30/03/2024
ڪالھ اسسٽنٽ ڪنٽرولر زين العالم جي ضمانت جي درخواست رد ٿيڻ کانپوءِ ان کي گرفتار ڪيو ويو، ھاڻي، گرفتاري، جيل ۽ انشاءالله ، اللّہ پاڪ چاھيو تہ قانون مطابق سز املڻ کانپوءِ ، ايڏي خواري ڪٽڻ کانپوءِ اھو شخص ڪرپشن ڪندو؟؟ آئندہ پيپر ليڪ جو سوچيندو ؟؟ اھو تہ ٺھيو پر ٻين کي بہ سبق ملي ويندو.
جيڪڏھن ايئن سزا ۽ جزا جي روايت جڙي پوي تہ معاشرو سڌرندو ۽ ڪرپشن ختم ٿيندي، ميرٽ ٿيندي، حق ٿيندو.
اھو صرف ۽ صرف توھان اسان چيچُو مِيچُو سمجھيا ويندڙ عام ماڻھن جي اتحاد ۽ ٻڌي جي ڪري ممڪن ٿيو. متحد رھو ✌️