05/10/2026
اڄ استادن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي GBHS Sakrand ۾ هڪ خوبصورت ۽ محبت ڀريو ماحول نظر آيو.
ان موقعي تي Sir Shahzaib Rajput پاران Senior Headmaster Sir Muhammad Arshad Arain جو گرمجوشي سان استقبال ڪيو ويو. ان کان پوءِ Sir Arshad Arain اسڪول جي محنتي ۽ متحرڪ اسٽاف جي حوصلا افزائي ڪندي کين گلن جا هار پارايا ۽ سندن محنت ۽ خدمتن کي ساراهيو.
سر ارشد آرائين اسٽاف جي محنت، لگن ۽ اسڪول جي بهتري لاءِ ڪيل ڪوششن کي دل سان ساراهيو ۽ چيو ته استادن جي محنت ئي شاگردن جي بهتر مستقبل جي ضمانت آهي.
اهڙا خوبصورت لمحا نه صرف استادن جي حوصلا افزائي ڪن ٿا، پر پوري اسٽاف ۾ وڌيڪ محنت ۽ جذبي سان ڪم ڪرڻ جو نئون حوصلو پڻ پيدا ڪن ٿا.
استاد جي عزت، علم جي عزت آهي.
Happy Teachers' Day