهونن جي لاءِ ڪنهن جهٽڪي کان گھٽ ناهي.
انهن ماڻهن بيل گاڏيءَ ۾ ٽيھ ڪلو ميٽرن جو سفر ستن ڪلاڪن ۾ ڪيو هو،
انهن ڪڏهن ڪو تصور بہ ڪيو هوندو تہ سندن حياتيءَ ۾ ئي بنا ڊرائيور جي آٽوميٽڪ اليڪٽرڪ ڪار روڊ تي هلندي ۽ هر ماڻهوءَ جي کيسي ۾ موبائل نامي هڪ گيجٽ (ڪل) هوندي جنهن سان دنيا جي ڪنهن بہ ڪنڊ ۾ ڪنهن بہ ماڻهو سان آڊيو وڊيو ذريعي رابطو ڪري سگھبو.

آمريڪا ۾ هڪ سماجي سائنسٽ ايلـوِن ٽافـلر
(Alvin Toffler). سائنسي ۽ سماجي پيشن گويون ڪندو هيو.

هُو جديد دور جو سائنسي جوتشي هو،
جنهن کي دنيا هڪ اڳڪٿي دان (Futurist) سان سڃاڻي ٿي، تازو 2016 ۾ گذاري ويو.
سندس گھڻئي اڳ ڪٿيون سچيون ثابت ٿيون آهن.
فيوچر شاڪ جو اصطلاح بہ ٽافلر پيش ڪيو،
ان عنوان سان سندس ڪتاب پڻ شايع ٿيو.

ٽافلر پنهنجي جڳ مشهورڪتاب فيوچر شاڪ ۾ انساني تهذيب کي ٽِـن دورن ۾ ورهايو آهي،
جن کي هُـو انساني تهذيبي ارتقا جون لهرون ڪوٺي ٿو.
ٽافلر زرعي انقلاب (Agriculture Revolution) کي پهرين لهر ڪوٺي ٿو ۽ صنعتي انقلاب
(Industrial Revolution) کي ٻي لهر، اهڙي طرح
ڄاڻ جي انقلاب
(Knowledge / Information Revolution)
کي ٽين لهر
(Third Wave)
سڏيو آهي .

مرحيات ٽافلر اڄ جيئرو هجي ها تہ آرٽيفيشل انٽيليجنس کي هيومن سِـولائيزيشن جي چوٿين لهر قرار ڏئي ها.

ايڪويهين صدي، آرٽـيفيشل اِنٽيليجنس يا مصنوعي ذهانت جي صدي آهي،
جيڪا
انسان کي مريخ تائين پهچائيندي ۽ ڪائنات جا عجب اسرار پڌرا ڪندي.

اڄڪلھ هڪ خبر گردش ۾ آهي تہ چين پنهنجو مصنوعي سج ٺاهي ورتو آهي.
اهوسج جهڙو آبجيڪٽ دراصل نيوڪليئر فيـوزن ري ايڪٽر آهي.
انسان جي تيار ڪيل هن هٿرادو سج جو گرمي پد ست ڪروڙ ڊگري سيلسيئس آهي،
جيڪو قدرتي سج جي ٽيمپريچر کان پنج ڀيرا وڌيڪ آهي.

هاڻي هن ايڪويهن صديءَ جي ٻاويهين سال ۾
اڄ جو انسان مصنوعي ذهانت ذريعي ڪهڙي سائنسي ترقي ڪئي آهي،
اهي خبرون پاڪستان بنگلاديش جهڙن ملڪن جي خلق کي اڃا خبر بہ ناهي.
اڄ دنيا ۾ ڊرائيور جي بغير اليڪٽرڪ ڪار روڊ هلڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.
انسان جي جسم جي تقريبن سمورن عضون جي ٽرانسپلانٽيشن ٿي رهي آهي،
هاڻي تہ سوئر جي دل ماڻهوءَ جي دل جي جاءِ تي لڳائي وئي آهي.

