Government Boys High School Arbab Taj Muhammad Khetlari

Government Boys High School Arbab Taj Muhammad Khetlari

Share

During assembly

Photos from Government Boys High School Arbab Taj Muhammad Khetlari's post 14/08/2024

August 2024
Independance🇵🇰Day 🇵🇰PAK💓

01/06/2024

اونھاري جون موڪلون ۽ والدين ڏانهن خط
پيارا والدين، اسلام وعليڪم
گذريل ڏهن مهينن دوران اسان کي توهان جي ٻارن جي سنڀال ڪرڻ جو مزو آيو. ايندڙ ٻن مهينن لاءِ، توهان انهن سان گڏ موڪلون گذاريندا. اچو ته هن دور کي انهن لاءِ ثمردار ۽ خوشيءَ وارو دور بنائڻ لاءِ ڪجهه تجويزون ونڊ ڪجن ٿيون .

1. ساڻن گهٽ ۾ گهٽ ٻه وقت ماني گڏ کائو ۽ کين هارين جي محنت جي اهميت سيکاريو ۽ کين چئو ته هو پنهنجو کاڌو ضايع نه ڪن.
2. انهن کي هر کاڌي کان پوءِ پنهنجون پليٽون ڌوئڻ ڏيو، ٻارن کي اهڙين سرگرمين مان محنت جو شرف حاصل ٿئي ٿو.
3. انھن کي اجازت ڏيو ته توھان کي رڌ پچا ء ۾ مدد ڪن . انهن کي پنهنجي سبزي ۽ سلاد ٺاهڻ ڏيو
4. هر روز انگريزي جا ٻه نوان لفظ سکو ۽ نوٽ بڪ ۾ لکو
5ـ پنهنجي ٻارن کي ڏاڏاڻن / ناناڻن سان ملائڻ لاء وٺي وڃو ـ انهن جي محبت ۽ لاڳاپو توهان جي ٻارن لاء تمام اھم آھي ۽ ان جا ڪجهه فوٽو بہ ڪڍي رکجو ـ
6- ٻارن کي پنهنجي ڊيوٽي واري ھنڌ بہ ھڪ ڏينهن وٺي وڃو تہ جيئن انهن کي خبر پوي تہ توھان سڄو ڏينهن ڪيتري سخت محنت ڪيو ٿا ـ
7- ٻارن کي گھر ۾ باغ باني ۽ وڻ پوکڻ ان جي سارسنڀال ڪرڻ بہ سيکاريو ۽ کين ان متعلق ڄاڻ بہ ڏيو
8- ٻارن سان پنهنجي ننڍپڻ جون ڳالهيون ۽ خاندان متعلق بہ ڄاڻ ڏيو
9. ٻارن کان گھر کان ٻاھر راندين لاء موڪليو ڀلي ننڍا ڌڪ يا رھڙون کائين ۽ درد جو احساس ٿئي ـ سڄو ڏينهن گھر ۽ صوفن تي وقت گذارڻ سان ھو سست ٿي ويندا
10- ٻارن کي جانور يا پکي پالڻ جي اجازت ڏيو
11ـ ٻارن کي ڪجهه لوڪ گيت بہ ياد ڪرايو
12ـ ٻارن کي تصويرن وارن ڪھاڻين جا ڪتاب ۽ وڏن ماڻھن جون سوانح عمريون پڙھايو
13- ٻارن کي موبائيل ـ ڪمپيوٽر ۽ ٽي وي کان پري رکو ـ ڇو ت انهيَ ڪمن لاء سڄي عمر پئي آهي
14- ٻارن کي مٺايون چاڪليٽ ۽ سموسا وغيره نہ کارائيندا
15. ٿي سگھي تہ ٻارن جي اکر سڌارڻ لاء ٻہ صفحا روز لکرايو
16- ٻارن جي اکين ۾ ڏسو ۽ خدا جو شڪر ادا ڪيو تہ ان توهان کي ڪھڙي وڏي نعمت سان نوازيو آھي
والدين جي حيثيت سان توهان تي لازم آهي تہ پنهنجو ڪجهه وقت ٻارن کي ڏيو ـ
اونھاري جي موڪلن لاء توهان جي لاء نيڪ تمنائون 🙏
Copied

29/04/2024

ضروري اطلاع
نائين ۽ ڏھين ڪلاس جي سمورن شاگردن کي اطلاع ٿو ڪجي تہ پنھنجون امتحاني سلپون گورنمينٽ ھائي اسڪول کيتلاري مان اڄ کان ئي وصول ڪن. 2 مئي 2024 کان ساليانا امتحان شروع ٿي رھيا آھن...
پاران اڇ ايم عبدالعزيز مورو.
Boys High School Government Boys High School Arbab Taj Muhammad Khetlari

29/04/2024

عام اطلاع
سڀني معزز والدين حضرات کي عرض ڪجي ٿو ته پنهنجن ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين (يعني شاگردن يا شاگردياڻين) کي امتحان ۾ حاضري جي يقيني کي برقرار رکندا ته جيئن ڪو به شاگرد يا شاگردياڻي جو پرچو يعني پيپر رهجي نه وڃي.
شڪريه.
Boys High School Arbab Taj Muhammad Khetlari

29/04/2024

اعلان!
سڀني نائين ۽ ڏهين ڪلاس جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي اطلاع ڪجي ٿو ته امتحان جون سلپون گورنمينٽ هاء اسڪول کيتلاري مان کڻي سگهو ٿا...

Photos from Sir Dawood Umer's post 27/04/2024
Photos from Tabish Entertainment zone's post 21/04/2024
18/04/2024

During conducted Local Annual Examination 2024
some clips of duty.

13/04/2024

News Alert:
مُحترم والدين..........................................................اسلام عليڪم.....

اميد ته اوھان خوش ھوندا
GBHS ARBAB TAJ MUHAMMAD KHETLARI, Taluka Kaloi.
۾ ساليانه امتحان ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر جي جاري ڪيل ٽائيم ٽيبل مطابق 16 اپريل 2024 کان شروع ٿي رهيا آھن . تنهنڪري توهان کي گذارش ٿي ڪجي ته پنهنجن ٻارن کي امتحان دوران حاضر رکندا ته جيئن ڪنهن ٻار جو سال ضايع ٿيڻ کان بچي سگهي.
انهي لاء پنهنجي ٻارن کي گهر ۾ امتحان جي تياري تي پڻ ڌيان ڏيندا .
مهرباني

Regards: Head Master
Azizullah Mooro
GBHS KHETLARI, Taluka Kaloi.

18/03/2024

پنج ساله اسڪالرشپ پروگرام..
سنڌ مدرسه بورڊ ايجوڪيشن انڊوومينٽ اسڪالرشپ پروگرام تحت سنڌ جي غريب ۽ هوشيار شاگردن کان درخواستون گهرائجن ٿيون.
ستون ڪلاس پاس شاگرد اپلائي ڪري سگهن ٿا، انٽري ٽيسٽ پاس ڪندڙ شاگردن کي انٽرميڊيئٽ تائين تعليم ۽ ٻيون سهولتون ڏنيون وينديون.
اپلائي ڪرڻ جي آخري تاريخ 30 اپريل 2024 آهي.
انٽري ٽيسٽ 12 مئي 2024 تي ورتي ويندي.

Want your school to be the top-listed School/college in Sindh?

Click here to claim your Sponsored Listing.

Location

Category

Website

Address

Kaloi
Sindh