Sachal Sarmast Public School & College, Kario Ghanwar

Sachal Sarmast Public School & College, Kario Ghanwar

Share

"To promote and provide modern education at your doorstep."

25/05/2026
24/05/2026

الحمدلله ✨
اڄ سچل سرمست پبلڪ اسڪول اينڊ ڪاليج پنهنجي شاندار روايتن کي برقرار رکندي ڪلاس انٽر جي ٻئي بيچ 2k26 کي انتهائي شان، وقار ۽ محبت ڀرئي ماحول ۾ الوداع ڪيو۔

Photos from Sachal Sarmast Public School & College, Kario Ghanwar's post 24/05/2026

الحمدلله ✨
اڄ سچل سرمست پبلڪ اسڪول اينڊ ڪاليج پنهنجي شاندار روايتن کي برقرار رکندي ڪلاس انٽر جي ٻئي بيچ 2k26 کي انتهائي شان، وقار ۽ محبت ڀرئي ماحول ۾ الوداع ڪيو۔

هي بيچ نه صرف اداري لاءِ فخر جو باعث رهيو، پر پنهنجي اخلاق، محنت ۽ صلاحيتن سان سڀني جي دلين ۾ خاص جاءِ پڻ ٺاهي ويو۔
اسان دعاگو آهيون ته الله پاڪ هنن سڀني شاگردن کي زندگيءَ جي هر امتحان ۾ ڪاميابي، عزت، خوشحالي ۽ روشن مستقبل عطا فرمائي، ۽ هو هميشه پنهنجي والدين، استادن ۽ اداري جو نالو روشن ڪندا رهن۔ 🌹
"وڇوڙو صرف رستن جو هوندو آهي، يادون ۽ محبتون هميشه دلين ۾ زنده رهنديون آهن." ✨

Photos from Sachal Sarmast Public School & College, Kario Ghanwar's post 23/05/2026

اڄ سچل سرمست پبلڪ اسڪول اينڊ ڪاليج ۾
Global Day Of Action 2026
ملهايو ويو، جنهن ۾ شاگردن، استادن ۽ عملي ڀرپور شرڪت ڪئي۔ انهي دوران ماحولياتي تحفظ بابت آگاهي ڏني وئي ۽ شاگردن کي وڻڪاري، صفائي، پاڻي جي بچت ۽ آلودگي کان بچاءَ جي اهميت بابت ٻڌايو ويو۔ جنهن ۾ شاگردن ماحول کي صاف رکڻ ۽ وڻ پوکڻ جا پيغام لکيل پلي ڪارڊ تيار ڪري پيش ڪيا۔
تقريب دوران ماحولياتي دوست Khalifa Hisam Nizamani ٻارن کي ماحول بابت بهترين آگاهي ڏني۔ هن پنهنجي خطاب ۾ صاف سٿري ماحول، وڻڪاري ۽ قدرتي وسيلن جي حفاظت جي اهميت تي زور ڏنو ۽ شاگردن کي ماحول دوست عادتون اختيار ڪرڻ جي تربيت ڏني۔ سندس معلوماتي ڳالهين شاگردن ۾ ماحولياتي شعور پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو۔

15/05/2026

*ٻارن جي ڪاميابي جو پهريون قدم هتان شروع ٿئي ٿو!*
سچل سرمست پبلڪ اسڪول، ڪڙيو گهنور ۾ *داخلا ٽيسٽ جي تياري* لاءِ نئون بيچ شروع ٿي رهيو آهي.

تجربيڪار استادن جي رهنمائي هيٺ تياري ڪريو:
*سنڌ يونيورسٽي، زرعي يونيورسٽي ٽنڊوجام، GC يونيورسٽي حيدرآباد، BS نرسنگ ۽ LAT ٽيسٽ لاءِ.*

مستقبل روشن بڻايو، اڄ ئي داخلا وٺو!"

08/05/2026

🌟 سچل سرمست پبلڪ اسڪول اينڊ ڪاليج ڪڙيو گهنور 🌟
📢 داخلائون جاري آهن 📢
🎓 ڪلاس ڪي جي کان ٻارهين جماعت تائين
پنهنجي ٻارن کي معياري تعليم، بهترين تربيت ۽ روشن مستقبل ڏيارڻ لاءِ
اڄ ئي داخلا ڪرائڻ جو بهترين موقعو!
✨ اسان جون خاصيتون ✨
✔ قابل ۽ تجربيڪار استاد
✔ بهترين تعليمي ۽ اخلاقي ماحول
✔ جديد تدريسي طريقا
✔ سائنس ۽ آرٽس گروپن جي سهولت
✔ شاگردن جي مڪمل رهنمائي ۽ تربيت
🏫 سچل سرمست پبلڪ اسڪول اينڊ ڪاليج، ڪڙيو گهنور
📚 “تعليم سان روشن مستقبل ڏانهن هڪ مضبوط قدم” 📚
📞 وڌيڪ معلومات ۽ داخلا لاءِ رابطو ڪريو:
📱 0344-2070478
📱 0324-3551865

Want your school to be the top-listed School/college?

Website

Opening Hours

Monday 08:00 - 13:30
Tuesday 08:00 - 13:30
Wednesday 08:00 - 13:30
Thursday 08:00 - 13:30
Friday 08:00 - 12:30
Saturday 08:00 - 13:30