Sachal Model Higher Secondary School Kumb

Sachal Model Higher Secondary School Kumb School has been providing quality education in a small city kumb, It was established in 1999.

پڙهندي سنڌ ته وڌندي سنڌ تعليم ترقي تبديلي  تعليم پرايو ۽ معاشري جي سنڀال ڪريوسچل ماڊل هائير سيڪنڊري اسڪول ڪنب
21/08/2026

پڙهندي سنڌ ته وڌندي سنڌ
تعليم ترقي تبديلي
تعليم پرايو ۽ معاشري جي سنڀال ڪريو
سچل ماڊل هائير سيڪنڊري اسڪول ڪنب

21/08/2026

سچل ماڊل هائير سيڪنڊري اسڪول ڪنب

Flag-hoisting Ceremony 🇵🇰 The flag rises, and so does our pride.A moment of honour, a celebration of freedom, and a prom...
14/08/2026

Flag-hoisting Ceremony

🇵🇰 The flag rises, and so does our pride.
A moment of honour, a celebration of freedom, and a promise to serve our nation with sincerity and purpose.
Long live Pakistan! 🇵🇰

13/08/2026

14 آگسٽ آزادي جي موقعي تي مبارڪون

08/08/2026
08/08/2026

پريس رليز
تاريخ 08 آگسٽ 2026

خيرپور / ڪوٽڏجي /ڪنب (پ ر) سچل ماڊل هائير سيڪنڊري اسڪول ڪنب جا 30 سال مڪمل، شاندار تعليمي سفر جي موقعي تي تقريب

ڪنب: سچل ماڊل هائير سيڪنڊري اسڪول ڪنب پنهنجي شاندار تعليمي سفر جا 30 سال مڪمل ڪري ورتا آهن. ان سلسلي ۾ اسڪول ۾ هڪ سادي ۽ پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ اسڪول جي انتظاميا، معزز مهمانن ۽ تعليم سان لاڳاپيل شخصيتن شرڪت ڪئي.

تقريب دوران اسڪول جي 30 سالا تعليمي سفر جي خوشيءَ ۾ ڪيڪ ڪاٽيو ويو. ان موقعي تي خصوصي مهمان طور روٽري انٽرنيشنل سنڌ ۽ بلوچستان جا
2028-29 جا نامزد گورنر
انجنيئر عبدالجبار شيخ صاحب ۽ سرمد علي وساڻ، ڊپٽي ڪمشنر، سنڌ روينيو بورڊ سکر شرڪت ڪئي ۽ اسڪول انتظاميا، استادن ۽ شاگردن کي 30 سال مڪمل ٿيڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي.

تقريب کي خطاب ڪندي مهمانن سچل ماڊل هائير سيڪنڊري اسڪول ڪنب جي ٽن ڏهاڪن تي ٻڌل تعليمي خدمتن کي ساراهيندي چيو ته معياري تعليم، بهتر تربيت ۽ شاگردن جي روشن مستقبل لاءِ اهڙا ادارا معاشري ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. هنن اسڪول جي انتظاميا، پرنسپال، استادن ۽ شاگردن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.

ان موقعي تي اسڪول جي پرنسپال سائين ڪرم حسين وساڻ ۽ مينيجنگ ڊائريڪٽر محمد فاضل وساڻ مهمانن جي آمد تي ٿورا مڃيندي چيو ته سچل ماڊل هائير سيڪنڊري اسڪول ڪنب گذريل 30 سالن کان تعليم جي روشني پکيڙڻ ۽ نئين نسل جي بهتر تربيت لاءِ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. هنن چيو ته هي سفر مستقبل ۾ به وڌيڪ عزم، محنت ۽ جدت سان جاري رهندو.
”جهان کي ڏيو مبارڪون، اسين پيا ڪاهيندا اچون“ جي عزم سان سچل ماڊل هائير سيڪنڊري اسڪول ڪنب پنهنجي 30 سالا شاندار سفر کي اڳتي وڌائيندي تعليم جي ميدان ۾ وڌيڪ ڪاميابين لاءِ پرعزم آهي.
پريس ترجمان
سچل ماڊل هائير سيڪنڊري اسڪول ڪنب

پريس رليزتاريخ 08 آگسٽ 2026 خيرپور / ڪوٽڏجي /ڪنب (پ ر) سچل ماڊل هائير سيڪنڊري اسڪول ڪنب جا 30 سال مڪمل، شاندار تعليمي سف...

سچل ماڊل هائير سيڪنڊري اسڪول ڪنب کي اڄ 30 سال مڪمل ٿيا جنهن جو ڪيڪ روٽريانٽرنيشل جا گورنر عبدالجبار شيخ صاحب  سچل ماڊل ه...
08/08/2026

سچل ماڊل هائير سيڪنڊري اسڪول ڪنب کي اڄ 30 سال مڪمل ٿيا جنهن جو ڪيڪ روٽري
انٽرنيشل جا گورنر عبدالجبار شيخ صاحب
سچل ماڊل هائير سيڪنڊري اسڪول ڪنب جا اونر ڪرم حسين وساڻ سرمد علي وساڻ ڊپٽي ڪمشنر سنڌ روينيو بورڊ سکر ۽ مينيجنگ ڊائريڪٽر محمد فاضل وساڻ جن ڪيڪ ڪٽيو۔ ان موقعي تي ڪرم حسين وساڻ چيو ته اڄ مون کي تمام گهڻي خوشي آهي جو اڄ اسڪول کي 30 سال مڪمل ٿيا ۽ ڪيترائي شاگرد هتان پڙهي ڪري وڏين پوسٽن تي فائز آهن۔ ۽ عبدالجبار شيخ صاحب محترم ڪرم حسين وساڻ صاحب کي مبارڪون ڏنيون ۽ ڪرم حسين وساڻ صاحب جي محنتن کي ساراهيو۔
Muhammad Fazul Wasan Sindh Education Foundation, Government of Sindh

روٽري انٽرنيشل جا گورنر عبدالجبار شيخ صاحب جو سچل ماڊل هائير سيڪنڊري اسڪول ڪنب جو دورو ڪيو ان موقعي تي اونر ڪرم حسين وسا...
08/08/2026

روٽري انٽرنيشل جا گورنر عبدالجبار شيخ صاحب جو سچل ماڊل هائير سيڪنڊري اسڪول ڪنب جو دورو ڪيو ان موقعي تي اونر ڪرم حسين وساڻ سرمد علي وساڻ ڊپٽي ڪمشنر سنڌ روينيو بورڊ سکر ۽ مينيجنگ ڊائريڪٽر محمد فاضل وساڻ پڻ گڏ هئا۔ عبدالجبار شيخ صاحب اسڪول جي دوري دروان اسڪول جي ڪمن ۽ اسڪول مينيجمينٽ جي محنتن کي ساراهيو
Sindh Education Foundation, Government of Sindh
Muhammad Fazul Wasan

Address

Sachal Model Higher Secondary School Kumb, Taluka Kot Diji, District Khairpur Mir's
Sindh
KUMB,SINDH...

Opening Hours

Monday 08:00 - 14:00
Tuesday 08:00 - 14:00
Wednesday 08:00 - 14:00
Thursday 08:00 - 14:00
Friday 08:00 - 14:00
Saturday 08:00 - 14:00

Telephone

+923003157596

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Sachal Model Higher Secondary School Kumb posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The School

Send a message to Sachal Model Higher Secondary School Kumb:

Shortcuts

Share

Category