GBHS Sabu Rahu.

GBHS Sabu Rahu. Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from GBHS Sabu Rahu., School, Sabu Rahu, Sakrand.

01/10/2024

28 سال عمر جي حد رکڻ واري منطق سمجھ کان ٻاھر آھي، 22 کان 25 سالن تائين تعليم پوري ٿئي ٿي، پوءِ صرف 3 سال بچڻ ٿا، مثال ڪوئي ليڪچرار ٿيڻ چاھي تو تہ 5،6 سال ليڪچرار جو ويڪينسيز انائونس ئي نٿيون ٿين، تہ پوءِ اھو نوجوان ڪاڏي وڃي؟
پاليسي ٺاھڻ وارن کي خبر ناھي تہ جڏهن ڪنھن ويڪينسي جو اعلان ٿيندو آھي تہ اپلاءِ ڪرڻ وارن ۾ 50٪ کان مٿي 28+ عمر وارا ھوندا آھن. ھاڻي جن جي 28 سال کان مٿي عمر آھي اھي ڪاڏي وڃن؟ يعني لکن جي تعداد مان صرف چند ھزار خوش نصیب جيڪي وقت سر نوڪري حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿا انھن کي ڇڏي باقي اڪثريت ڪاڏي وڃي؟

14/08/2024

اسڪول کلي ويا
ھاء اسڪول صابوراھو جي شاگردن کي اطلاع ٿو ڪجي ته سڀاڻي سڀئي شاگرد اسڪول پھچو
والدين کي گذارش ٿي ڪجي ته پنهنجن ٻارن جي حاضري کي يقيني بنائين
ٽائيم: 08:00AM

12/08/2024

سينئر استاد اسان جا معزز آھن، ھنن جو تجربو ھر ٽيسٽ کان مٿانھون آھي. ھر وقت استادن جي تذليل بند ڪئي وڃي.
پاران نوجوان استاد

14/07/2024

ھن وقت سمورا فيس بڪ اڪائونٽ هيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جنهن ۾ اوهان جو پروفائيل، ڪور فوٽو ۽ ساڳيو نالو ڊزائين تي نئين فيس بوڪ اڪائونٽ ٺاهڻ لاءِ استعمال ٿي سگهي ٿو تنهنڪري
آئون پنهنجي فيس بڪ فرينڊس کي اطلاع ڪيان ٿو تہ منهنجو نئون اڪائونٽ ٺاهڻ جو ڪو بہ ارادو ناهي .
جيڪڏهن منهنجي نالي سان اوهان ڏي ٻيھر ڪا اھڙي رڪئيسٽ اچي تہ اها قبول نه ڪندا ۽ ڪابه غلط پوسٽ اچي ته ان جو ذميوار مان نه هوندس ۽ اوهان بہ اها پوسٽ ڪاپي ڪري پنهنجي دوستن کي ان بابت ڄاڻ ڏيو.....!🙏

17/06/2024

سڀني دوستن کي عید الاضحٰی جون لک لک مبارڪون🎉🎊💐. شال آباد و شاد هجو🤲❤️♥️💕💗

اڄ گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول صابوراھو ۾ ڇهين، ستين ۽ اٺين ڪلاس جي شاگردن جي اينيوئل ايگزامينيشن جي رزلٽ جي تقريب منعقد ڪ...
31/05/2024

اڄ گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول صابوراھو ۾ ڇهين، ستين ۽ اٺين ڪلاس جي شاگردن جي اينيوئل ايگزامينيشن جي رزلٽ جي تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ مهمان خاص سائين قمر الدين سنجراڻي ۽ هاءِ اسڪول صابوراھو جي قابل احترام استادن شرڪت ڪئي. تقريب جي افتتاح ڪلام پاڪ ۽ نعت رسول صلي الله عليه وآله وسلم سان ڪئي وئي. استاد صاحبان شاگردن لاءِ نصيحت ڀريون تقريرون پڻ ڪيون. امتحان ۾ پوزيشن کڻندڙ شاگردن جي حوصلا افزائي لاءِ شاگردن ۾ شيلڊ، ميڊل ۽ سندن امتحاني رزلٽ ڪارڊ ورهايا ويا ،
جنهن ۾ اٺين ڪلاس جي شاگرد مشرف علي شر ولد اشرف علي شر اسڪول ٽاپ ڪيو،جڏهن ته عبيد الله ولد غلام اصغر راھو ۽ مقبول احمد ولد محبوب علي ملاح ٻي ۽ ٽين پوزيشن حاصل ڪئي.