ناسا وارن نيٺ هڻي هنڌ ڪيو ۽ مريخ جون ايتري ڄاڻ حاصل ڪري ورتي آهي جو مريخ تي انساني سفر جوفيصلو ٿي رهيو آهي.
ايلان مَسڪ جي ڪمپني اسپيس ايڪس
مريخ تي هجرت ڪرڻ لاءِ تياريون ڪري رهي آهي ۽ پنجن اٺن سالن ۾ انسان جي، مريخ تي رسائي ٿي چڪي هوندي.
روبوٽڪس جي شعبي ايتري ترقي ڪئي آهي جو اڄ دنيا ۾ اهڙا ڪيترائي ملڪ آهن جن ۾ ڪاروبار روبوٽ هلائن ٿا.
انسان جي حساس سرجري روبوٽ ڪن ٿا.
ٻہ سال اڳ ڪراچيءَ ۾ سِول اسپتال ۾ دل جو آپريشن روبوٽس پهريون دفعو ڪئي. اَميزون ڪمپني گھر جو راشن ۽ ٽي وي توڙي ليپ ٽاپ سميت گھريلو سامان، ڊرون ڪوريئر سروس ذريعي هوا ۾ اڏاري، گھر جي دروازي تائين پهچائي ٿي.

وڏن سياسي ليڊرس ۽ ليجنڊس جي سيڪيورٽي انسان نہ پر روبوٽس ڪن ٿا.
ايڪويهين صديءَ جا وڏا ماڻهو ايلان مَسڪ، مارڪ زُڪربرگ، بِل گيٽس، جاب ايسٽِـيو، سُندر پِچائي، جيڪ ما ۽ جيف بيزوز آهن.

هاڻي اچو تہ هڪ ننڍڙو جائزو وٺون تہ ٺيڪ 28 سالن کان پوءِ سن 2050 ۾ دنيا ڪيئن هوندي.
چون ٿا تہ جنهن تيز رفتاريءَ سان آرٽـيفيشل انـٽيليجنس/ ھٿراڌو ذھانت، روبوٽِڪس، اِسپيس ٽيڪنالاجي، سولر انرجي،
ڪلوننگ ۽ الائي تہ ڪهڙين ڪهڙين نت نين کان ايجادن ۽ دريافتن جي ڪري دنيا ائين ناقابلِ يقين سطح تائين تبديل ٿي ويندي،
جنهن کي اڄ جو عام سادي فهم فڪر وارو عوام
جادو جو ئي نالو ڏئي سگھي ٿو.

بلڪل ائين، جيئن اڄ سال 2024 جا اسين انسان موجوده دؤر جي سائنسي ترقيءَ کي زندگيءَ جو حصو بہ سمجهون ٿا ۽ ان جا مزا بہ ماڻيون ٿا پر اهي سموريون اڄوڪيون سهولتون اگر سؤ سال اڳ واري بيل گاڏي ۾ سفر ڪندڙ خلق کي اگر ڪوئي ٻڌائي ها تہ
سن 2024 ۾
هي سڀ ڪجهه هوندو تہ
ان کي هُو يا تہ جادو ڪوٺين ها تہ ٻڌائڻ واري کي چريو چون ها.

2050 سال تائين وڏي پئماني تي دنيا مٽجي چڪي هوندي.
ماضيءَ جي ڀيٽ ۾
اڄ جي انسان جي سراسري ڄمار ۾ اضافو ٿي رهيو آهي.
اوڻويهين صديءَ جي انسان جي سراسري عمر پنجيتاليھ پنجاھ سال هئي.
ويهين صديءَ ۾ ميڊيڪل سائنس جي بي پناھ ترقي ۽ ويڪسينيشن جي ڪري
انسان جي موت جي شرح ۾ گهٽتائي ٿي آهي ۽ ويهين صديءَ ۾ انسان جي سراسري عمر سٺ ستر سالن تائين پهتي آهي.
ماتا، ٽي بي ۽ اُن جهڙين ڪيترين بيمارين لکين ماڻهو ماريا ۽ اڄ اُهي بيماريون ختم ٿي چڪيون آهن.
اهڙيءَ طرح ايندڙ پنجاھ سٺ سالن ۾ اڄوڪيون موتمار بيماريون ختم ٿي وڃڻ جي ڪري يا علاج جي ڪري انسان جي سراسري عمر سؤ سوا سؤ سال تائين ٿي ويندي.

