Dr. Muhammad Ilyas Bhutto

Dr. Muhammad Ilyas Bhutto Educationist & Researcher

اپريل 2026 جي تازي ھمسري ميگزين ۾ منھنجو ترجمو ڪيل مضمون "گوگل ۽ گوئٽي" (يووال نوح ھراري جي نئين ڪتاب نيڪسس جي تعارف جي ...
01/04/2026

اپريل 2026 جي تازي ھمسري ميگزين ۾ منھنجو ترجمو ڪيل مضمون "گوگل ۽ گوئٽي" (يووال نوح ھراري جي نئين ڪتاب نيڪسس جي تعارف جي ٻئين قسط/چوٿون حصو) ڇپيو آھي، پڙھي پنھنجي قيمتي راءِ کان آگاھ ڪندا...

يووال نوح هراري جي نئين ڪتاب ”نيڪسس“ جي تعارف جو چوٿون حصو

ترجمو: ڊاڪٽر محمد الياس ڀٽو

اهو ضرور آهي ته اسان کي ڪيترائي اهڙا واقعا ملن ٿا، جيڪي ان جي تائيد ڪن ٿا ته گهڻي معلومات جي حصول انسانن کي واقعي هن دنيا کي بهتر سمجھڻ ۾ مدد ڪئي آهي ۽ انهن کي پنهنجي طاقت کي ڏاهپ سان استعمال ڪرڻ جي قابل پڻ بڻايو آهي. اچو ته ڄاول ٻارن ۾ موت جي شرح جي گھٽتائي جو هڪ مثال ٿا وٺون. جوهان وولفگينگ وون گوئٽي (Johann Wolfgang von Goethe) پنهنجي ستن ڀيڻين-ڀائرن مان وڏو ڀاءُ يا ٻار هو، پر انهن مان فقط هُو پاڻ ۽ سندس هڪ ڀيڻ اهي خوشنصيب هئا جن پنهنجي ستين سالگره ڏٺي. هڪ بيماري جيڪا سندس ڀاءُ هرمن جيڪب کي ڇهين سال لڳي، سندس ڀيڻ ڪيٿرينا الزيبيٿ کي چوٿين سال لڳي، سندس ڀيڻ جوهانا ماريا کي ٻئين سال لڳي، سندس ڀاءُ جارج ايڊولف کي اٺين مهيني لڳي ۽ سندس هڪ ڀاءُ کي ماءُ جي پيٽ ۾ لڳي، اُنَ سڀني جون حياتيون کسي ورتيون. سندس ڀيڻ ڪورنيليا 26 سالن ۾ گذاري وئي، جڏهن ته گوئٽي ان خاندان جو اڪيلو حياتي ماڻيندڙ رهيو.

جوهان وولفگينگ گوئٽي کي پنهنجا پنج ٻار ڄاوا جن مان وڏي پٽ آگسٽ کان سواءِ ٻيا سڀ ٻن هفتن کان وڌيڪ زنده رهي نه سگھيا ۽ گذاري ويا. هن سلسلي ۾ سڀ کان وڏو شڪ مڙس (گوئٽي) ۽ زال (ڪرسٽيني) جي رت جي گروپن ۾ تظاد ۽ نا هم آهنگي ڏانهن وڃي ٿو، جنهن ڪرسٽيني جي پهرئين ڪامياب حمل ۽ ٻار کان پوءِ سندس رت ۾ مخصوص اينٽي باڊيز پيدا ڪري ان کي ٻين ٻارن لاءِ زهر بڻائي ڇڏيو. هن حالت ۽ بيماري کي رِيسَس (rhesus) سڏيو ويندو آهي، جنهن جو اڄ ڪلهه موثر ۽ ڪامياب طريقي سان علاج ڪيو ويندو آهي ۽ هِن ۾ ٻارن جي موت جي شرح 02% کان به گھٽ آهي. 1979ع ۾ هن بيماري ۾ ٻارن جي موت جي شرح 50% هئي، جڏهن ته گوئٽي جي چار ٻارن لاءِ اها بيماري موت جو پروانو کڻي آئي هئي.

ارڙهين صدي ۾ گوئٽي جي خاندان سان گڏو گڏ هڪ ٻيو خوشحال جرمن خاندان پڻ ان بيماري جو شڪار ٿيو، جنهن ۾ ٻارن جي موت جي شرح 75% هئي؛ ٻين لفظن ۾ 12 ٻارن مان فقط 03 ٻار بلوغت تائين زنده رهي سگھيا. اهي شمارياتي انگ اکر غير معمولي نه هئا، پر عمومي لاڙي کي ظاهر ڪندڙ هئا. 1797ع ۾ جنهن زماني ۾ گوئٽي ”شيطاني جادوگر ۽ سندس سيکڙاٽ شاگرد“ جي ڪهاڻي ڇپائي هئي، هڪ محتاط اندازو آهي ته 50% جرمني جا ٻارڙا بلوغت جي عمر يعني 15 سالن تائين پهچي سگھيا هئا ۽ اهڙو ساڳيو لاڙو شايد سڄي دنيا ۾ موجود هو. 2020ع تائين دنيا ۾ 95.6% ٻار 15 سالن جي عمر کان وڌيڪ زندهه رهيا آهن، جڏهن ته جرمني ۾ انهي عمر تائين زندهه رهڻ جو لاڙو 99.5% تائين رهيو. هي عظيم ڪاميابي ممڪن نه بڻجي ها، جيڪڏهن رت جي قسمن ۽ گروپن بابت معلومات کي وڏي پيماني تي گڏ نه ڪيو وڃي ها، ان جو تجزيو نه ڪيو وڃي ها. هن سلسلي ۾وري به ڳالهه اتي ئي پهچي ٿي ته ”معلومات جو نئون تصور“ صحيح ثابت ٿيو آهي.

جيتوڻيڪ معلومات جو نئون تصور وڏي تصوير جو هڪ جزوي رُخ ڏيکاري ٿو، ڇو ته جديد دور جي تاريخ کي فقط ٻارن جي موت جي شرح تائين سوڙهو نه ٿو ڪري سگھجي. موجوده نين نسلن ۾ انسان ذات معلومات جي پيداوار ۽ ڦهلاءُ جي رفتار ۾ عظيم چاڙهه جو مشاهدو ڪيو آهي. اسان جي هٿن ۾ موجود هر سمارٽ فون ۾ اسڪندريا جي لائبريري کان وڌيڪ معلومات جو ذخيرو موجود آهي. ان کان سواءِ ان سمارٽ فون ۾ پنهنجي مالڪ کي دنيا جي اربين ماڻهن سان ترت ڳنڍڻ جي بهترين صلاحيت پڻ آهي. پر معلومات ۽ رابطن جي رسائي جي هن بي مثال ترقي ۽ ڦهلاءُ جي باوجود، انسانذات پنهنجو پاڻ کي تباهه ۽ فنا ڪرڻ جي وڌيڪ ويجھو ايندي پئي وڃي.

معلومات جي فراواني جي باوجود، يا شايد ان جي ڪري، اسان ماحول ۾ خطرناڪ گرين هائوس گئسن (ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ) جو وڌيڪ اخراج ڪري رهيا آهيون، دريائن ۽ سمنڊن کي وڌيڪ گدلو بڻائي رهيا آهيون، وڻن ۽ ٻيلن کي بي دردي سان ڪَٽي رهيا آهيون، ٻين مخلوقن جا گھر ۽ مَسڪن تيزي سان تباهه ڪري رهيا آهيون، ڪيترين ئي مخلوقن جو وجود ئي ختم ڪري رهيا آهيون، ايستائين جو انسان پنهنجي زندهه رهڻ لاءِ مناسب ماحول جا ئي بنياد اکيڙي رهيو آهي ۽ پنهنجي نسل جو وجود ئي ختم ڪري رهيو آهي. اسان وڌيڪ تباهي مچائيندڙ ۽ موتمار هٿيار ٺاهڻ ۾ اڳ کان اڳرا آهيون جهڙوڪ نيوڪلير بم ۽ خطرناڪ وائرس. اسان جا اڳواڻ هنن خطرن کان بي خبر ناهن پر افسوس اهو آهي ته اهي انهن خطرن ۽ تباهين جي حل ڳولڻ بدران هڪ نئين عالمي جنگ ڏانهن وڌي رهيا آهن.