ڪلاس ستين ۾ محمد مدثر ولد عبدالمجيد کوکر، وقار احمد ولد ممتاز علي ڊومڪي ۽(ارسلان خان ولد سائين عبدالغفار خاصخيلي، سينگار علي ولد الله ڏتا سنجراڻي، دليپ ڪمار ولد منو ڪولهي) پهرين، ٻين ۽(ٽين) پوزيشن حاصل ڪئي.

ڇهين ڪلاس ۾ محمد سليمان ولد شهمير خان شر، ولي الله ولد قدير احمد ملاح ۽ سائينداد ولد مرحوم محمد ابراهيم سنجراڻي، پهرين، ٻين ۽ ٽين پوزيشن حاصل ڪئي.
ٻيا ڪيترائي شاگرد ٽاپ ٽين ۾ رهيا.

اسان نهايت ئي شڪر گذار آهيون سائين حق نواز بنگلاڻي، سائين غلام عباس راهو ۽ سائين عبدالرزاق سنجراڻي جا، جن پنهنجي هڙان ھن تقریب کي چار چنڊ لڳايا، هاءِ اسڪول صابوراھو جي هيڊ ماسٽر صاحب کي گذارش آهي ته سائين جن ايندڙ ڪنهن اهڙي پروگرام ۾ اسڪول جي فنڊ مان سهڪار ڪن.

هڪ پيغام والدين جي نانءُ:
تمام والدين کي گذارش ٿي ڪجي جيئن ته هينئر ٻه مهينا(جون ۽ جولائي) جون موڪلون آهن پنھنجن گلن جهڙن ٻارن کي راند روند سان گڏ تعليمي ميدان ۾ به مصروف رکو پنهنجي قيمتي وقت مان ڪجهه وقت ڪڍي انهن لاءِ به سرف ڪيو. جيڪڏهن پاڻ وقت نه ٿا ڏيئي سگهو ته ڪنهن ٽيوٽر وٽ ٽيوشن لاءِ روانو ڪيو، ڇو ته ٻار جو ٻه مهينا پڙهائي کان ڪٽ آف رهڻ سندس تمام وڏو لاس آهي....

25/05/2024

Alhmdullilah, it is proud of you(INDUS TALENT COACHING ACADEMY SABU RAHU) Received response from STEM college ISLAMABAD.

You got 81 marks in STEM Scholarship Test out of 100.

So, we are offering you 70% scholarship on your college tuition fee.
Now your monthly college fee will be 3000 only.
Your admission fee challan attached here, and link provided for admission form.

Regards
STEM College Islamabad

25/05/2024

الحمد للہ
Received response from STEM college ISLAMABAD.
Result:

Dear Muhammad Tufail Rahu,

You got 81 marks in STEM Scholarship Test out pf 100.

So, we are offering you 70% scholarship on your college tuition fee.

Regards steem college

24/05/2024

الحمد للہ

Our most hard-working student Muhammad Tufail Rahu S/O Saen Amanullah Rahu has qualified the STEM scholarship program Sindh 2024 for admission in first year(11th standard).
CONGRATULATIONS Mr. TUFAIL to you and your family. Also congratulations my team.

I appreciate my team INDUS TALENT COACHING ACADEMY SABU RAHU.
Best wishes for you(Mr. Muhammad TUFAIL) 💐🎉♥️

21/05/2024

جب آپ مالی طور پر مضبوط ہوں تو آپکی فضول باتیں بھی لوگوں کو اقوالِ زریں لگتی ہیں😢

01/05/2024

اڄ مزدورن جو عالمي ڏينهن آ مزدور مزدوري ڪندا۽انهن جوحق کائڻ واراسڄوڏينھن AC ۾ سمھي شام جو ھوٽل تي ڪڙھائي کائيندا

26/04/2024

خوشخبري خوشخبري
INDUS TALENT ACADEMY, SABU RAHU
مفت ڪلاس
عنوان: Awareness of Onlin Earning
ٽيچر: طاهر احمد
ڏينهن:هر آچر تي فري لانسنگ جا مفت ڪلاس، صبح 11 کان 2 بجي تائين (شروعات 2024-04-28 )
نوٽ: ريفريشمنٽ جو پڻ بندوبست ڪيو ويندو
ايڊريس: ٽي اسڪول، ويجهو ڊاڪٽر محمد ياسين سنجراڻي ڪلينڪ، صابو راهو
رابطو: 03043209681
03003518772

Address

Sabu Rahu
Sakrand
SABURAHU

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when GBHS Sabu Rahu. posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share

Category