16/12/2025
📅 Important Examination Notice for Parents
GBELS SHAH LATIF, SHIKARPUR
This notice is to formally inform all parents about the Mid-Term Examination for the Academic Session 2025-26.
Mid-Term Examination Started from Monday, December 15, 2025 to Saturday, December 20, 2025
All parents are requested to ensure their children attend school punctually every day throughout the examination week (December 15th to December 20th).
Please help your child prepare thoroughly for their exams to achieve the best possible results.
Your cooperation in ensuring full student attendance during this critical period is highly appreciated.
Regards:
School Administration
GBELS Shah Latif, Shikarpur
07/12/2025
تاريخ 06.12.2025 تي گورنمينٽ بوائز ايليمينٽري اسڪول شاھ لطيف شڪارپور ۾ استادن جي سرواڻي هيٺ منعقد ڪيل ڪلچرل ڊي جو پروگرام گرائونڊ نه ھجڻ، ھال نه ھجڻ ۽ ننڍي اسڪول هجڻ باوجود انتهائي منظم، شاندار ۽ ڪامياب رهيو.
ٻارن پنهنجي محنت، سٺي منصوبابندي ۽ منظم صلاحيتن سان هن تقريب کي يادگار بڻايو.
شاگردن ثقافتي لباس، رقص ۽ مختلف فنون جي ذريعي پنهنجي ثقافت کي خوبصورت نموني سان پيش ڪيو.
هي پروگرام نه رڳو وندر جو ذريعو هو پر شاگردن ۾ قومي سڃاڻپ ۽ ثقافت سان محبت جو جذبو به پيدا ڪيو.
29/11/2025
درجي پنجين جي شاگردن ۽ شاگردياڻي کي مڊٽرم ٽيسٽ ۾ پوزيشن ماڻڻ تي سندن حوصلا افزائي جي لاءِ ميڊل سان نوازيو ويو.
21/11/2025
درجي پنجين جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون انگريزي سبق ‘Invitation Letter’ جي نهايت شاندار، نفيس، جامع ۽ بهترين معيار جي اسائنمينٽ تيار ڪري آيا آھن.
شاگردن کي اهو سيکاريو ويندو آهي ته ڪنهن به سماجي، مذهبي يا خانداني تقريب ۾ ماڻهن کي احترام سان ڪيئن گھرائجي.
دعوت نامو لکڻ خط نگاري جو اهم حصو آهي. دعوت نامي جو مقصد صرف اطلاع ڏيڻ ناهي، پر مهمان لاءِ عزت، محبت ۽ خوش اخلاقی جو اظهار به آهي.