ڇا وڌيڪ معلومات شين کي وڌيڪ بهتر بڻائي ٿي يا بدتر بڻائي ٿي؟ اهو اسان کي جلد ئي معلوم ٿي ويندو. ڪيتريون ئي ڪارپوريشنون ۽ حڪومتون انفارميشن ٽيڪنالاجي جو طاقتور ترين نيٽ ورڪ يعني هٿرادو ذهانت جوڙڻ جي تاريخي مقابلي ۾ رُڌل آهن. ڪجھ سرمائيدار، جن ۾ آمريڪا جو مارڪ اينڊريسن (Mark Andressen) پڻ شامل آهي، هن ڳالهه تي يقين رکن ٿا ته هٿرادو ذهانت باالآخر انسانذات جا سڀ مسئلا حل ڪري وٺندي. هن سلسلي ۾ 6 جون 2023 تي اينڊريسن هڪ مضمون جنهن جو عنوان هو ”هٿرادو ذهانت ڇو دنيا کي بچائيندي؟“ ۾ هڪ مضبوط موقف پيش ڪيو آهي ته ”آئون توهان کي هڪ خوشخبري ٿو ڏيان ته هٿرادو ذهانت دنيا کي تباهه نه ڪندي، پر حقيقت ۾ اها ان کي بچائي سگھي ٿي... هٿرادو ذهانت هر ان شيءِ کي بهتر بڻائي سگھي ٿي جنهن جي اسان کي پرواهه آهي.“ ان مضمون ۾ هو ان نتيجي تي پهچي ٿو ته ”بجاءِ ان جي ته اسان هٿرادو ذهانت کان خوف کائون، اها ته اسان لاءِ اسان جي ٻارن لاءِ ۽ اسان جي مستقبل لاءِ هڪ فرض بڻجي چڪي آهي.“

ري ڪُرزويل پنهنجي مقالي ”وحدت ويجھِي آهي“ ۾ دليل ڏئي ٿو ته ”هٿرادو ذهانت اها اهم ٽيڪنالاجي آهي جيڪا اسان جي ديرينه للڪارن ۽ مسئلن جهڙوڪ بيمارين، غربت، ماحولياتي تباهي ۽ ٻين انساني المين کي منهن ڏئي سگھي ٿي. اِهو اسان جو اخلاقي فرض آهي ته اسان هن ٽيڪنالاجي جي واعدن ۽ خوابن کي سمجھون ۽ انهن جي ساڀيان لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪريون.“ ڪرزويل هن ٽيڪنالاجي جي امڪاني خطرن تي پڻ ڪڙي نظر رکي ٿو ۽ هن نتيجي تي پهچي ٿو ته يقيناً اسان انهن کي مُنهن ڏئي سگھنداسين.

هن سلسلي ۾ ٻيا دانشور وري فراريت پسند آهن. نه فقط فلسفِي ۽ سائنسدانَ پر هٿرادو ذهانت سان سلهاڙيل ڪيترن ئي ماهرن ۽ سرمائيدارن جهڙوڪ يوشوئا بينجيو (Yoshua Bengio)، جيوفري هنٽن (Geoffrey Hinton)، سام ايلٽمين (Sam Altman)، ايلن مسڪ (Elon Musk) ۽ مصطفي سُليمان (Mustafa Suleyman) وغيره عوام کي خبردار ڪيو آهي ته هٿرادو ذهانت انساني تهذيب جو نالو نشان ختم ڪري ڇڏيندي. تازو ئي 2024ع ۾ بينجيو ۽ هنٽن پنهنجي هڪ مضمون ۾ توڙي ٻين پڻ پنهنجن لکڻين ۾ هن خدشي جو اظهار ڪيو آهي ته ”جيڪڏهن هٿرادو ذهانت کي ڇڙواڳ ڇڏيو ويو ته انسانن توڙي دنيا جي سموري جيوت جو وڏو نقصان ٿيندو، ايستائين جو انسان يا ته اقليت بنجي ويندا يا وري صفحه هستي تان ئي مِٽجي ويندا.“ 2023ع ۾ هٿرادو ذهانت سان سلهاڙيل 2،778 محققن تي مشتمل هڪ سروي ۾ ٽئين حصي کان وڌيڪ محقق ان تي اتفاق ڪندڙ هئا ته %10 امڪان آهي ته هٿرادو ذهانت جي ترقي انسانذات کي ختم ڪري سگھي ٿي. 2023ع ۾ آمريڪا، روس، چائينا، انگلينڊ سوڌو 30 عالمي حڪومتن ”هٿرادو ذهانت جي بليچلي ٺاهه“ (Bletchley Declaration on AI) تي صحيحون ڪيون آهن؛ هن مطابق ”هٿرادو ذهانت جي اهم ترين ماڊلز جي ارادِي يا غير ارادي طور استعمال ۾ اهو دم ۽ خم آهي جو پوري انسانذات کي وڏو هاڃو رسي يا وري اها تباهه ٿي وڃي.“ اهڙن تباهه ڪُن امڪانن کي نظر ۾ رکندي دنيا جا مُلڪ اها خواهش ڪڏهن به نه رکندا ته هالي وُڊ فلمن وانگر روڊن رستن تي قاتل روبوٽ ماڻهن سان وڙهندا ۽ انهن کي قتل ڪندا نظر اچن. جڏهن ته حقيقت ۾ اهڙي صورتحال عملي طور ٿيڻ جهڙي ناهي، اهي ڳالهيون ته ماڻهن کي اصل خطرن کان پري ڌِڪين ٿيون، ڇو ته لاڳاپيل ماهر ٻه مختلف قسمن جي خطرن کان آگاهه ڪن ٿا.

پهريون خطرو اِهو آهي ته هٿرادو ذهانت موجوده انساني تنازعن کي انتها تائين اڀاري سگھي ٿي، نتيجي ۾ انسانذات ٻن انتهائن ۾ ورهائجي سگھجي ٿي. بلڪل ايئن جيئن 20هين صدي ۾ سرد جنگ جي دوران لوهه جي پردي دنيا کي ٻن گروهن ۾ تقسيم ڪري ڇڏيو هو: اولهه جا سرمائيدار ملڪ ۽ انهن کان ڪٽيل سوشلسٽ / ڪميونسٽ روس؛ ساڳي طرح سان هلندڙ 21هين صدي ۾ سليڪان جو پردو (جيڪو ڪمپيوٽر چپس ۽ ڪمپيوٽر ڪوڊس تي ٻڌل هڪ ورچوئل پردو آهي) ٿي سگھي ٿو ته ٻن طاقتور حريفن کي عالمي تنازعي ۽ تباهي ڏانهن وٺي وڃي، ڇو ته هٿرادو ذهانت وسيلي ٺهندڙ ۽ هلندڙ هٿيار شديد تباهي جو باعث بڻبا.

ٻيون خطرو اهو آهي ته سليڪان جو پردو انسانن جي هڪ گروهه کي ٻئي کان الڳ نه ڪندو، پر هن انقلاب دوران هٿراڌو ذهانت سان ليس خدا بڻيل حڪمرانن جو ٽولو پاڻ کي باقي سڀني انسانن کان الڳ ڪري ڇڏيندو. چاهي اسان دنيا جي ڪهڙي به ڪنڊ ۾ رهندا هجون، اسان هميشه اڻ ڏٺل ۽ اڻ سمجھيل ورچوئل ڄارن ۾ ڦاٿل رهنداسين. نتيجي ۾ خدا بڻيل حڪمرانن جو ٽولو اسان جي زندگين تي ضابطو رکندو؛ اهو ٽولو نه رڳو اسان جي سياست ۽ ثقافت کي تبديل ڪندو، پر اسان جي ذهنن ۽ جسمن کي پڻ تبديل ڪري ڇڏيندو. وڏي ڳالهه ته اها آهي ته اسان کي سندن مڙهيل ضابطي ۽ ظلم جو نه احساس رهندو ۽ نه ئي ان کي ڪڏهن سمجھِي ۽ روڪي سگھنداسين. جيڪڏهن 21هين صدي ۾ استحصالي قوتون دنيا تي قبضو ڪري وٺن ٿيون ته دنيا هڪ ظالم حڪمران جي بدران غير انساني ڏاهپ وسيلي تباهه ۽ برباد ٿي سگھي ٿي. ماڻهو جيڪي چين، روس ۽ آمريڪا بابت اهو چون ٿا ته اهي هن قسم جي ظالم حڪومت ٺاهيندا، ته اهي غلط فهمي جو شڪار آهن ۽ اهي حقيقي خطري کي نه ٿا سمجھن. حقيقت اها آهي ته چيني، روسي ۽ آمريڪي ماڻهن سان گڏ باقي سڀ ملڪن جا ماڻهو گڏيل طور تي اهڙي غير انساني ڏاهپ جي تسلط جي خطري ۾ آهن.

