Govt. Primary Iqra School Care colony Sehwan

Govt. Primary Iqra School Care colony Sehwan Dear Teacher and friends You can Post here only school activety هن گروپ م صرف هن اقراء اسڪول جون سرگرميون شيئر ڪري سگهجن ٿيون

03/06/2023

حق موجود

08 جون تي پارليامينٽ ھائوس اسلام آباد جي سامھون 09 جون تي پيش ٿيندڙ مالي سال 2023/2024 جي وفاقي بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگھارن ۽ ڪنوينس/ھائوس رينٽ/ميڊيڪل الائونسز ۾ واڌ لاء آل گورنمينٽ ايمپلائيز گرينڊ الائنس جي رھنما رحمان باجوه جي اعلانيل ڌرڻي ۾ وفاق سميت چئني صوبن جي سرڪاري ملازمن جو گڏيل طور تي ڌرڻو لڳندو الله پاڪ اسان جي ملازمن کي سرخرو ڪري
ڪاپي

31/05/2023

پ ٽ الف ونگ تعلقا سيوھڻ جي صدر سائين محمد بخش رند جي اڳواڻي ۾ نون آيل استادن جي شاندار استقبال لاءِ SASIMS جي آڊيٽوريم۾ تقريب منعقد ڪئي وئي. جتي اسان جي اسڪول جي استاد سائين Manzoor Mustafa Lakho پنھنجي خيالن جو اظهار ڪيو...

Our school kids welcomed our new IBA teachers via Inqlab Song by Sarmad Sindhi at SASIMS auditorium Sehwan Sharif
30/05/2023

Our school kids welcomed our new IBA teachers via Inqlab Song by Sarmad Sindhi at SASIMS auditorium Sehwan Sharif

30/05/2023

Day: Tuesday
Grade:5th
Subject: Sindhiسنڌي
Topic: Poem هلو سبز پرچم اڏاري هلو
Activity Read poems in a melodious voice.

29/05/2023

اونھاري جون موڪلون ۽ والدين ڏانهن خط
پيارا والدين، اسلام وعليڪم
گذريل ڏهن مهينن دوران اسان کي توهان جي ٻارن جي سنڀال ڪرڻ جو مزو آيو. ايندڙ ٻن مهينن لاءِ، توهان انهن سان گڏ موڪلون گذاريندا. اچو ته هن دور کي انهن لاءِ ثمردار ۽ خوشيءَ وارو دور بنائڻ لاءِ ڪجهه تجويزون ونڊ ڪجن ٿيون .

1. ساڻن گهٽ ۾ گهٽ ٻه وقت ماني گڏ کائو ۽ کين هارين جي محنت جي اهميت سيکاريو ۽ کين چئو ته هو پنهنجو کاڌو ضايع نه ڪن.
2. انهن کي هر کاڌي کان پوءِ پنهنجون پليٽون ڌوئڻ ڏيو، ٻارن کي اهڙين سرگرمين مان محنت جو شرف حاصل ٿئي ٿو.
3. انھن کي اجازت ڏيو ته توھان کي رڌ پچا ء ۾ مدد ڪن . انهن کي پنهنجي سبزي ۽ سلاد ٺاهڻ ڏيو
4. هر روز انگريزي جا ٻه نوان لفظ سکو ۽ نوٽ بڪ ۾ لکو
5ـ پنهنجي ٻارن کي ڏاڏاڻن / ناناڻن سان ملائڻ لاء وٺي وڃو ـ انهن جي محبت ۽ لاڳاپو توهان جي ٻارن لاء تمام اھم آھي ۽ ان جا ڪجهه فوٽو ب ڪڍي رکجو ـ
6- ٻارن کي پنهنجي ڊيوٽي واري ھنڌ ب ھڪ ڏينهن وٺي وڃو ت جئين انهن کي خبر پوي ت توھان سڄو ڏينهن ڪيتري سخت محنت ڪيو ٿا ـ
7- ٻارن کي گھر ۾ باغ باني ۽وڻ پوکڻ ان جي سارسنڀال ڪرڻ ب سيکاريو ۽ کين ان متعلق ڄاڻ ب ڏيو
8- ٻارن سان پنهنجي ننڍپڻ جون ڳالهيون ۽ خاندان متعلق ب ڄاڻ ڏيو
9. ٻارن کان گھر کان ٻاھر راندين لاء موڪليو ڀلي ننڍا ڌڪ يا رھڙون کائين ۽ درد جو احساس ٿئي ـ سڄو ڏينهن گھر ۽ صوفن تي وقت گذارڻ سان ھو سست ٿي ويندا
10- ٻارن کي جانور يا پکي پالڻ جي اجازت ڏيو
11ـ ٻارن کي ڪجهه لوڪ گيت ب ياد ڪرايو
12ـ ٻارن کي تصويرن وارن ڪھاڻين جا ڪتاب ۽ وڏن ماڻھن جون سوانح عمريون پڙھايو
13- ٻارن کي موبائيل ۽ ٽي وي کان پري رکو ـ ڇو ت انهيَ ڪمن لاء سڄي عمر پئي آهي
14- ٻارن کي مٺايون چاڪليٽ ۽ سموسا وغيره ن کارائيندا
15. ٿي سگھي ت ٻارن جي اکر سڌارڻ لاء ٻ صفعا روز لکرايو
16- ٻارن جي اکين ۾ ڏسو ۽ خدا جو شڪر ادا ڪيو ت ان توهان کي ڪھڙي وڏي نعمت سان نوازيو آھي
والدين جي حيثيت سان توهان تي لازم آهي ت پنهنجو ڪجهه وقت ٻارن کي ڏيو ـ
اونھاري جي موڪلن لاء توهان جي لاء نيڪ تمنائون

