گُل ناز چلڊرين اڪيڊمي ٺري ميرواھ

گُل ناز چلڊرين اڪيڊمي ٺري ميرواھ

Share

تعليم ۽ شعور

26/05/2026

صرف 8 وڳي کان 2 وڳي تائين اسڪول ۾ ويهڻ ايمانداري ناهي، ايمانداري اها آهي ته توهان ڪلاس ۾ شاگردن کي ايمانداري سان پڙهايو ٿا يا نه.

Photos from ‎گُل ناز چلڊرين اڪيڊمي ٺري ميرواھ‎'s post 23/05/2026

قد جو فيصلو، پاڙ ڪندي آهي. (اوڪيچوڪو سي ازيڪي)
گُل ناز چلڊرين اڪيڊمي ٺري ميرواھ تي ٻارڙن جي علمي ۽ شعوري آبياري جي جاکوڙ جاري ۽ ساري آهي.
اڄ پهرين بيچ جي سائنس ۽ ٻين بيچ جي انگريزي گرامر جي ٽيسٽ ۾ سڦلتا ماڻيندڙ شاگردن کي شاباس ڏني وئي.
پهرين بيچ جي سائنس جي آزمائشي پيپر ۾ ڪاشف علي ويسر, منصور علي شر ۽ نصيب الله ويسر ڪاميابي ماڻي. ٻين بيچ جي انگريزي گرامر جي ٽيسٽ ۾ ماجد علي ويسر, حسنين علي مانڊڻ, حبيب الله ويسر, راشد حسين ويسر ۽ محمد عثمان سومرو ڪاميابي ماڻي.

03/05/2026

ننڍڙو شاگرد مسرور علي شر ادل سومرو جو بيت ”اَچو تَه اَوهَان جِي دِل وِندرَايُون“ٻڌائيندي. اچو ته پاڻ سڀئي گڏجي ٻاراڻن ٻولن سان پنهنجي دل وندرايون.
گُل ناز چلڊرين اڪيڊمي ٺري ميرواھ

15/04/2026

”جيڪي پوکينداسين سوئي لڻنداسين.“
استاد فرمان علي منگي گهوٽڪي جي عمر ڊهو اسڪول جو نوجوان انتهائي قابل ۽ جاکوڙي ڪردار آهي. جيڪو ٻارڙن ۾ پڙهائيءَ کان اڳ والدين, استادن کي احساس ذميواري کڻڻ سان گڏوگڏ شاگردن ۾ اتساھ پيدا ڪرڻ ۽ سندن حوصلا افزائي لاءِ مسلسل جاکوڙ جي عمل ۾ مصروف رهي پيو.
هن ويڊيو ۾ پڻ ٻارڙن جي تربيت جي ضرورت کي سهڻي طريقي سان بيان ڪيو ويو آهي. هڪ منٽ جي ويڊيو ضرور ٻڌندا.
نوٽ: ذڪر هيٺ آيل نالو مريم حضرت هارون عليه اسلام جي ڀيڻ آهي, جنهن حضرت موسيٰ عليه اسلام جي تربيت ڪئي.

Photos from ‎گُل ناز چلڊرين اڪيڊمي ٺري ميرواھ‎'s post 19/03/2026

سِجُ، ڳوٺ کي وِساري نه ٿو، مَحض ان لاءِ ته ننڍڙو آهي.
(آفريڪن پھاڪو)
2024ع ۾ جڏهن اڪيڊمي جي شروعات ڪئي هئيسين.

21/02/2026

۲۱ فيبروري مادري ٻولين سان پيار جو عالمي ڏينهن
جنيد احمد ويسر ۽ نصيب الله ويسر

14/02/2026

ﷺ🌹

04/02/2026

آ ديس جي لبن تي تهذيب جو ترانو
اجرڪ ڪُلهن تي اوڍي رنگين ٿيو زمانو
منصور علي شر پنهنجي تقرير ۾ سنڌ ۽ ثقافت کي خراج عقيدت پيش ڪندي.
(حصو پهريون)

Want your school to be the top-listed School/college in Sindh?

Click here to claim your Sponsored Listing.

Location

Website

Address

Thari Mirwah
Sindh