غير انساني ڏاهپ جي خطري جو دائره ڪار واضع ٿيڻ کان پوءِ هٿرادو ذهانت سڀني انسانن لاءِ اهميت ۽ دلچسپي جو باعث هجڻ گھرجي. جيتوڻيڪ هر ڪو هٿرادو ذهانت ۾ ماهر بڻجي نه ٿو سگھي، پر اسان کي اهو ذهن ۾ رکڻ گھرجي ته تاريخ ۾ هي پهرين ٽيڪنالاجي آهي جيڪا پنهنجو پاڻ فيصلا ڪري سگھي ٿي ۽ نوان خيال، ۽ تصور پيش ڪري سگھي ٿي ۽ اهڙيون ايجادون ڪري سگھي ٿي. هن کان اڳ انسان جون سڀ تخليقون کيس ئي طاقتور بڻائينديون هيون، ڇو ته نئون تخليق ڪيل اوزار ڪيترو ئي طاقتور ڇو نه هو، پر انهي کي استعمال وري به انساني هٿ ۽ دماغ ڪندو هو. ڇُريون ۽ بَمَ پنهنجو پاڻ فيصلو نه ڪنديون هيون ته ڪنهن کي قتل ڪرڻو آهي. اهي محض گونگا اوزار هئا، جن وٽ اها صلاحيت ۽ ڏاهپ نه هئي ته ميسر معلومات کي استعمال ڪندي ۽ ان جو تجزيو ڪندي پنهنجي طرفان با اختيار فيصلو ڪري سگھن. ان جي ابتڙ هٿرادو ذهانت وٽ معلومات کي استعمال ڪرڻ ۽ ان جو تجزيو ڪرڻ جي صلاحيت ۽ ڏاهپ آهي، ان ڪري فيصلي سازي ۾ اها انسانن جي بدران ڪم ڪري سگھي ٿي.
هٿرادو ذهانت جي معلومات کي مهارت سان استعمال ڪرڻ واري خوبي، ان کي اُن قابل بڻايو آهي، جو اها موسيقي کان طِب تائين زندگي جي ڪيترن ئي شعبن ۾ نوان خيال ۽ تصور تخليق ڪري سگھي ٿي. پراڻي وقت ۾ گراموفون اسان لاءِ موسيقي ۽ گانا هلائيندو هو، مائيڪرو اسڪوپ يا خوردبين اسان کي جيوگھرڙن جو ديدار ڪرائيندي هئي، پر نه ته گراموفون اسان لاءِ نئين موسيقي ۽ گانا تخليق ڪندو هو ۽ نه وري خوردبين اسان لاءِ ڪا نئين دوا ايجاد ڪندي هئي. هٿرادو ذهانت هن وقت به پنهنجو پاڻ نت نوان آرٽ جا نمونا، موسيقي ۽ گانا تخليق ڪري رهي آهي ۽ سائنسي دريافتون ڪري رهي آهي. ايندڙ ڪجھ ڏهاڪن ۾ اهو ممڪن آهي ته اِها ذهانت جينياتي هيرا ڦيري ۽ تبديلي وسيلي يا وري غير نامياتي ڪمپوٽر ڪوڊنگ وسيلي نامياتي توڙي غير نامياتي زندگي جا نت نوان نمونا ايجاد ڪري.

موجوده وقت ۾ هٿرادو ذهانت پنهنجي ابتدائي دور (ڳڀ يا ماءُ جي پيٽ ۾ هجڻ مثل) مان گذري رهي آهي. ان جي باوجود اسان جي زندگي ۾ ڪمپيوٽر اسان لاءِ اڳ ۾ ئي فيصلا ڪري رهيا آهن ته اسان کي گھربل قرض ڏنو وڃي، يا اسان کي نوڪري تي رکيو وڃي، يا وري جيل ڀِيڙو ڪيو وڃي. ياد رهي ته هي لاڙو وڌندو ئي رهندو، ايستائين جو اسان پنهنجين زندگين کي سمجھڻ جي قابل ئي نه رهنداسين. ڇا اسان بهتر فيصلن ۽ دنيا کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪمپيوٽر الگورڌمز تي اعتبار ڪري سگھون ٿا؟ اها ڳالهه ”جادوگر ۽ سندس سيکڙاٽ شاگرد“ جي منتر پڙهيل ”ٻُوهاري“ جي ڀيٽ ۾ وڏي جوا آهي، ڇو ته هتي ڳالهه فقط انسانن جي زندگين جي ناهي، پر ان کان به وڏي آهي جنهن تي اسان جوا کيڏي رهيا آهيون!

https://humsari.com/humsari-magazine-april-2026/

16/03/2026
اڄوڪي ھمسري اخبار ۾ منھنجو مضمون LGBTQIA+ ڇپيو آھي، پڙھي پنھنجي قيمتي راءِ کان آگاھ ڪندا...ايل-جِي-بِي-ٽِي-ڪِيُو-آءِ-اي+...
23/01/2026

اڄوڪي ھمسري اخبار ۾ منھنجو مضمون LGBTQIA+ ڇپيو آھي، پڙھي پنھنجي قيمتي راءِ کان آگاھ ڪندا...

ايل-جِي-بِي-ٽِي-ڪِيُو-آءِ-اي+ (LGBTQIA+) ماڻهو

ڊاڪٽر محمد الياس ڀٽو

انسانيت ۽ انسان-پسنديت (Humanism) جو بنيادي اصول اهو آهي ته هر انسان کي بنا ڪنهن فرق جي عزت، احترام ملڻ گهرجي ۽ برابر حق حاصل هئڻ گهرجن. انسان-پسنديت نظريو هر انسان جي انفراديت، جذبن، ۽ وقار کي هڪ جيتري اهميت ۽ حيثيت ڏيندڙ نظريو آهي. هڪ سٺي سماج لاءِ ضروري آهي ته اهو هر انسان کي برابريءَ جي نظر سان ڏسي، سندس سڃاڻپ، جذبن، احساسن ۽ محبت کي عزت ڏئي. دنيا جي مختلف خِطن، علائقن ۽ ملڪن ۾ وسندڙ انسانن جي سڃاڻپ ۽ محبت جا اظهار مختلف آهن، ۽ انسان-پسند (Humanist) سوچ اسان کي سيکاري ٿي ته اسان انهن فرقن ۽ اختلافن کي دل سان قبول ڪريون. انسانن جا انفرادي اختلافَ (Individual Differences) انيڪ آهن؛ اسان جو رنگ، نسل، مذهب ۽ ٻولي انهن سوين، بلڪه ان کان وڌيڪ، اختلافن مان فقط چند مشهور اختلاف آهن. هن ڌرتيءَ تي اڄ اٺ ارب ماڻهو رهن ٿا؛ آڱرين جي نشانن (Finger Prints) جيان ڪيترن ئي لحاظن کان اهي هڪ ٻئي کان مختلف آهن. اهو چوڻ بلڪل صحيح آهي ته ڪي به ٻه انسان هر لحاظ کان بلڪل هڪجهڙا هجن، اهو گهٽ ۾ گهٽ هن وقت ته ناممڪن آهي. هتي اسان روايتي مخالف جنس ڏانهن جنسي لاڙا رکندڙن (Heterosexual) بدران ساڳئي جنس ڏانهن جنسي لاڙو رکندڙن (Homosexual) ۽ حياتياتي طور مختلف جنس رکندڙن بابت درجي بندي يعني ايل-جِي-بِي-ٽِي-ڪيو-آئي-اَي+ (LGBTQIA+) ماڻهن بابت بنيادي سائنسي معلومات ڏينداسين ۽ انهن سان اسان عام (مردن يا عورتن) ماڻهن طرفان تفريق، تحقير ۽ غير انساني روين بابت اپٽار ڪنداسين.

روايتي مرد عورت جي جنس درجي بندي (ڊائڊڪ):
هن درجي بندي ۾ روايتي يا عام مرد ۽ عورت اچي وڃن ٿا. ياد رهي ته اسان عام انسانن جي جسم جي جنسي جيوگهرڙن کي ڇڏي باقي هر هڪ جيوگهرڙي (Cell) جي مرڪز (Nucleus) ۾ 46 ڪروموسومز، 23 جوڙن جي صورت ۾، موجود هوندا آهن، جن مان 22 جوڙا ساڳِئي شڪل وارا (Homologous) XX وانگر هوندا آهن، جڏهن ته آخري 23هون جوڙو يا ته ٿورو مَٽيل شڪل يعني XY جي شڪل (روايتي مرد) جو هوندو يا وري اهو به XX وانگر ساڳئي شڪل (روايتي عورت) جو هوندو آهي. ڪروموسومز جي 23هين جوڙي جي شڪل ئي مرد ۽ عورت جي جنس جو تعين ڪري ٿي.

• روايتي مرد: هنن ۾ XY ڪروموسوم، خصيا، عضوِ تناسل ۽ مرداڻا هارمون هوندا آهن.
• روايتي عورت: هنن ۾ XX ڪروموسوم، ف*ج، ٻچيداني ۽ عورتاڻا هارمون هوندا آهن.

ايل-جِي-بِي-ٽِي-ڪيو-آئي-اَي+ (LGBTQA+) جو مطلب ڇا آهي؟
ايل-جِي-بِي-ٽِي-ڪيو-آئي-اي+ (LGBTQIA+) هڪ ڇَٽِيءَ مثل اصطلاح آهي، جيڪو ليسبين (Le***an)، گي (Gay)، باءِ سيڪشوئل (Bisexual)، ٽرانسجينڊر (Transgender)، ڪُئِير (Q***r)، اِنٽر سيڪس (Intersex)، اي-سيڪشوئل (Asexual) ۽ + يعني جنسي ۽ صِنفي سڃاڻپ جي مٿين گروهن ۾ پوري طرح نه سمائجندڙ ماڻهن جي قسمن جو انگريزي لفظي اختصار آهي. اچو ته هر هڪ قسم جي وصف کي نظر مان ڪڍون:

• ليسبين (Le***an): اهڙيون عورتون آهن جيڪي ٻين عورتن ڏانهن جذباتي ۽ جنسي لاڙو رکن ٿيون.

• گَي :(Gay)اڪثر طور تي اهڙا مرد آهن جيڪي ٻين مردن ڏانهن جنسي لاڙو رکن ٿا، پر هي اصطلاح عام طور تي ساڳي جنس ڏانهن لاڙي لاءِ به استعمال ٿئي ٿو.

