GBELS Razidero

Call Website

GBELS Razidero The 1st Govt School in Sindh with an Online Digital Portal. Setting a new standard in education with digital attendance, results, and smart learning tools.

Dedicated to providing quality education and a bright future for our students.
پڙهندي ته وڌندي سنڌ

پنجين ڪلاس جي شاگردن جي انگريزي مضمون جي ماهوار ٽيسٽ جون ڪجهه تصويري جهلڪيون، جن ۾ ٻار پنهنجي ٽيسٽ حل ڪرڻ ۾ مصروف نظر اچ...
21/09/2026

پنجين ڪلاس جي شاگردن جي انگريزي مضمون جي ماهوار ٽيسٽ جون ڪجهه تصويري جهلڪيون، جن ۾ ٻار پنهنجي ٽيسٽ حل ڪرڻ ۾ مصروف نظر اچي رهيا آهن. 📖✍️

13/09/2026

سنڌ ڪا ورهائڻ جي زمين ناهي، سنڌ اسان جي سڃاڻپ آهي.

ڪراچي هجي يا حيدرآباد، سکر هجي يا لاڙڪاڻو، ٿر هجي يا لاڙ — سنڌ جو هر شهر، هر ڳوٺ ۽ هر انچ اسان جي گڏيل ڌرتي آهي.

نوان صوبا ٺاهڻ ۽ سنڌ کي ورهائڻ جون ڳالهيون اسان لاءِ رڳو سياسي بحث ناهن؛ هي اسان جي تاريخ، ثقافت ۽ قومي سڃاڻپ جو سوال آهي.

اسان جي اسڪولن ۾ به نئين نسل کي پنهنجي ڌرتيءَ جي تاريخ، ثقافت ۽ وحدت بابت شعور ڏيڻ گهرجي، ته جيئن هي ٻار سڀاڻي به فخر سان چون:

سنڌ هڪ هئي، سنڌ هڪ آهي، سنڌ هڪ رهندي. ❤️

استاد رڳو سبق نٿو پڙهائي، پر مشڪل ڳالهہ کي بہ آسان انداز ۾  شاگردن جي ذھن تائين پهچائي ٿو.اڄ اسان جي اسڪول ۾ استاد محرم ...
08/09/2026

استاد رڳو سبق نٿو پڙهائي، پر مشڪل ڳالهہ کي بہ آسان انداز ۾ شاگردن جي ذھن تائين پهچائي ٿو.
اڄ اسان جي اسڪول ۾ استاد محرم علي سيال Human Skeleton جي خوبصورت ڊاياگرام ذريعي ڪلاس ڏھين جي شاگردن کي انساني ھڏائين ڍانچي Human skeleton جي بناوت ۽ ڪم بابت سمجهائيندي.

ڪالهه رات ڪنهن نامعلوم ماڻهو اسڪول ۾ رکيل ڪتاب ۽ ٻارن جو تعليمي سامان ڦاڙي ڇڏيو...دل ڏکيو آهي، ڇو ته اهي رڳو ڪتاب نه هئا...
06/09/2026

ڪالهه رات ڪنهن نامعلوم ماڻهو اسڪول ۾ رکيل ڪتاب ۽ ٻارن جو تعليمي سامان ڦاڙي ڇڏيو...

دل ڏکيو آهي، ڇو ته اهي رڳو ڪتاب نه هئا؛ انهن سان ڪيترن ئي ٻارن جون اميدون جڙيل آهن.

هي اسان جي شهر جو سرڪاري اسڪول آهي، جيڪو سوين ٻارن لاءِ علم جي روشني ۽ اميد جو سهارو بڻيل آهي.

بس ايترو چوڻ چاهيون ٿا:
جنهن به هي ڪم ڪيو، هڪ ڀيرو ضرور سوچجانءِ—هي ڪتاب تنهنجا دشمن نه هئا، هي تنهنجي ئي سماج جي ٻارن لاءِ هئا.

اسڪول ۽ ڪتابن کي نقصان ڏيڻ تي شرم اچڻ گهرجي.

هي ادارو ڪنهن هڪ جو ناهي، اسان سڀني جو آهي.

