15/05/2026
سکر : سنڌ پروفيسر سبجيڪٽ اسپيشلسٽ ايسوسيئيشن يونٽ ڪمپريهنسو هائيرسيڪنڊري اسڪول سکر جي پنجن ڄڻن اسسٽنٽ پروفيسر مان ايسوسئيٽ پروفيسر ٿيڻ جي خوشيءَ ۽ اڳوڻي ڊويزن صدر سکر سپسا پرنسپل پروفيسر عبدالوهاب بلوچ جو گريڊ 20 ۾ سينئر پرنسپل جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ جي مانَ ۾ تقريب ٿي گذري. جنھن ۾ گلن جي تحفن ، اجرڪن جي تحفن ۽ مٺائي ورهائي وئي. تقريب جي شروعات ڪلام پاڪ سان ٿي يونٽ جي جرنل سيڪريٽري سعيد احمد ڀيو پروگرام جي ڪاروائي هلائيندي پروفيسر عبدالوهاب بلوچ، پروفيسر فهيم اختر شيخ، پروفيسر مبارڪ حسين ڀٽو، پروفيسر بدرالدین ڀيو ، پروفيسر عبدالحليم چاچڙ ،پروفيسر فراز احمد خان، کي پروموشن تي مبارڪ آباد ڏني خطاب ڪندي چيو تہ استاد سماج جو سڀ کان اهم ۽ بنيادي ڪردار ادا ڪندڙ فرد آهي. انسان جي شخصيت، سوچ، علم، اخلاق ۽ مستقبل جي تعمير ۾ استاد جو حصو انتهائي وڏو ۽ اثرائتو هوندو آهي. استاد رڳو ڪتابي علم سيکارڻ وارو نه هوندو آهي ، پر هو شاگردن جي اندر انسانيت، سچائي، محنت، برداشت ۽ ذميواري جو شعور به پيدا ڪندو آهي. ان ڪري چيو ويندو آهي ته استاد قوم جو معمار هوندا آهن، ڇو ته هو ايندڙ نسلن کي سنواري ٿو ۽ انهن کي صحيح راهه ڏيکاري ٿو. سپسا تنظيم پنهنجي ميمبرن جي ترقي ۾ وڏي جاکوڙ ڪري انھن کي پنهنجا حق وٺي ڏنا آهن. تقريب کي سمورن پروموشن ماڻيندڙ پروفيسرن خطاب ڪندي پنهنجي تنظيم جا ٿورا مڃيا ۽ وچن ڪيو تہ سنڌ جي تعليم کي بھتر بڻائڻ ۽ ادارن جي بهتري لاءِ پنهنجون صلاحيتون استعمال ڪري بھتر ڪيو ويندو.
استادن جو ڪردار شاگردن لاءِ والدين کان پوءِ سڀ کان اهم آهي. گهر ۾ والدين ٻار جي تربيت ڪن ٿا، پر اسڪولن ۾ استاد انھن جي تربيت ڪري انهن شاگردن کي نکاريندا آھن . استاد شاگردن کي نه رڳو پڙهائي ٿو ، پر زندگي گذارڻ جا اصول به ٻڌائيندو آهي. هو انهن کي سچ ڳالهائڻ، ٻين جو احترام ڪرڻ، وقت جي پابندي ڪرڻ ۽ محنت سان اڳتي وڌڻ سيکاري ٿو. اهڙي طرح استاد هڪ شاگرد کي مڪمل انسان ٺاهڻ ۾ پنهنجي زندگي ارپي ڇڏي ٿو. استاد پنهنجي شاگردن سان محبت ۽ شفقت سان پيش اچي ٿو. استاد نه رڳو فرد جي زندگي بدلائي ٿو، پر پوري سماج جي تقدير به بدلائي ٿو. اهڙيءَ ريت استاد جو ڪردار هميشه اهم رهيو آهي ۽ رهندو، ڇو ته علم، تربيت ۽ انسانيت جي واڌ ويجهه ۾ استاد جو ڪو متبادل ناهي. آخر يونٽ جي وائيس پرنسپل تقريب جو اختتام ڪندي سڀني کي مبارڪون ڏنيون.