• بائيسيڪسيول (Bisexual): اهڙا ماڻهو جيڪي ٻنهي جنسن (عورت ۽ مرد) ڏانهن جنسي لاڙو رکن ٿا.

• ٽرانسجئنڊر :(Transgender)اهڙا ماڻهو جن جي صنفي سڃاڻپ (Gender Identity) سندن ڄمڻ وقت وارِي جنس کان مختلف هجي.

• ڪُئِير (Q***r): هڪ ڇٽي مثل اصطلاح آهي. هن ۾ اهي ماڻهو شامل آهن، جيڪي روايتي صنفي يا جنسي سڃاڻپ سان پاڻ کي نه ٿا ملائين. مطلب ته اهي ماڻهو پنهنجي جنسي سڃاڻپ بابت سوال ڪندڙ (Questioning) آهن ۽ پنهنجي پنهنجي جنسي رجحان يا صنفي سڃاڻپ بابت تلاش يا شڪ ۾ رهندا آهن.

• انٽرسيڪس (Intersex): اهڙا ماڻهو جن وٽ اهڙيون جسماني خاصيتون هونديون آهن (جهڙوڪ: ڪروموسوم، عضوا، هارمون وغيره) جيڪي انهن کي عام مرد يا عورت جي وصف سان نه ٿيون ٺهڪڻ ڏين.

• ايسيڪشوئل (Asexual): اهڙا ماڻهو جيڪي اڪثر ڪري جنسي رغبت محسوس نٿا ڪن. هنن ۾ اي رومينٽڪ (Aromantic) پڻ شامل آهن؛ هي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي رومانوي (محبتي يا جذباتي) رجحان نه ٿا رکن.

• “+” جو مطلب: هن قسم ۾ اهي سڀ سڃاڻپون شامل آهن، جيڪي مٿين قسمن ۾ نه اچي سگهيون آهن، جيئن: پين-سيڪشوئل، جينڊر فلوئڊ، نان بائنري، ڊيمي سيڪشوئل، وغيره. هي علامت سماج جي اندر موجود صنفي سڃاڻپ جي مسلسل واڌاري ۽ قبوليت کي ظاهر ڪري ٿي.

مٿئِين درجي بندي ۾ شامل سڀني ماڻهن سان معاشرو يعني اسان توهان (عام مردَ يا عورتون) عام ۽ عزت ڀريو رويو نه رکندا آهيون. انهن سان اسان جو رويو طنزيه ۽ غير انساني هوندو آهي، جنهن ڪري اهي سماجي ناانصافي، اڻبرابري ۽ بي حسي جي ڪري احساسِ ڪمتري ۽ مايوسي جو شڪار بڻجي ويندا آهن. هنن ۾ ٽرانسجينڊر، انٽر سيڪس ۽ اي-سيڪشوئل کان علاوه باقي سڀني درجن وارا ماڻهو جنسي طور عام مردن يا عورتن جا جسماني عضوا ۽ جنسي ڪارڪردگي رکندڙ آهن پر سندن جنسي لاڙا عام سڌن (Straight) ماڻهن کان مختلف هوندا آهن. هاڻي اچو ته ٽرانسجينڊر ۽ انٽر-سيڪس درجي بندين اندر فرق ۽ اختلاف جي بنياد تي سندن ثانوي درجي بندين کي نظر مان ڪڍون.

ٽرانسجينڊر يا ٽئين جنس وارا ماڻهو (Transgender):
ٽرانسجينڊر چاهي ڪهڙي به قسم جو هجي اڪثر ڪري ٻار پيدا ڪرڻ جي صلاحيت نه رکندو آهي، جيتوڻيڪ اهي جنسي عمل ۽ ڪارڪردگي ڪري سگهندڙ هوندا آهن ۽ ڪندا آهن. ٽرانسجينڊر يا ٽئين جنس وارن ماڻهن کي صنفي سڃاڻ (Gender Identity) ۽ جنسي تبديلي (Transition Status) جي لحاظ کان مختلف قسمن ۾ تقسيم ڪيو ويندو آهي.

صنفي سڃاڻ (Gender Identity) جي بنياد تي انهن کي ٽرانسجينڊر عورتن (Transgender Women)، ٽرانسجينڊر مردن (Transgender Men) ۽ نان-بائنري/ڪُئِير يا ٻئِي جنسون رکندڙن (Non-Binary/Q***r) ۾ ورهايو ويندو آهي. ٻين لفظن ۾ ٽئين جنس رکندڙ (فقيرَ) عورتن مان، مردن مان ۽ ٻئي جنسون رکندڙ ٿي سگهن ٿا ۽ هوندا آهن. ياد رهي ته هن قسم ۾ شامل ٽرانسجينڊر قدرتي يا فطري طور تي ڄائي ڄم کان جينياتي ڪوتاھي جي ڪري مٿين قسمن ۾ پيدا ٿيندا آهن ۽ سڄي حياتي انهيءَ شناخت اندر رهندا آهن.

جنسي تبديلي (Tansition Status) جي بنياد تي ٽرانسجينڊر جي جنسي شناخت ڄمڻ وقت هڪڙي ته بعد ۾ ٻِي بڻجي ويندي آهي. جنس جي اها تبديلي ٽن قسمن يا اثرن هيٺ ٿيندي آهي يا ڪئي ويندي آهي. پهرئين تبديلي ”سماجي تبديلي“ (Social Transition) آهي، جيڪا هڪ ٽرانسجينڊر پنهنجي ارادي ۽ رضا خوشيءَ سان ڪندو آهي (جهڙوڪ پنهنجي لاءِ ڳالهائجندڙ اسمن، ضميرن يا فعلن جي صنفي سڃاڻ ذريعي ڪندو/ڪندي آهي: آءٌ وڃان ٿي؛ هاڻي سالار توهان کان اجازت وٺي ٿو وغيره). ٻئين تبديلي ”طبي تبديلي“ (Medical Transition) آهي، جنهن ۾ هڪ ٽرانسجينڊر جي والدين يا سندس ذاتي خواهش تحت هارموني-علاج يا ميڊيڪل سرجري/آپريشن وسيلي جنس تبديل ڪئي ويندي آهي؛ هن علاج/آپريشن وسيلي جنسي عضون، ڇاتيءَ ۾ گهربل تبديلي ۽ وارن جي گهربل حالت (جسم جي حصن تي وار هجن يا نه هجن) کي يقيني بڻايو ويندو آهي. آخر ۾ قانوني تبديلي (Legal Transition) وسيلي پڻ هڪ ٽرانسجينڊر کي ترجيحي خواهش تحت، بغير ڪنهن هارموني علاج يا سرجريءَ جي، سندس سڃاڻپ جي ڪاغذن جهڙوڪ قومي شناختي ڪارڊ، پاسپورٽ ۽ تعليمي سَنَدَن وغيره ۾ نالي ۽ جنس جي تبديلي ڪئي ويندي آهي.

انٽر-سيڪس (Intersex) جي بنياد تي انسانن جي درجي بندي:
انٽرسيڪشوئلٽي هڪ ڇٽي مثل اصطلاح (umbrella term) آهي، جيڪو اهڙي حياتياتي حالت جي نمائندگي ڪري ٿو جنهن ۾ انسان جي جسماني جنس جا حياتياتي معيار، جهڙوڪ: ڪروموسوم، جنسي عضوا، هارمون وغيره، روايتي مرد يا عورت جي تعريفن ۾ پوري طرح نه ٿا اچن. هيءَ درجي بندي خاص طور تي حياتياتي (Biological) ۽ طبي (Medical) ڄاڻ لاءِ استعمال ٿيندي آهي. هن ۾ ڪيترن ئي مختلف قسمن جا ماڻهو اچي وڃن ٿا. اچو ته هر هڪ جي باري ۾ بنيادي معلومات وٺون:

اينڊروجن هارمون جي غير حساسيت جو مسئلو Androgen Insensitivity Syndrome (AIS):
هن طبي ۽ جينياتي بيماري جي حامل ماڻهن ۾ ڪروموسوم ته مرداڻي جنس واراXY موجود هوندا آهن، پر سندن جسم مردانه هارمونس جو اثر قبول نٿو ڪري. نتيجي ۾ انهن جي ظاهري شبيهه عورتن جيان ٿي سگهي ٿي، پر انهن جي جسم ۾ نه ف*ج ۽ نه وري ٻچيداني ئي هوندي آهي.

ڪنجينائيٽل/موروثي ايڊرنل هائيپر پلاسيا :Congenital Adrenal Hyperplasia (CAH)
هن موروثي بيماري ۾ مبتلا ماڻهن ۾ ڪروموسوم ته عورتاڻي جنس وارا XX موجود هوندا آهن، پر سندن جسم ۾ مرداڻا هارمون وڌيل هجڻ ڪري انهن ۾ مرداڻا جنسي عضوا جهڙوڪ عضو تناسل ۽ خصيا موجود ٿي سگهن ٿا.
5-الفا-رڊڪٽيز ڊيفِيشنسي :5-Alpha-Reductase Deficiency
هن جينياتي بيماري ۾ مبتلا ماڻهن ۾ ڪروموسوم ته مرداڻي جنس وارا XY هوندا آهن، پر سندن جسم مرداڻي هارمون ”ٽيسٽوسٽيرون“ کي متحرڪ ڪرڻ ۾ ناڪام رهندو آهي، ان ڪري اهي ڄمڻ وقت عورتن جي شبيهه رکندڙ هوندا آهن. پر جوانيءَ ۾ انهن ۾ مرداڻيون خاصيتون ۽ عضوا ظاهر ٿي سگهن ٿا.

