SPLA Shikarpur

SPLA Shikarpur

Share

The use of this page is to share information, help for college teachers, support for betterment of college education in sindh.

06/05/2023

انا للہ وانا الیہ راجعون.
پروفيسر اظهار احمد مھر جي ڀيڻ جي لاڏاڻي تي ساڻس تعزيت جو اظهار ڪجي ٿو.

Photos from SPLA Shikarpur's post 05/05/2023

05 مئي 2023ع:
ڊائريڪٽر ڪاليجز لاڙڪاڻو ريجن پروفيسر احمد بخش ڀٽو کي 20 گريڊ ملڻ واري خوشيءَ جي موقعي تي ڪاليج جي دوستن پاران گلن جا هار پارائي مبارڪباد ڏني وئي.

Photos from SPLA Shikarpur's post 05/05/2023

04 مئي 2023ع:
ڪاليج جي ايسوسئيٽ پروفيسر سائين عبدالحفيظ ناپر کي رمضان شريف جي بابرڪت مھيني ۾ عمري جي سعادت ماڻڻ تي دوستن پاران گلن جا ھار پارائي مبارڪباد ڏني وئي.

Photos from SPLA Shikarpur's post 05/05/2023

ضلعي شڪارپور جي رھواسين لاءِ خوشخبري:
ڊائريڪٽر ڪاليجز لاڙڪاڻو پروفيسر احمد بخش ڀٽو صاحب پاران پروفيسر حافظ مختيار احمد رند خانپور ڊگري ڪاليج جي پرنسپال جي مقرري جو آرڊر ڏيڻ دوران.

Photos from SPLA Shikarpur's post 04/05/2023

عيد جي موڪلن کان پوءِ ڪاليج ۾ ڪلاس باقاعدگيءَ سان ھلي رھيا آھن.

Photos from SPLA Shikarpur's post 04/05/2023

تاريخ 03 مئي 2023ع تي شڪارپور بچايو تحريڪ جي وفد چيئرمين الاھي بخش شيخ جي اڳواڻيءَ ۾ سي اينڊ ايس گورنمينٽ ڊگري ڪاليج شڪارپور جو دورو ڪيو. آيل وفد جي معززين ڪاليج جي پرنسپال ۽ استادن ملاقات ڪئي ۽ سندنن مسئلا حل ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي.

28/04/2023

یہ اس دن کی حاضری ہے جب سی اینڈ ایس گورنمنٹ ڈگری کالج شکارپور کے پرنسپل ارشاد احمد جمانی نے کالج ٹیچرز کو غیرحاضر دکھایا۔ ڈونڈھ کر دکھائیے، ان میں سے کون سا استاد غیر حاضر ہے؟

Photos from SPLA Shikarpur's post 27/04/2023

سي اينڊ ايس گورنمينٽ ڊگري ڪاليج شڪارپور جو پرنسپال ارشاد احمد جماڻي جيڪو 2 بيرا اڳ پنهنجي نوڪري اھو چئي ڇڏي چڪو آهي تہ مان ان پوسٽ تي ڪم ڪرڻ جي لائق ناهيان. ان جي لياقت کي پرکڻ لاءِ وڌيڪ ٻي ڪھڙي ثبوت جي ضرورت آهي؟

Photos from SPLA Shikarpur's post 12/01/2022

پروفيسر سيد عارف حسين شاھ صاحب کي 20 گريڊ ۾ ترقي ملڻ ۽ سي سي اينڊ ايس گورنمينٽ ڊگري ڪاليج شڪارپور ۾ ڊيوٽي جوائن ڪرڻ تي سندن مانَ ۾ ٽيچنگ اسٽاف طرفان ھڪ آجياڻو (Welcome Party) رکي وئي. جنهن ۾ پرنسپال پروفيسر سيد اياز علي شاھ صاحب سميت سڄي اسٽاف شرڪت ڪئي.

Photos from SPLA Shikarpur's post 29/10/2021

پريس رليز:

سپلا ڪوآرڊينيشن ڪاميٽي فار ٽائيم اسڪيل ضلع شڪارپور طرفان شاھ عبداللطيف ڀٽائي يونيورسٽي خيرپور جي وي سي خليل ابوپوٽو ۽ رجسٽرار مريد ابوپوٽو جي ڪرپشن خلاف بيدل پبلڪ لائبريري شڪارپور کان پريس ڪلب شڪارپور تائين ھڪ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ھن ريلي ۾ ضلعي شڪارپور جي ڇھن ڪاليجن سي اينڊ ايس گورنمينٽ ڊگري ڪاليج شڪارپور، شاھ لطيف آرٽس اينڊ ڪامرس ڪاليج شڪارپور، گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج شڪارپور، بوائز ڊگري ڪاليج مدئجي، گرلز ڊگري ڪاليج مدئجي ۽ ڳڙهي ياسين ڊگري ڪاليج جي استادن ڀرپور شرڪت ڪئي. استادن جي ھٿن ۾ پلي ڪارڊ ھئا، جن تي مختلف مطالبا لکيل ھئا. استادن لطيف يونيورسٽي جي انتظاميا خلاف زبردست نعري بازي ڪئي. استادن حڪومت کان مطالبو ڪيو تہ لطيف يونيورسٽي جي ڪرپٽ وي سي ۽ رجسٽرار کي فوري ھٽايو وڃي، استادن جا 2017ع کان رھيل چيڪ فوري پاس ڪيا وڃن، حاضر شاگردن کي غير حاضر ڄاڻائن جو سلسلو بند ڪيو وڃي, سنڌ جي ٻين يونيورسٽي وانگر ليڪچرارز کي امتحاني ڊيوٽيز ڏنيون وڃن، ڳرين فين جو خاتمو آندو وڃي ۽ ڪاپين جي چڪاس، پريڪٽيڪلز ۽ سينٽز جا بل فوري ادا ڪيا وڃن نہ تہ ٻي صورت ۾ ھن احتجاج جو دائرو اڃا وڌايو ويندو، جنهن جي ذميوار يونيورسٽي انتظاميا ھوندي.
ھن احتجاج ۾ سوين استادن شرڪت ڪئي، جن ۾ پروفيسر شيراز علي سومرو، پروفيسر رتن ڪمار، پروفيسر محمد پنھل سومرو، پروفيسر حسام الدين ميمڻ، پروفيسر محمد اسحاق ڀٽي، ڊي پي اِي نصر ﷲ ميمڻ، پروفيسر اشفاق احمد مڱريو، پروفيسر سليم ﷲ شيخ، پروفيسر عامر سومرو، پروفيسر اياز احمد مھر، پروفيسر گيانچند، پروفيسر خالد وسير، پروفيسر راجا آفتاب ڀٽو، پروفيسر الھداد سومرو ۽ پروفيسر غلام قادر سومرو شامل ھئا.

28/10/2021
Want your school to be the top-listed School/college in Shikarpur?

Click here to claim your Sponsored Listing.

Location

Category

Website

Address

Shikarpur