GBES Abdul Wahid Buriro

GBES Abdul Wahid Buriro

Share

Taluka SaeedAbad, District Matiari.
پڙھندي سنڌ ته وڌندي سنڌ

04/09/2025

گورنمينٽ ايليمينٽري اسڪول عبدالواحد ٻرڙو ۾ منعقد ٿيل عيدِ ميلادِ نبي صلي الله عليه وسلم جي پروگرام ۾ استادِ محترم جونيئر ايليمينٽري اسڪول ٽيچر عبدالوراث ميمڻ صاحب نعتِ رسول مقبول صلي الله عليه وسلم پيش ڪندي

08/12/2024

گورنمنٽ بوائز ايليمينٽري اسڪول عبدالواحد ٻرڙا جي ھونھار شاگردياڻي ....

سنڌ جو تعارف
ڪالھ پڇيو ڪنھن رستي ويندي، آخر ڪھڙو ديس آ تنھنجو، مون تہ چيو مان سنڌي آھيان، سنڌڙي جندڙي ديس آ منھنجو، مون تہ چيو مان سنڌي آھيان، سنڌڙي جندڙي ديس آ منھنجو، ھونئن تہ آدم زادو آھيان، جيڪو پايان ويس آ منھنجو، ھن دنيا ۾ ھُن دنيا ۾ اھڙي ڪنھنجي ڌرتي ناھي، جُڳ جڳن کان آھي منھنجي، ويزا تي مون ورتي ناھي، اڀري آھي، سڀري آھي، سوداگر لاءِ سستي ناھي، جنھن تي چنڊ مدامي عاشق، جنھن جو ساکي سج ازل کان، جنھن جا درد دراوڙ وانگي، جنھن جا نينھن بہ نج ازل کان، جنھن کي ٻنيون ٻارا پنھنجا، جنھن کي پنھنجا ٻج ازل کان، جنھن وٽ لاڙ اُتر ۽ ڪاڇو، جنھن وٽ ٿر بر ڏھر قديمي، ڳھريل ڳالھيون ڳوٺ انھي جا، شعلن جھڙا شھر قديمي، جنھن وٽ پنھنجون ماکيون آھن، جنھن وٽ پنھنجا ذھر قديمي، جنھن ۾ ھڪڙو مست قلندر جھولي لالڻ لال سدائين، انالحق اليندا سچل سنڌ ۾ سالھا سال سدائين، جنھن وٽ ڪيئي شاھ عنايت، مقتل مالا مال سدائين، جنھن وٽ ھڪڙو سيد آھي، جنھن وٽ ھڪڙو شاھ ڀٽائي، تند تنبورو تاڻي ھر ڪو، ڳائي ويٺو جنھن جي وائي، ٻولي جنھن جي دودي جھڙي، لولي جنھن جي ٻاگھل ٻائي، بک بہ پنھنجي اُڄ بہ پنھنجي، جنھن وٽ پنھنجا ڏک بہ آھن، جنھن ۾ سالن کانپوءِ بہ ايندا سانوڻ وانگي سک بہ آھن، پنھنجن ڌارين جا سڀ گڏجي، تير تڪيندا ڪُک بہ آھن، جنھن وٽ ڪو ميزائل ناھي، جنھن وٽ ايٽم بم بہ ناھي، جنھن وٽ پنھنجي فوج بہ ناھي، جنھن جو ان کي غم بہ ناھي، ٻي ڪا ڌرتي ڌوڙ ڪرڻ جو ھن کي ڪوجھو ڪم بہ ناھي، تون چئو ڇا کي ھار مڃين ٿو تو کي ڪھڙي جيت ٻڌايان ڌرتي کي جي ماءُ چون ٿا توکي اھڙا ميت ٻڌايان، توکي ٿا جي نوحا گھرجن توکي پنھنجا گيت ٻڌايان يارن جو جي يار تون آھين، پوءِ مان تو کي يار ٻڌايان ، پر توکي غدار وڻن جي چئو تہ کڻي غدار ٻڌايان، پرديسي چئو تو کي ڪھڙا ڪھڙا پنھنجا پار ٻڌايان پوءِ مون ٿڌڙو ساھ کنيون ھو، ھن کان ھن جو ديس پڇيو ھو، ٿورو مرڪي ھو تہ ھليو ويو، سوچيم ڇا مون کيس پڇيو ھو، ڪالھ جڏھن ڪنھن ويندي ويندي مون کان منھنجو ديس پڇيو ھو.