ڪلائِينِي-فيلٽر سنڊروم:Klinefelter Syndrome (XXY)
هن جينياتي بيماري ۾ مبتلا ماڻهو مرداڻي جنس XY جا ڪروموسوم رکندڙ هوندا آهن، پر سندن جسم ۾ هڪ X ڪروموسوم وڌيڪ هوندو اهي، ان ڪري سندن مرداڻي هارمون ”ٽيسٽوسٽيرون“ جي افزائش گهٽ ٿيندي آهي، نتيجي ۾ ٻار پيدا ڪرڻ جي صلاحيت گهٽ ٿي سگهي ٿي. ٻين لفظن ۾ انهن ۾ سنڍ هجڻ جو وڌيڪ امڪان هوندو آهي.

ٽرنر سنڊروم :Turner Syndrome (XO)
هن جينياتي بيماري ۾ مبتلا ماڻهو عورتاڻي جنس رکندڙ هوندا آهن، پر سندن جسم ۾ هڪ X ڪروموسوم گهٽ هوندو آهي. ان ڪري انهن جو قد تمام گهٽ، ٻچيداني ۽ ف*ج گهٽ نشونما پاتل هوندا آهن، نتيجي ۾ اهي عورتون اڪثر ڪري سُنڍ هونديون آهن.

اوو-ٽيسٽِيڪِيُولر ڊِي-ايس-ڊِي Ovotesticular DSD (ٻِٽِي جنس وارا):
هن جينياتي بيماري ۾ مبتلا ماڻهو تمام گهٽ ۽ ناياب آهن. اهي هڪ ئي وقت ٻِٽِي جنس رکندڙ هوندا آهن، يعني انهن ۾ هڪ ئي وقت عورتاڻو ف*ج ۽ مرداڻو عضو تناسل ۽ خصيا موجود هوندا آهن.

اهي سڀئي ماڻهو هڪ انسان جي حيثيت سان مڪمل حقدار آهن ته انهن کي عزت، قبوليت، ۽ محبت ملي. دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ اڄ به ايل-جِي-بِي-ٽِي-ڪيو-آئي-اَي+ ماڻهن سان نفرت، تعصب، تشدد وارا رويا ۽ سماجي بائيڪاٽ عام ڳالهه بڻيل آهي. 60 کان وڌيڪ ملڪن ۾ همجنس پرستي قانوني ڏوھ آهي، انهن مان ڪجهه ۾ ته موت جي سزا به ڏني وڃي ٿي. اسڪولن، ڪاليجن، آفيسن، ۽ گهرن ۾ انهن کي بي عزتي، طعنن، ۽ ڌڪاري وڃڻ جو منهن ڏسڻو پوي ٿو. ميڊيا ۽ سياسي حلقا ڪيترن ئي ملڪن ۾ ايل-جِي-بِي-ٽِي-ڪيو-اَي+ ماڻهن کي ”اخلاقي خطرو“ سڏين ٿا. اسان جي انهن غير انساني روين ۽ سُلوڪن جي ڪري اهي ماڻهو ڊپريشن، ذهني پريشاني، ۽ خودڪشيءَ جهڙن خطرن جو به شڪار ٿين ٿا.

پاڪستان ۾ ايل-جِي-بِي-ٽِي-ڪيو-اَي+ ماڻهن لاءِ صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي. جيتوڻيڪ 2018ع ۾ ٽرانسجئنڊر پرسنز (تحفظ حقوق) ايڪٽ منظور ٿيو آهي، پر عملي زندگيءَ ۾ حالتون بلڪل ابتڙ ۽ ابتر آهن. جيتوڻيڪ کين شناختي ڪارڊ ۽ نوڪرين ۾ مخصوص ڪوٽا پڻ قانوني طور مليل آهي، پر حقيقتون بلڪل ٻيون آهن ۽ معاشرو انهن کي تفريق ۽ تحريق جو نشانو بڻائيندو رهي ٿو. معاشرو انهن ماڻهن کي ”ناپاڪ“، ”نامرد“ يا ”فطرت جي ابتڙ“ جهڙا لفظ چئي ڌڪاري ٿو. ”کُسرَو“، ”کدڙو“، ”هيجڙو“، ”ٽئين جنس“، ”نامرد“ ۽ ”فقير“ جهڙا توهين آميز لفظ انهن ماڻهن لاءِ عام استعمال ٿين ٿا. ڪيترن ئي مذهبي حلقن مطابق، ايل-جِي-بِي-ٽِي-ڪيو-اَي+ ماڻهو اسلام جي خلاف آهن، جڏهن ته ڪيترن ئي اسلامي عالمن مطابق، دين ۾ اهڙي نفرت لاءِ ڪا جاءِ نه آهي. سياسي ۽ مذهبي تقريرن ۾ اڪثر انهن کي ”مغربي ايجنڊا“ سڏيو وڃي ٿو، جنهن سان سندن انساني حقن جي ڳالهه به رد ڪئي وڃي ٿي.

ڳالهه جو ڳر اهو آهي ته دنيا جي موجودهه تيز رفتار ترقيءَ باوجود، عالمي سطح تي پڻ ايل-جِي-بِي-ٽِي-ڪيو-اَي+ ماڻهن سان غيرانساني رويو جاري آهي، پاڪستان جهڙن قدامت پسند سماجن ۾ انهن کي انسان ئي نه ٿو سمجهيو وڃي. انسانييت جو تقاضو آهي ته هر ماڻهو کي عزت ۽ تحفظ ملي، چاهي سندس جنسي سڃاڻپ ۽ لاڙو ڪهڙو به هجي. اسان کي ضرورت آهي ته نفرت جي جاءِ تي همدردي، تعليم، ۽ شعور آڻيون. ايل-جِي-بِي-ٽِي-ڪيو-اَي+ برادري به ٻين ماڻهن جيان انسان آهي، جيڪا انساني بنيادي حقن جي اوتري ئي حقدار آهي جيترا اسان ۽ توهان. ان ڪري انهن سان پيار وارو ورتاءُ رکڻ گهرجي، کين عام ماڻهو وانگر جان، مال ۽ آبرو جو تحفظ ملڻ گهرجي ۽ سندن مختلف جنسي سڃاڻپ کي تسليم ڪرڻ گهرجي.
……………
: حوالا
“LGBT Rights in Pakistan,” Different Amnesty International Reports
Dawn News & Al Jazeera: Feature stories on Transgender struggles in Pakistan
Dreger, Alice Domurat. Hermaphrodites and the Medical Invention of S*x, Harvard University Press, 1998.
Fausto-Sterling, Anne. S*xing the Body: Gender Politics and the Construction of S*xuality, Basic Books, 2000.
Global Intersex Human Rights: https://oii.org.au/
Government of Pakistan – Transgender Persons (Protection of Rights) Act, 2018.
Human Rights Watch: “This Alien Legacy: The Origins of ‘Sodomy’ Laws in British Colonialism”
Pakistan’s Transgender Persons (Protection of Rights) Act, 2018
Pew Research Center surveys on global attitudes towards homosexuality
Sax, Leonard. “How Common Is Intersex? A Response to Anne Fausto-Sterling.” The Journal of S*x Research, vol. 39, no. 3, 2002, pp. 174–178.
United Nations Free & Equal Campaign – Intersex Awareness: https://www.unfe.org/intersex-awareness/
United Nations Human Rights Council reports on LGBT rights

https://humsari.com/lgbtqia-people/

19/01/2026
اڄوڪي "پنھنجي اخبار" ۾ محترم اشفاق لغاري جي ڪتاب "نفرت کی دریافت" تي منھنجو لکيل تبصرو ڇپيو آھي، پڙھي پنھنجي قيمتي راءِ ...
19/01/2026

اڄوڪي "پنھنجي اخبار" ۾ محترم اشفاق لغاري جي ڪتاب "نفرت کی دریافت" تي منھنجو لکيل تبصرو ڇپيو آھي، پڙھي پنھنجي قيمتي راءِ کان آگاھ ڪندا...

