01/04/2026
علم عقل جي روشن راهه آهي، تعليم سان ئي قومون ترقي ڪن ٿيون. هر ٻار جو تعليم حاصل ڪرڻ بنيادي حق آهي. تعليم اسان جي نئين نسل کي بهتر مستقبل جا روشن خواب ڏيکاري ٿي. اڻپڙهيل ماڻهو اونداهيءَ ۾ ائين هوندو آهي، جيئن بنا منزل جي مسافر. هر ماءُ پيءُ کي گهرجي ته پنهنجي ٻار کي اسڪول موڪلي علم جي زيور سان سينگاري. اسڪول وڃڻ سان ٻار نه صرف علم پر تربيت، اخلاق ۽ ادب پڻ سکي ٿو. تعليم يافته قوم ئي دنيا جي چئلينجن کي منهن ڏئي سگهي ٿي. اڄ جو ٻار سڀاڻي جو معمار آھي، ان لاءِ تعليم ئي بهترين واٽ آهي.
پڙھندي سنڌ ته وڌندي سنڌ "