21/08/2024

گورنمينٽ بوائز ايليمينٽري اسڪول عبدالواحد ٻرڙو

13/11/2023

جوڙيا سائين سڀ جنسار !!!!!

28/09/2023

پنجين ڪلاس جو ننڍڙو ٻالڪ خوبصورت نعت مبارڪ صلي الله عليه وسلم پڙھندي !!!!
گورنمنٽ ايليمينٽري اسڪول عبدالواحد ٻرڙا !!!

Photos from Gov. Elementary School Abdul Wahid Buriro's post 28/09/2023

عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم !
گورنمنٽ ايليمينٽري اسڪول عبدالواحد ٻرڙو ۾ شاندار تقريب جو انعقاد ٿيو ! جنھن ۾ ٻارن شاندار تقريرون ۽ نعت پيش ڪيا ، آخر ۾ ھيڊ ماستر سائين محمد دين بلوچ صاحب جي طرفان ٻارن کي ٽرافيز ، ميڊلز ۽ ڪيش انعام پڻ ڏنا ويا !
Mohd Din Sonaro
Bhutto Barkat
Ali Muhammad Laghari
Gov. Elementary School Abdul Wahid Buriro

20/09/2023

نعت شريف ❤️❤️ صلي الله عليه وسلم
پنجين ڪلاس جو معصوم نينگر عامر سومرو نعتِ رسول مقبول صلي الله عليه وسلم ياد ڪندي ❤️❤️❤️
ربيع الاول جي تياري ❤️❤️
Bhutto Barkat
Mohd Din Sonaro
Ali Muhammad Laghari
Ali Ahmed Jamali

Photos from Gov. Elementary School Abdul Wahid Buriro's post 17/09/2023

آنڌي ۾ جوت جلائڻ وارا سنڌي.

ڀٽو برڪت.

يونين ڪائونسل ۽ ڳوٺ عبدالواحد ٻرڙا جي واحد ايليمينٽري اسڪول جي هيڊ ماستر محترم سائين دين محمد بلوچ صاحب پنهنجي اسڪول جي مالڪي ڪندي معزز آفيسرن پٽيل علي محمد لغاري صاحب، تعلقه ايجوڪيشن آفيسر سعيد آباد سيد اشرف شاه، پرنسپال برڪت ﷲ ڀٽو. گسٽا اڳواڻ علي محمد جمالي ۽ اسڪول جي نئين جي اي ايس ٽي استاد افضل چنا صاحب تعليمي رضاڪار رحمت ﷲ ٻلال ۽ راجا سولنگي ۽ عبدﷲ ٻرڙو، شاهد حسين لغاري صاحب محمد حسن لغاري کي ايليمينٽري اسڪول عبدالواحد ٻرڙا جي داخلا شرح سميت اسڪول جي عمارت جي ۽ ٻين مسئلن متعلق آگاهي ڏني.
اسڪول جي بهتري لاء مستقل طور حڪمت عملي سان ڪم ڪرڻ لاء صلاح ويچار ڪئي وئي.
هيڊ ماستر محمد دين بلوچ صاحب آيل مهمانن کي سعيدآباد ۾ پنهنجي اوطاق تي سنڌ جي ثقافت اجرڪ ۽ لنگي پيش ڪئي وئي بعد ۾ پرتڪلف عمده مانجهاندو پڻ پيش ڪيو..
محمد دين بلوچ صاحب توهان جا لک لائق توهان جا جو پنهنجي اسڪول جي مالڪي ڪندي اسان کي محبت ۽ مان ڏئي عزت بخشي....

07/09/2023

يوم دفاع 2023
Government Elementary School Abdul Wahid Buriro

05/09/2023

گونجار ڪندي جا مون کان پوء،
تنھن جندڙي جو مان جھرڻو ھان،
مان ورڻو ھان، مان ورڻو ھان،

Want your school to be the top-listed School/college in Sindh?

Click here to claim your Sponsored Listing.

Location

Category

Website

Address

Matiari
Sindh