”نفرت کی دريافت“ جو جائزو

ڊاڪٽر محمد الياس ڀٽو

محبت ۽ نفرت پنهنجي روح ۾ مخصوص ثقافتي تناظر ۾ انصاف ۽ نا انصافي سان جڙيل آهن، جيڪي ڪنهن ٻي ثقافت اندر مختلف رنگن ۽ روپن جو ويس ڍڪيندا آهن. مثال طور ٽئين دنيا جي پاڪستان جهڙي بدعنوان ۽ کوکلي سماج ۾ صحيح ۽ غلط سميت محبت ۽ نفرت جا معيار پڻ الڳ ۽ ابتا بڻجي چڪا آهن. نتيجي ۾ حقيقي طور تي حق سچ ۽ محبت انصاف جا پانڌيئڙا جيڪي اقليت ۾ آهن، اهي هميشه ڪُوڙ ڪچ ۽ نفرت نا انصافي جي پاٿاريدارن ۽ چمچن جي اڪثريتي ٽولي جي هٿن ۾ عتاب جي چَڪِيءَ ۾ پيا پِيسجندا آهن. محترم اشفاق لغاري جو اردو ۾ لکيل ڪتاب ”نفرت کی دريافت“ ۾ پڻ مفادن جي ٽڪراءَ جي تناظر ۾ محبت ۽ سچ جي ويس ۾ نفرت ۽ ڪُوڙ جي دنيا جي طاقتور ۽ اڪثريتي ٽولي هٿان پنهنجي سائيبر تذليل خلاف قانوني ازالي جو درد ڀريو داستان رقم ڪيو آهي. ليکڪ اشفاق لغاري مهراڻ يونيورسٽي ۾ ميڊيا اينڊ ڪمونيڪيشن آفيسر آهي. پاڻ سماجي مسئلن تي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ تحقيقي رپورٽون، ڊاڪيومينٽريون، ڪهاڻيون ۽ ڪالم لکندو رهندو آهي. هي سندس پهريون ڪتاب آهي جيڪو ”فڪشن هائوس لاهور“ طرفان 2025 جي آخر ۾ ڇپايل آهي.

اشفاق لغاري جو 150 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب ليکڪ جي پيشه ورانه نوڪريءَ دوران سندس يونيورسٽي جي هڪ آفيسر (جنهن کي ڪتاب ۾ فرضي نالو آصف ڏنو ويو آهي) طرفان سندس ايڊٽ ڪيل ۽ سوشل ميڊيا تي پوسٽ ڪيل نازيبا اڌ اگهاڙي تصوير، جيڪا جنسي هراسگي جي زمري ۾ اچي ٿي، بابت طاقتورن جي ابتي ديس ۾ مزاحمت ۽ انصاف جي حصول لاءِ پنجن سالن جي ڊگهي پر هن وقت تائين غير فيصله ڪُن درد ڪٿا آهي. سندس اها ڪٿا اسان جي زنگ آلود معاشري جو آئينو آهي. ”اهو زنگ آلود آئينو جنهن ۾ اسان جو انفرادي ۽ اجتماعي ننگپڻو، ضمير جي خريد و فروخت، مصلحت ۽ منافقت جي هڏين جي سماج ۽ ادارن طرفان پٽ کوهه، عياشين جي ڪوٺن تي انصاف جا ننگا مجرا، مظلوم مٿان جڳ جي ٽوڪ ۽ مسخري، ۽ مجرم جي عزت افزائي سميت هر اها شيءِ وائکي نظر اچي رهي آهي، جيڪا هن ڳريل سڙيل معاشري جي بقا جي ضمانت
هي.“ (وسعت الله خان جو مهاڳ ”زنگ آلود آئينه“، ص. 14)

جديد دؤر ۾ ٽيڪنالاجي ٻين شعبن سميت ماڻهو جي عزت
کي پڻ متاثر ڪيو آهي ۽ ان جا نوان معيار مقرر ڪيا آهن. ”اسان هڪ اهڙي زماني ۾ رهي رهيا آهيون جنهن ۾ انسان جي عزت آبرو محض ڪردار سان نه پر سندس ڊجيٽل شناخت سان پڻ جڙيل آهي... آن-لائين ڪردار ڪشي هاڻي فقط ٽيڪنالاجي سان واڳيل مسئلو نه رهيو آهي، پر اهو سائيبر ڪرائيم، انساني حقن ۽ نفسياتي صحت جو هڪ ڳنڀير بحران بڻجي چڪو آهي... اڪثر ماڻهو اهڙين حالتن ۾ گهٻرائي ويندا آهن ۽ خاموشي کي ترجيح ڏيندا آهن، پر اشفاق مزاحمت جو رستو چونڊيو. هن انهيءَ لڙائي کي فقط قانوني مقدمو نه سمجهيو، پر ان کي هڪ جذباتي ۽ نفسياتي جدوجهد جي صورت ۾ قبول ڪيو؛ بلڪل ايئن جيئن جنسي تشدد جو شڪار شخص پنهنجي وقار جي بحالي لاءِ وڙهندو آهي.“ (نديم سعيد جو مهاڳ ' سچائی کے قلم اور عزت کی روشنائی سے لکھی هوئي کہانی، ص. 15-16). ليکڪ هي درد ڪٿا ٻن مهان ۽ بهادر سُورمين، ڊاڪٽر فوزيه سعيد ۽ مختاران مائي جي ڪاوشن ۽ عدالتي مقدمن مان متاثر ٿي لکي آهي، جن جي بدولت جنسي هراسگي جي 2010ع واري قانونسازي ٿي.

”نيٺ اشفاق لغاري جو ڏوهه ڪهڙو هو؟ توهان سوچي رهيا هوندؤ ته آخر هن معصوم دل انسان ڪنهن جو ڇا بگاڙيو هو؟ اشفاق ڪنهن جو ڪجھ به نه بگاڙيو هو. اداري جي سربراهه کي بليڪ ميل ڪرڻ لاءِ ڪو ته چهرو کپندو هو، ۽ ان لاءِ سڀ کان معصوم اشفاق لغاري ئي مليو هوندو. اهڙا شڪاري ڪمزور نظر ايندڙ کي شڪار ڪندا آهن.“ (ڊاڪٽر عرفانه ملاح جو مهاڳ 'مرد بھی محسوس کرتا ہے ' ص. 20). 2018ع ۾ انيڪ موقعن تي ليکڪ جڏهن مشاهدو ڪيو ته مختلف نالن وارن فيس بوڪ پيجن ۽ اڪائونٽن، خاص طور تي هڪ عورت جي اڪائونٽ تان، اداري جي هڪ مخصوص حلقي جي آفيسرن، ڊينز، استادن، پرو وائيس چانسلر ۽ وائيس چانسلر جون تصويرون گندي زبان جي ڪيپشن ۽ مختلف الزامن سان پوسٽ ٿينديون رهيون ته مهراڻ يونيورسٽي جي ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن آفيسر جي حيثيت سان ليکڪ ڪڏهن انهن الزامن جو نرميءَ سان جواب ڏيندو ۽ اداري جو دفاع ڪندو رهيو ته ڪڏهن جارحاڻي انداز سان جواب ڏيندو رهيو. ڏسندي ڏسندي ليکڪ پاڻ ان مافيا جي نشاني تي اچي ويو ۽ سندس ايڊٽ ڪيل ڀيانڪ تصويرون، چهرو ليکڪ جو ۽ ڌڙ جانور جو، سوشل ميڊيا تي پوسٽ ٿيڻ لڳيون. آخرڪار سندس نازيبا اڌ اگهاڙي شيئر ٿيل تصوير ليکڪ جي صبر جو پيمانو لبريز ڪري ڇڏيو ۽ هن 2019ع ۾ ايف آئي اي ۾ عورت جي نالي سان فيس بوڪ اڪائونٽ هلائيندڙ خلاف سائيبر ڪرائيم جي شڪايت رجسٽر ڪرائي.

”سائيبر ڪرائيم جي مقدمي جي ڪهاڻي اعليٰ تعليمي اداري جي تعلقاتِ عامه سان سلهاڙيل آفيسر اشفاق لغاري جي رت ۽ پگهر ۾ ٻڏل هڪ دردناڪ تحرير آهي. هڪ پڙهيل لکيل شهري جي ارمانن جو خون ۽ سوشل ميڊيا تي هن جي ڪُوڙي ۽ ايڊٽ ڪيل اڌ اگهاڙي تصوير جي اشاعت تي سندس پيشانيءَ تي شرمساري جي پگهر جو امتزاج، اسان جي معاشري ۽ رياست جي اوگهڙ جو مظهر آهي... اشفاق جنهن پنهنجي زندگيءَ جو اهم حصو جنهن مادرِ علمي ۽ ان جي استادن ۽ آفيسرن جي عزت جي بچاءُ ۾ گزاري ڇڏيو، ان اداري کيس رڻ ۾ نه رڳو اڪيلو ڇڏي ڏنو، پر الٽو ملزم جو ساٿ ڏنو... اداري جي آفيسرن ۽ استادن جي اخلاقي جرئت ايندڙ نسلن لاءِ مثالي هجڻ گهرجي ها، پر شايد ڄامشوري جي هي مادرِ علمي اسان جي پياري پاڪستان جي ڀرپور عڪاسي ڪندڙ آهي، جتي پٿر ته قيد آهن پر ڏوهي آزاد آهن!“ (مطيع الله جان جو مهاڳ 'تاريخ کا هال آف شيم' ص. 24-25).