اڄ  پرائمري اسڪول ڪيئر ڪالوني جي هڪ معزز ۽ معتبر  محنتي، تعليم ۾ پاڻ مڃائيندڙ استاد، (سر الله ورايو چنه)  Alla Warayo Ch...
29/05/2023

اڄ پرائمري اسڪول ڪيئر ڪالوني جي هڪ معزز ۽ معتبر محنتي، تعليم ۾ پاڻ مڃائيندڙ استاد، (سر الله ورايو چنه) Alla Warayo Channa جي سٺ سال سروس پوري ٿيڻ تي اسڪول جي جملي استادن طرفان، سندن جي الوداعي پارٽي ڪئي وئي. جنهن ۾ استادن طرفان سائين لاء تاثر ڏنا ويا ۽ شاگردن طرفان گلن جي ڀيٽا ڏئي پنھنجي احساسن جو اظهار ڪيو، تقريب جون ڪجھ جھلڪيون تصويرين ۽ وڊيوز ۾ محفوظ ڪيون ويون ۔ سائين جي لاءِ رب پاڪ کان دعا آھي ته سندن باقي زندگي سٺي صحت سان گڏ خوشحال رھي.
Some good byes are hard to say...😢
Very emotional Journey

29/05/2023

اڄ پرائمري اسڪول ڪيئر ڪالوني جي هڪ معزز ۽ معتبر محنتي، تعليم ۾ پاڻ مڃائيندڙ استاد، سر الله ورايو چنه جي سٺ سال سروس پوري ٿيڻ تي اسڪول جي جملي استادن طرفان، سندن جي الوداعي پارٽي ڪئي وئي. جنهن ۾ استادن طرفان سائين لاء تاثر ڏنا ويا ۽ شاگردن طرفان گلن جي ڀيٽا ڏئي پنھنجي احساسن جو اظهار ڪيو، تقريب جون ڪجھ جھلڪيون تصويرين ۽ وڊيوز ۾ محفوظ ڪيون ويون ۔ سائين جي لاءِ رب پاڪ کان دعا آھي ته سندن باقي زندگي سٺي صحت سان گڏ خوشحال رھي.
Some good byes are hard to say...😢
Very emotional Journey

“استاد جي عظمت کي سَلام “اُستادُ   پَڙهائي  ٿو  اُستادُ  سِکائي  ٿو،مَنزل جي بُلنديءَ تي اُستادُ پُڄائي  ٿو.سِکندؤ ته سِ...
26/05/2023

“استاد جي عظمت کي سَلام “

اُستادُ پَڙهائي ٿو اُستادُ سِکائي ٿو،
مَنزل جي بُلنديءَ تي اُستادُ پُڄائي ٿو.

سِکندؤ ته سِکي ويندؤ رُلندؤ ته رُلي ويندؤ ،
ظالم جو وَٺي رَستو هَلندؤ تَه ڀُلي ويندؤ ،
هر پنڌُ چَڱائي جو اُستادُ ٻُڌائي ٿو .

سِنڌي به لِکي اَچجو رِياضي بِه سِکي اَچجو،
وَڏڙن کي پَئي پَيرين دُعائون بِه وَٺي اَچجو ،
سو درسُ ڏئي سَڀ کي اُستادُ وَڻائي ٿو .

پُٺتي نَه قَدم کَڻجو اَڳتي ئي هَلو سارا،
آ جهاڳَ حياتي هيءَ ترندؤ ته ڀلو پيارا،
دُنيا جِي پَرک ٻارو اُستادُ وَڌائي ٿو.

مَحنَت جَي مِٺي ڦل جِي حَسرَتَ به ضَروري آ،
سَڀني جي ڪرڻ دل سان عِزتَ به ضَروري آ،
الفاظَ سَچائيءَ جا اُستادُ لِکائي ٿو .

“معصُومَ“ گُلابن کي تَعليمَ ڏِجو دل سان،
تَهذيب تَمَدُّن کي تَسليم ڪَيو دل سان،
دُونهِين سا عَقُلَ واري اُستادُ دُکائي ٿو.

25/05/2023

Day: Thursday
Grade: 5th
Subject: Maths
Topic: Multiplication
Activity:At the request of children; reading table of 15 in melodious voice.

Farewell party to Sir Allah Warayo Channa by Students of class 5. Wish you a happy Retirement Sir. Stay blessedسائين الل...
22/05/2023

Farewell party to Sir Allah Warayo Channa by Students of class 5. Wish you a happy Retirement Sir. Stay blessed
سائين الله ورايو جي اڄ اسڪول ۾ ڪلاس پنجين جي شاگردن پنهنجي محبت ۽ عقيدت جو اظهار ڪندي پارٽي جو اهتمام ڪيو ۔ مان سائين جن کي لک لک مبارڪون ٿو ڏيان ته پنهنجي عمر ۾ پنهنجن دوستن ۽ شاگردن جي دعائن سان اسان سائين جن جي سروس جي ھن آخري مھيني سان الوداع ڪنداسين ۔ سائين هڪ مخلص سچو کلندڙ مسڪرائندڙ هر دلعزيز شخصيت آھن ۔ مالڪ سائين خوش رکي آباد رکي۔ آمين

Address

Near @ Mela Ground Sehwan
Sehwan
STUDY

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Govt. Primary Iqra School Care colony Sehwan posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The School

Send a message to Govt. Primary Iqra School Care colony Sehwan:

Shortcuts

Share

Category