31/03/2026
السلام عليڪم :
داخلا نوٽيس: تعليمي سال 2026-27
گورنمينٽ بوائيز هائي اسڪول دليل ديرو، تعلقو سڪرنڊ
سمورن معزز والدين ۽ ڳوٺاڻن کي اطلاع ڏجي ٿو ته گورنمينٽ بوائيز هائي اسڪول دليل ديرو ۾ نئين تعليمي سال 2026 لاءِ ڇهين ڪلاس (Class VI) ۾ داخلائن جو سلسلو سڀاڻي پهرين اپريل 2026 کان باقاعده شروع ٿي رهيو آهي.
پنهنجن گلن جهڙن ٻارن جي روشن مستقبل لاءِ کين اسڪول وٺي اچو ۽ داخل ڪرائي تعليم جي زيور سان آراسته ڪريو.
داخلائن لاءِ گهربل ڪاغذات (Documents):
* پنجين ڪلاس جو پاس سرٽيفڪيٽ (School Leaving Certificate).
* والد جي قومي شناختي ڪارڊ (CNIC) جي فوٽو ڪاپي.
* شاگرد جي ٻارن واري فارم (B-Form) جي فوٽو ڪاپي.
* شاگرد جي هڪ عدد پاسپورٽ سائيز تصوير.
تعليم ئي ڪاميابيءَ جي ڪنجي آهي. اچو ته ٻارن کي اسڪول موڪلي هڪ پڙهيل لکيل معاشري جو بنياد وجهون.
پاران:
هيڊ ماستر: سائين معشوق علي ميربحر
رابطو نمبر: 0302 3202936