مادر علمي ۾ آفيسر جي درجي تي ڪم ڪندڙ ”آصف“ جو شڪار فقط اشفاق نه رهيو هو، پر هن سان گڏ ٻيا ڪيترائي شريف آفيسر (مرد ۽ عورتون) ايستائين جو کيس نوڪري ڏياريندڙ آفيسر ۽ ان جي نياڻي (جنهن کي هو ٽيوشن پڙهائيندو هو) سميت معزز استاد صاحبان، وائيس چانسلر ۽ ان جي خاندان جا ڀاتي پڻ سندس مفادن خاطر عتاب هيٺ هئا. ليکڪ کي جس آهي جنهن خاموشي بجاءِ ايف آئي اي ۾ سائيبر ڪرائيم جو ڪيس رجسٽر ڪرايو، هيٺين عدالتن کان ٿيندي ملڪ جي اعليٰ عدالت يعني سپريم ڪورٽ اسلام آباد تائين ملزم جي ضمانت رد ڪرائڻ لاءِ پنهنجي ڪيس جي پيروي ڪئي. ياد رهي ته ليکڪ سوشل ميڊيا تي هڪ عورت جي نالي سان هلائي ويندڙ اڪائونٽ خلاف سائيبر ڪرائيم جي شڪايت درج ڪرائي هئي، جنهن تي ايف آئي اي جي آفيسرن ۽ ملازمن ٺوس ثبوتن جي آڌار تي ”آصف“ جي نشاندهي ڪئي هئي ۽ کيس رنڱيل هٿن سڳ سوڌو گرفتار ڪيو هو. جيتوڻيڪ جوڊيشل ماجسٽريٽ سندس ضمانت رد ڪئي ۽ کيس جيل جي سزا پڻ ملي، پر ٽرايل ڪورٽ ثبوتن کي نظرانداز ڪندي شڪ جي بنياد تي 2022ع ۾ سندس سزا منسوخ ڪئي ۽ کيس ضمانت فراهم ڪئي. ڪُل پنج سالن کان پوءِ معاملو هاءِ ڪورٽ ڪراچيءَ ۾ اپيل هيٺ التوا جو شڪار آهي. ڪو عجب ڪونهي جو ”آصف“ کي بچائڻ لاءِ لاڳاپيل ايماندار ڊپٽي اٽارني ۽ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ملير کي بدعنوان ۽ طاقتور مافيا طرفان هٽائي ملزم جي آزادي جو رستو صاف ڪيو ويو. جيل کان آزادي تي يونيورسٽيءَ ۾ سندس خلاف ڳالهائيندڙن کيس گلن جا هار پارائي ۽ سلامي ڏئي استقبال ڪيو. ادارو پنهنهجي آفيسرن جي ساک بچائيندڙ بدران ان کي تار تار ڪندڙ ملزم جي کليل حمايت ڪري رهيو آهي ۽ نه رڳو هن کي سندس نوڪري تي بحال ڪيو ويو آهي پر ترقيءَ سان پڻ نوازيو ويو آهي.

هن ڪتاب ۾ ”آصف“ (شناخت مخفي رکڻ لاءِ فرضي نالو) طرفان ليکڪ جي نازيبا تصوير سوشل ميڊيا تي پوسٽ ڪرڻ خلاف ليکڪ جتي پنهنجي ذهني، جذباتي، سماجي دٻائن جو ڀرپور نموني اظهار ڪيو آهي، اتي پنهنجي ملڪ ۾ عدالتن سميت ٻين ادارن ۽ انهن ۾ ڪم ڪندڙ آفيسرن ۽ ملازمن کي بدعنوان ۽ طاقتور مافيا جي هٿ ۾ ڪٺ پُتلي ۽ مُهرا بڻجي سندن اشارن تي نچڻ ۽ استعمال ٿيڻ کي وائکو ڪيو آهي. ليکڪ جو هي ڪتاب سقراط جي هن قول جي صداقت جو کُليل اقرار ۽ اظهار آهي ته ”قانون ڪوريئڙي جو هڪ ڪمزور ڄار آهي، جنهن ۾ هڪ مک ۽ مڇر ته ڦاسي پوي ٿو پر اهو هڪ سوئر کي روڪي نه ٿو سگهي!“ جيتوڻيڪ مهراڻ يونيورسٽي جي انتظاميه ۽ اعليٰ افسران سائيبر ڪرائيم ۾ ملوث ۽ ثبوتن جي آڌار تي سزايافته ”آصف“ کي لک عزتون ڏئي رهي آهي ۽ سندس سڃاڻپ تي ڍڪ رکيو ويو آهي، پر تاريخ سندس ڪڌن ڪرتوتن عيوض کيس آشڪار ڪري بدناميءَ جي گڏهه تي چاڙهي سندس منهن تي ذلت جي ڪارنهن ملي چڪي آهي.

ڪتاب ۾ مضمونن جي ترتيب ۽ مواد جو رابطو ۽ تجسس اهڙي ته خوبصورتي ۽ ڪمال ڪاريگري سان رکيا ويا آهن جو هي ڪتاب هڪ دفعو پڙهڻ شروع ڪبو ته يقيناً ان کي ختم ڪرڻ کان اڳ ڇڏي نه سگهبو.

حوالو:
اشفاق لغاري (2025). نفرت کی دريافت. فڪشن هائوس لاهور.

اڄوڪي "ھمسري"اخبار ۾ منھنجو لکيل ڪالم "بادشاهي برقرار رکڻ لاءِ حرامين جا حربا" ڇپيو آھي، پڙھي پنھنجي قيمتي راءِ کان آگاھ...
12/01/2026

اڄوڪي "ھمسري"اخبار ۾ منھنجو لکيل ڪالم "بادشاهي برقرار رکڻ لاءِ حرامين جا حربا" ڇپيو آھي، پڙھي پنھنجي قيمتي راءِ کان آگاھ ڪندا...

بادشاهي برقرار رکڻ لاءِ حرامين جا حربا

ڊاڪٽر محمد الياس ڀٽو

سماجي حالتون ۽ واقعا اسان جِي منشا مطابق وِرلي ئي ظاهر ٿيندا آهن، ڇو ته اسان جي مختصر زندگيءَ جي وقت ۽ وٿيءَ ۾ گهڻو ڪري ”بندي جي من ۾ هڪڙِي ته خدا جي من ۾ ٻِي“ جي مصداق اسان جو ٽڪراءُ نا قابلِ يقين حالتن، واقعن ۽ ماڻهن سان ٿيندو رهندو آهي. توڙي جو طبعي دنيا گهڻو تڻو مستحڪم آهي، پر انساني تاريخ ۾ انساني زندگيون بدعنوان ۽ حرامي حڪمرانن ۽ انهن جي ڪرتن ڌرتن جي اشارن تي زير زبر ٿينديون رهيون آهن. جڏهن ته اڪثر حالتن ۾ اهو طبقو ڏهاڪن تائين مڙهيل پنهنجين ڏور رس ۽ غير محسوس ۽ غير مرئي ناڪاري پاليسين، هٿڪنڊن ۽ نظرياتي ڄارن ۾ انسانن کي گهربل جسماني، ذهني، جذباتي، سماجي ۽ نظرياتي/ روحاني غلامي ۾ جڪڙي چؤکنڀو سوگهو ڪري وٺندو آهي. ان غلامي جي ثقافت جوڙڻ ۽ رائج ڪرڻ جو انحصار پڻ انيڪ ڌرين، مرحلن ۽ عنصرن تي مشتمل آهي. اهو ئي سبب آهي جو هن عميق غلاميءَ مان نڪرڻ لاءِ سُڄاڻ ڌُرين کي ڏهاڪن، ۽ ڪن حالتن ۾ صدين تائين جدوجهد ڪرڻي پوندي آهي‌؛ بلڪه ايئن چئجي ته به غلط نه ٿيندو ته عوام کي غلامي جو احساس ڏيارڻ ۾ ئي وڏو عرصو لڳي ويندو آهي. هن مضمون ۾ آئون عوام جي جان، مال، آبرو جي تحفظ ۽ صحت، تعليم، روزگار ۽ تفريح جي مدَ ۾ انهن کان بدعنوان حڪمرانن طرفان اوڳاڙيل رقم مان کربن روپين جي لٽمار ۽ حرامپائين جي حربن ۽ مرحلن تي هڪ نظر وجهندس.

جتي زرعي دور کان وٺي هلندڙ سليڪان دور تائين ”هڪ ٻئي تي انحصاري“ انساني تعاون کي فروغ ڏنو آهي ۽ ان کي ٻين مخلوقن تي غلبو ۽ فوقيت ڏئي بي مثال انساني ترقي اسان جي پلئهُ وڌِي آهي، اتي ٻئي پاسي وري انسان جي هن عظيم گڻ جي ناڪاري استعمال ڪجهه چالاڪ انسانن ۾ مفت-خوري ۽ بدعنواني جو ٻج پڻ ڇٽيو آهي، جنهن ڪري نه رڳو انفرادي ۽ گروهي، پر اجتماعي ۽ عالمي سطح تي انسانذات لاءِ ناقابلِ تلافي مسئلا پڻ پيدا ڪيا آهن. هن سلسلي ۾ ٽئين دنيا جا ملڪ سڀني کان گوءِ کنيو بيٺا آهن. ٽرانسپيرينسي انٽرنيشنل جي 2024 واري رپورٽ (جيڪا 2025 ۾ ڇپي) مطابق اسان جو پيارو ملڪ دنيا جي 180 ملڪن مان بدعنواني جي انڊيڪس تي 135 نمبر تي آهي. ٻين لفظن ۾ پاڪستان ايمانداري جي معيار تي اڪثر ملڪن کان ڪريل ترين ملڪن ۾ شمار ٿئي ٿو. اسان جا سڀ ادارا هڪ سوچيل سمجهيل منصوبي تحت بلڪل ابتا بڻايا ويا آهن. ادارن ۽ عوام جي ترقيءَ جا ڪم فقط ڪاغذن ۾ ٿين ٿا، جڏهن ته انهن جي خطير رقم وزيرن، مشيرن، ڪامورن ۽ سندن ڇاڙتن جي کِيسن ۽ بينڪ بيلينسن ۾ وڃي ٿي.

