22/02/2025
استاد واجد علي لاشاري کي FC بلوچستان ۾ ڪاميابي سان پاس ٿيڻ تي دل جي گهراين سان مبارڪون!
هيءَ ڪاميابي نه صرف سندس ذاتي محنت جو نتيجو آهي، پر اهو پڻ ثابت ڪري ٿو ته استاد پنهنجي شاگردن سان گڏوگڏ پاڻ کي به بهتر بڻائڻ لاءِ مسلسل ڪوششون ڪندا رهن ٿا. پرنسپل استاد نظير حسين بروهي، استاد سعدالله بروهي ۽ سموري اسڪول اسٽاف جو کيس عزت ۽ احترام سان الوداع ڪرڻ سندس خدمت، محنت ۽ ڪردار جي وڏي واکاڻ آهي.
اها گھڙي بيشڪ جذباتي هوندي، پر ساڳئي وقت اها فخر جو لمحون به آهي. الله ڪري ته استاد واجد علي لاشاري پنهنجي ايندڙ سفر ۾ به ڪامياب رهي ۽ ملڪ جي خدمت ۾ نوان مثال قائم ڪري. الله توفيق ڏئي!