ڪنهن بہ بيماري جي تشخيص لاءِ جسم مان رت يا ٻيو مواد ڪڍڻ جي ضرورت نہ هوندي، ڊجيٽل پيٿالاجيڪل واڪ ٿرو
مان سيڪنڊن ۾ گذري وڃڻ سان سموري جسم جي سڀني ننڍن وڏن اندرين توڙي ٻاهرين عضون جون مڪمل ٽيسٽون ٿي وينديون.

2050 تائين ڪاغذي اخبار جي جاءِ تي اليڪٽرڪ ڊجيٽل اخبار هٿن ۾ هوندي،
جيڪا هڪ دفعو ئي خريد ڪبي ۽ روز صبح جو ان جو لي آئوٽ پاڻمرادو تبديل ٿي ويندو ۽ اخبار اپ ڊيٽ ٿي ويندي.

موبائيل فون ائين ختم ٿي ويندا جيئن هاڻي لينڊ لائن واري فون ذري گھٽ ناپيد آهي.

سِـم جي جاءِ نينو چِپ هوندي جيڪا سم وارو ڪم ڪندي ۽ ماڻهو قميص جي بٽڻ ۾،
منڊيءَ ۾،
ڪنن جي اِيـئر رنگس،
نڪ جي نٿ يا پينٽ جي بيلٽ ۾ هوندي ۽ ماڻهو سينسري ڇهاوَ سان رابطاڪاري ڪندا.

ڪپڙا بہ ڊجيٽل بڻايا ويندا، جن کي ڌوئڻ جي ضروت نہ پوندي.
فائبر مٽيريل جي مواد جا اهي ڪپڙا موسم مطابق پاڻ ئي گرم ۽ ٿڌا ٿيندا رهندا.

دنيا جي سمورين ٻولين جي ترجمي جي لاءِ مترجمن کي نور نچوئڻو نہ پوندو بلڪه يونيورسل ٽرانسليشن
جا سافٽ ويئر توهان جي سمارٽ ڪارڊ ۾ انسٽال ڪيا ويندا. ماڻهو ڪهڙي بہ ٻوليءَ ۾ڳالهائيندو
۽ اُتي جو اُتي سيڪنڊن اندر ترجمو ٿي توهان جي ڪنن تائين، توهان جي گھربل ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿي ويندي.

ٿري ڊي پرنٽنگ ذريعي
هولوگرام وجود ۾ اچي چڪو آهي.
ٿري ڊي پرنٽر، ڇپائي جي اهڙي مشين يا پرنٽر آهي جنهن جي وسيلي گلاس، بوٽ، عينڪ، بوتل ۽ اهڙيون بي شمار شيون ڪمپيوٽر جي هڪ ڪِلڪ سان پرنٽ ٿي رهيون آهن،
جيئن اڄ اسان پرنٽر مان پنو پرنٽ ڪندا آهيون.

ڪراڪري جا ٿانوَ ٿِپا سمورا ڊجيٽل بڻجي ويندا.
کاڌي جي پليٽ کائيندڙ شخص کي کاڌي ۾ موجود ڪاربوهائيڊريٽس، فائبر، وٽامِنس، منرلس ۽ ٻين نيوٽريئنٽس جي بابت ٻڌائيندي ۽ مشورو ڏيندي تہ هي کاڌو اوهان کي کائڻ يا نہ کائڻ گھرجي يا ڪيترو کائڻ گھرجي.

اڄ جي دؤر ۾ چائنا خوبصورت عورتن جي شڪل شبيهه وارا روبوٽس ٺاهڻ شروع ڪيا آهن.
2050 تائين توهان پنهنجي پسند جي سڊول جسماني بناوٽ ۽ رنگ روپ قد ڪاٺ واري حَسين عورت يا مرد جي شڪل شبيھ جو هوبهو روبوٽ آرڊر تي ٺهرائي سگھندؤ.
ساڳيءَ ريت توهان پنهنجن پري ويل ابن ڏاڏن ۽ پرين پيارن جي شڪل شبيھ جا هلندڙ ڦرندڙ، ڳالهائيندڙ ٻولهائيندڙ ۽ سوچيندڙ روبوٽس ٺهرائي، انهن سان زندگي گذاري سگھندؤ.