خالص سائنس جي شعبن سان لاڳاپيل محققَ جيئن ته هڪ مضمون جي هڪ موضوع تي گهرائي واري نظر رکڻ ۽ نتيجي ۾ ان جي باريڪين ۽ پاتال ۾ پَيهِي انمول دريافتن، ايجادن ۽ اختراعن جا املهه ماڻڪ معاشري جي جهوليءَ ۾ وجهندا آهن، ان ڪري سندن نقطئه نظر سوڙهو هوندو آهي ۽ اهي سماجي لقائن جو جامع ۽ وسيع احاطو نه ڪري سگهندا آهن. ٻين لفظن ۾ اهي تصوير جو فقط هڪ حصو ڏسندا آهن ۽ ٻيا حصا سندن نظرن کان اوجهل رهندا آهن. هن خال کي ڀرڻ لاءِ سماجي سائنس جا شعبا ۽ انهن سان لاڳاپيل محقق ڀريندا آهن. اهي سماج ۾ شين ۽ لقائن جي هاڪاري ۽ ناڪاري پهلوئن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري انهن جو مُلهه مقام ۽ قدر طئي ڪندا آهن ته جيئن معاشرو ۽ عوام ناڪاري ۽ مفت خور مخلوق يعني بدعنوان طبقن ۽ حرامي حڪمرانن هٿان يرغمال بڻجي انهن جي مفادن جي حاصلات جا اوزار نه بڻجي سگهن. هن سلسلي ۾ فلاسافرن، تعليمدانن، معيشتدانن، سياست تي مَلڪو رکندڙن، تاريخدانن، نفسياتدانن، سماجيات جي ماهرن، بشرياتي علم جي ماهرن وغيرهه تي اهم ذميداري عائد ٿئي ٿي ته اهي انسان-پسنديت (Humanism) جي اعليٰ معيارن تحت ملڪ اندر يا ٻاهر پيدا ۽ استعمال ٿيندڙ هاڪاري شين، خدمتن ۽ لقائن کي فروغ ڏيڻ، ۽ ناڪاري شين، خدمتن ۽ لقائن کي چٿڻ لاءِ رياست جي سڀني ٿنڀن کي مؤثر قدم کڻڻ لاءِ پابند بڻائين.

سماجي دنيا هن وقت ارتقا ڪندي هڪ اهڙي پيچيده موڙ تي پهتي آهي، جتي هڪ عام ذهن ۽ فهم رکڻ واري ماڻهوءَ لاءِ شين ۽ لقائن جي مڪمل تصوير ڪڍڻ ۽ سچ سمجهڻ ته پري جي ڳالهه آهي، پر انهن جي جُزوي تصوير جي سچ تائين پهچڻ پڻ ايترو سولو نه آهي. ڪجهه حالتن ۾ ته طاقتورن جي بيانيي ۽ رياست جي اهم ٿنڀن (مقننه، انتظاميه، عدليه ۽ ميڊيا) جي يرغمالي سبب سچ کي ڪُوڙ ۽ ڪُوڙ کي سچ طور ڪاميابيءَ سان ٻُڌايو ۽ سمجهايو ويندو آهي. هن مقصد لاءِ بدعنوان لڏو پهريون هدف تعليم ۽ تعليمي ادارن کي بڻائيندو آهي ته جيئن اهي سدائين تباهه حال رهن ۽ عوام ۾ سچ ۽ ڪوڙ جي تميز، انصاف ۽ ظلم جو فرق، اصل طاقت ۽ ڪمزوري جي شناخت وغيرهه، جو شعور ختم ٿي وڃي. ان کان پوءِ انهن جي ڪوشش هوندي آهي ته اهم سماجي ادارن جهڙوڪ صحت ۽ معيشت جي ادارن کي فقط نالي ماتر فعال رکيو وڃي؛ مطلب ته اسپتالون يا ته هجن ئي نه، ۽ جي هجن ته اتي ضروري دوائون ۽ علاج اڻلڀ هجن، صنعتون ملڪي کپت کان گهڻو گهٽ پيداواري شيون ٺاهيندڙ هجن ته جيئن زندگي ۽ موت، غربت ۽ خوشحاليءَ کي مذهب جي آڙ ۾ رياست بدران خدا جي کاتي ۾ وجهي پاڻ کي الزامن کان آجو رکي سگهجي. اسان وٽ هن وقت بلڪل ايئن ئي آهي.

اسان وٽ ٻئين مرحلي ۾ ڪوڙ، نا انصافي ۽ بدعنواني جي ثقافت کي جيئارڻ ۽ ان جون پاڙون پختيون ڪرڻ لاءِ رياست جي سڀني ٿنڀن کي لٺ ۽ چٺ وسيلي پنهنجو هم خيال بڻايو ويو آهي. نتيجي ۾ اڄ پاڪستان، خاص ڪري سنڌ، جو ٻچو ٻچو ايمانداري کي ڪمزوري ۽ نا اهلي سمجهي ٿو، ۽ ڪوڙ، بدعنواني، چمچاگيري ۽ مفاد پرستيءَ کي دانائي سمجهي ٿو.

هاڻي اسان جو بدعنوان حڪمران ٽولو ۽ سندن ساٿاري ٽئين ۽ تمام خطرناڪ مرحلي تي ڪم ڪري رهيا آهن. اُهو اِهو آهي ته ادارن ۾ اعلي عهدن تي آڱوٺي ڇاپ ماڻهن جي ڀرتي ڪئي وڃي ته جيئن عوام فقط ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ جيئڻ کي ئي غنيمت سمجهندي رهي ۽ اها سندن اربين ۽ کربين روپين جي ٽيڪس لٽيرن کي پنهنجو محسن سمجهندي رهي. اڄ جا شاگرد پرائمري کان ڪاليج تائين پنهنجا امتحاني پرچا پنهنجي قابليت سان نه ٿا ڏئي سگهن ۽ اهي بنا روڪ ٽوڪ جي ڪاپي ڪري پاس ٿين ٿا ۽ ان کي پنهنجو حق سمجهن ٿا. پر بدعنوان ٽولي جو مقصد اڃان به ٻه قدم نظر اچي ٿو. اهي چاهين ٿا اهڙا آڱوٺي ڇاپ استاد اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ڀرتي ڪجن جيڪي نه پڙهي سگهن ۽ نه وري امتحاني پرچو حل ڪري سگهن! ساڳئي طرح سان ڊاڪٽر اهڙا ڀرتي ڪجن جن کي بنيادي ايناٽامي، بيمارين ۽ ان جي علامتن ۽ لاڳاپيل دوائن جي ڄاڻ ئي نه هجي! انجنيئر اهڙا هجن جن کي پنهنجي شعبي جي الف-بي جي خبر نه ئي هجي! هن ڳالهه جو ثبوت سرڪاري نوڪرين جي ڀرتي لاءِ وقتاً فوقتاً ورتل سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۽ ڊپارٽمينٽل امتحانن جا نتيجا پڌرا ٿيڻ کان پوءِ اهل اميدوارن طرفان سوشل ۽ پرنٽ ميڊيا تي دانهون ڪوڪون، احتجاج ۽ ڪورٽن ۾ سندن طرفان داخل ڪيل پٽيشنون آهن. تعليم کاتو ئي واحد کاتو آهي جيڪو ٻين کاتن کي هلائڻ لاءِ هيومن ريسورس فراهم ڪري ٿو. ان ڪري ان کاتي کي تباهه ڪرڻ جي وڌ ۾ وڌ ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

ضرورت هن ڳالهه جي آهي ته اسان جا سماجي سائنسدان جهڙوڪ فلاسافر، تعليمدان، تاريخدان، سماجيات، معاشيات ۽ سياست جا ماهر پروفيسر صاحبان، مذاحمتي شاعر، دانشور، اديب، استاد ۽ سماجي اڳواڻ نه رڳو ملڪ ۽ عوام دشمن حڪمرانن، وزيرن، مشيرن ۽ سندن ساٿارين جي ناڪاري پاليسين ۽ انهن طرفان مڙهيل غلامي جي ڄارن کي سمجهن ۽ انهن کي پنهنجي عوامي حلقن ۾ وائکو ڪن، پر ان غلاميءَ مان نڪرڻ جو بهتر لائحه عمل جوڙين ۽ عملي طرح سان سماجي تبديلي آڻڻ لاءِ پنهنجون تخليقي ۽ قائدانه صلاحيتون استعمال ڪن.

حوالو:
https://transparency.org/en/cpi/2024.

Address

Bhutto Muhalla Sehwan
Sehwan
76140

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Dr. Muhammad Ilyas Bhutto posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share