04/09/2026
اڄ صبح جي اسيمبلي دوران شاگردن جي حاضري ۽ نظم و ضبط جو خوبصورت منظر۔ 🌿📚
02/09/2026

اڄ صبح جي اسيمبلي دوران شاگردن جي حاضري ۽ نظم و ضبط جو خوبصورت منظر۔ 🌿📚

يونيفارم، نظم ۽ ضبط سان گڏ صبح جي اسيمبلي اسان جي اسڪول جي خوبصورت روايت آهي.اڄ شاگردن جي چهري جي سڃاڻپ ذريعي حاضري لڳائ...
31/08/2026

يونيفارم، نظم ۽ ضبط سان گڏ صبح جي اسيمبلي اسان جي اسڪول جي خوبصورت روايت آهي.

اڄ شاگردن جي چهري جي سڃاڻپ ذريعي حاضري لڳائي وئي، جڏهن ته رهيل شاگردن جي چهرن جي رجسٽريشن جو عمل پڻ جاري آهي.

📢 والدين کي گذارش آهي ته پنهنجن ٻارن کي پابندي سان اسڪول موڪلين. گهٽ حاضري جي صورت ۾ خاص طور ڏهين جماعت جي شاگردن کي امتحان ۾ ويهڻ جي اجازت نه هوندي.

📢 والدين لاءِ اهم اطلاع🔹 سنڌ حڪومت جي نئين پاليسي تحت اسڪول ۾ چهري ذريعي آن لائن حاضري شروع ٿي چڪي آهي.🔹 والدين کان گذار...
30/08/2026

📢 والدين لاءِ اهم اطلاع

🔹 سنڌ حڪومت جي نئين پاليسي تحت اسڪول ۾ چهري ذريعي آن لائن حاضري شروع ٿي چڪي آهي.

🔹 والدين کان گذارش آهي ته پنهنجي ٻارن کي روزانو ۽ وقت تي اسڪول موڪلين.

🔹 جيڪڏهن شاگرد جي 75٪ حاضري مڪمل نه ٿي ته کيس امتحان ۾ ويهڻ نه ڏنو ويندو.

🔹 امتحان جي وقت مهرباني ڪري اها درخواست نه ڪئي وڃي ته ”هن ڀيري ٻار کي امتحان ۾ ويهاريو“، ڇو ته هاڻي حاضري ۽ داخلا جو رڪارڊ ڊجيٽل نظام ۾ محفوظ ٿي رهيو آهي ۽ اسڪول انتظاميا به مجبور هوندي.

📌 اڄ کان ئي پنهنجي ٻارن جي باقاعده حاضري يقيني بڻايو.

30/08/2026

🔬 سائنس کي آسان ۽ دلچسپ انداز ۾ سمجهائڻ جي هڪ بهترين ڪوشش!

اسان جي اسڪول جي استاد محترم محرم علي صاحب پاران تيار ڪيل هن معلوماتي مصنوعي ذهانت واري وڊيو ۾ پروڪاريوٽڪ ۽ يوڪاريوٽڪ خلين جي وچ ۾ فرق کي سادي ۽ دلچسپ انداز ۾ سمجهايو ويو آهي.

استادن پاران جديد ٽيڪنالاجي ۽ تخليقي انداز کي تعليم سان گڏائڻ، شاگردن جي سکيا کي وڌيڪ دلچسپ، آسان ۽ اثرائتو بڻائي سگهي ٿو. 👏📚

اھڙيون دلچسپ سائنسي ويڊيوز ڏسڻ لاءِ ھن پيج کي فالو ڪندا.

جيڪو ٻار اڄ 6 ڪلاڪ ڪتابن سان دوستي نٿو ڪري، اهو سڀاڻي 12 ڪلاڪ مزدوري سان زندگي گذارن تي مجبور ٿي سگهي ٿو.ساٿ سلامت سنڌ س...
28/08/2026

جيڪو ٻار اڄ 6 ڪلاڪ ڪتابن سان دوستي نٿو ڪري، اهو سڀاڻي 12 ڪلاڪ مزدوري سان زندگي گذارن تي مجبور ٿي سگهي ٿو.

ساٿ سلامت سنڌ سلامت.

Address

Razi Dero

Opening Hours

Monday 08:00 - 13:30
Tuesday 08:00 - 13:30
Wednesday 08:00 - 13:30
Thursday 08:00 - 13:30
Friday 08:00 - 12:00
Saturday 08:00 - 13:30

Telephone

+923063190309

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when GBELS Razidero posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share

Category