تيل، پيٽرول ۽ ڊيزل جون انجڻيون عجائب گھرن ۾ وڃي بچنديون.
گاڏيون، ٽرينـون ۽ جهاز سڀ اليڪٽرڪ ميگنيٽڪ ٽيڪنالاجيءَ تي اچي وينديون.
دنيا جي ھڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين پهچڻ لاءِ اڌ مُني ڪلاڪ کان وڌيڪ وقت نه لڳندو.

ان سموري ترقيءَ جو سهرو
ڀائو ايلان مَسڪ (Elon Musk) جي ڪمپني ٽيسلا کي ويندو.
ساڳي ئي ايلان مسڪ جي ڪمپني سولر سِٽي
جيڪا شمسي توانائيءَ تي ڪم ڪري رهي آهي.

2050 ۾ گھر 🏠 سيمنٽ ۽ بجري جا نہ هوندا ۽ سِرون بٺي جون پڪل نہ هونديون
بلڪه فائبر ڪنٽينٽيڊ بِرڪس هونديون،
جيڪي سولر اِنرجي تي سج مان بجلي ٺاهينديون ۽ سموري گھر جي بجليءَ جون ضرورتون پوريون ڪنديون،
يعني گھر هڪ ننڍڙو پاور پلانٽ هوندو.

انساني ثقافتون، ريتون رسمون، برادريون،
ذاتيون، رشتا ناتا، ذري گھٽ تيزيءَ سان خاتمي طرف وينديون.

ٻاويهين صدي الائي ڇاجي هوندي؟
پر ايڪويهين صديءَ جي برق رفتاريءَ کي ڏسي
اهو اعتماد سان چئي سگهجي ٿو تہ
ٻاويهين صدي
نينو ٽيڪنالاجي،
جينيات
(Genomics)
خلا
(Space)
۽ ست پاسائين
(Seven Dimensional Technology) جي صدي هوندي.

ڌرتيءَ جي گولي تي رهندڙ سمورين قومن،
رياستن جا پاڻ ۾ صدين کان هلندڙ سياسي سماجي معاملا ۽ مسئلا باقي نہ رهندا،
بلڪ انسان جو ٽڪراءُ فطرت ۽ قدرت سان هوندو.
ڌرتيءَ تي رهندڙ انساني آبادي گھڻي قدر مريخ ۽ ٻين سيّارن تي هجرت ڪري چڪي هوندي.
ايڪويهين ٻاويهين صدين کان پوءِ ايندڙ وارين صدين ۾ ڌرتي، مريخ ۽ ٻيا گرھ، ڪائنات، انسان ۽ ٻيون مخلوقات ڪيئن هونديون ۽ ڪهڙي زندگي جيئنديون؟
انساني زندگي ڪهڙي نوعيت جي هوندي؟
سماج ۽ معاشرو ڪيئن هوندو؟
انهن سوالن جا جواب ایلون ٽافـلر جهڙو فيوچرسٽ ئي ڏئي پئي سگهيو،
پر اها ڳالھ اعتماد سان چئي سگھجي ٿي تہ ايندڙ پنجاھ سؤ سالن ۾ دنيا ۽ انسان جي زندگيءَ جنهن نوعيت جي غير معمولي جادوئي تبديليون اچڻ واريون آهن ۽
هن صديءَ جي پڄاڻيءَ تي انسان سائنسي ترقيءَ ۾ اُها ڪاميابي ڪري چڪو هوندو، جنهن جي ڳالھ ڪرڻ بہ هاڻي هِن دؤر جي عام ذهن رکندڙن کي لٻاڙ هڻڻ جي برابر آهي ،copy

Photos from Government Boys Higher Secondary School, Khanpur Mahar, Ghotki's post 10/01/2025
19/10/2024

Shout out to my newest followers! Excited to have you onboard! Siraj Khan Sindhi, Sajjad Ahmed Naich, Farhan Ali Bullo, Sameer Ahmed, Murshid Ghafar, Muhammed Panah Bhangar

16/10/2024

11/10/2024

Want your school to be the top-listed School/college in Sukkur?

Click here to claim your Sponsored Listing.

Location

Website

Address

Sukkur