Mehran Public library-Village Mena

Mehran Public library-Village Mena بھتر تعليم ، بھتر مستقبل
تعليم ترقي جي ضامن...

27/08/2023

جيئي سنڌ جيئي لطيف
تعليم ترقي جي ضامن...

السلام عليڪم.....

اڄ بتاريخ 23-08-27 تي مھراڻ پبلڪ لائبريري ميڻا ڪاميٽي جي ميٽنگ ٿي گذري جنهن ۾ لائبرري جي وڌيڪ بھتري ۽ موجود حالاتن تي بحث ڪيو ويو.

1- لائبرري ۾ موجود ڪتابن کي pdf فارم ۾ تبديل ڪري; لائبرري جو گوگل تي پيج ٺاھيو ويندو; جتي سڀ ڪتاب آنلائن دستياب ھوندا.

2- لائبرري لاء وڌيڪ ڪتاب گڏ ڪرڻ جو عظم.

3- لائبرري جي لاء مالي سھاري جي ضرورت کي مد نظر رکندي وڌيڪ شعوريافتا دوستن کان لائبرري کي ھلائڻ لاء مدد جي اپيل ڪرڻ جو عظم پڻ ڪيو ويو.

Today on 27-08-23 Mehran Public Library Mena Committee meeting was held in which the improvement of the library and existing conditions were discussed.

1- Conversion of books into pdf format; then we will create library's page on Google; Where all the books will be available online.

2- Collecting more books for the library.

3- Considering the need for financial support for the library, it was also decided to appeal for help from more aware friends to run the library.


پاران # مھراڻ پبلڪ لائبريري ميڻا, تعلقو قمبر ضلعو قمبر شھدادڪوٽ.
03066559238
03035485199

جيئي سنڌ         جيئي لطيفتعليم ترقي جي ضامن...    السلام عليڪم..... جيئن ته ضلعي ٽنڊو محمد خان کان فاطمه حميد نظاماڻي...
22/08/2023

جيئي سنڌ جيئي لطيف
تعليم ترقي جي ضامن...

السلام عليڪم.....

جيئن ته ضلعي ٽنڊو محمد خان کان فاطمه حميد نظاماڻي فائينل ايئر ڪيمسٽري ڊيپارٽمينٽ سنڌ يونيورسٽي جي شاگردياڻي، شعور جي لاءِ ٻاريل ڏيئي کي وڌيڪ ڀڙڪائيندي مھراڻ پبلڪ لائبريري ميڻا لاءِ قيمتي ڪتاب ڊونيٽ ڪيا ۽ مالي مدد پڻ ڪئي آھي

اسان ڀيڻ فاطمه حميد جا ٿورائتا آهيون جن اسان جي محنت کي ساراهيندي لائبريري لاءِ ڪتاب ڏيڻ سان گڏوگڏ مالي مدد به ڪئي.

پاران # مھراڻ پبلڪ لائبريري ميڻا, تعلقو قمبر ضلعو قمبر شھدادڪوٽ.
03035485199
03066559238

27/07/2023

جيئي سنڌ جيئي لطيف
تعليم ترقي جي ضامن...

السلام عليڪم:
جيئن ته مھراڻ پبلڪ لائبريري ميڻا محرم الحرام جي مناسبت سان 28 ۽ 29 جولاء (9 ۽ 10 محرم جمعو ۽ڇنڇر) بند رھندي.

پاران # مھراڻ پبلڪ لائبريري ميڻا, تعلقو قمبر ضلعو قمبر شھدادڪوٽ.
03066559238
03035485199

جيئي سنڌ         جيئي لطيفتعليم ترقي جي ضامن...اسلام عليڪم مھراڻ پبلڪ لائبريري ڪاميٽي لائبريري جي بنيادي مسئلن جي حل ...
20/07/2023

جيئي سنڌ جيئي لطيف
تعليم ترقي جي ضامن...

اسلام عليڪم

مھراڻ پبلڪ لائبريري ڪاميٽي لائبريري جي بنيادي مسئلن جي حل لاءِ ڪوششون ڪندي قمبر-ڊسٽرڪٽ چيئرمين قمرالدين گوپانگ سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ لائبريري جي بنيادي مسئلن تي تفصيلي گفتگو ڪئي. سائين جن سٺي موٽ ڏيندي لائبريري جي لاءِ ھڪ شيلف ڏني.

مھراڻ پبلڪ لائبريري ميڻا ڪاميٽي لائبريري لاءِ شيلف ڏيڻ تي سائين جن جي نھايت شڪرگذار آهي.

پاران # مھراڻ پبلڪ لائبريري ميڻا, تعلقو قمبر ضلعو قمبر شھدادڪوٽ.
03066559238
03035485199

20/07/2023

جيئي سنڌ جيئي لطيف
تعليم ترقي جي ضامن...

اسان جي منزل لکن ڪروڙن قدمن کان اڳتي انڃا به انڃا به اڳتي ....

اسلام عليڪم
تاريخ 23-07-16 تي مھراڻ پبلڪ لائبريري ميڻا کي ھڪ سال مڪمل ٿيڻ جي خوشي ۾ پروگرام رکيو ويو، جنهن ۾ مختلف مڪتبا فڪر شخصيتن شرڪت ڪئي.
مھمان خاص يو.سي چيئرمين مير عمير مگسي، وائيس چيئرمين عبدالخالق سولنگي، ھاء اسڪول ميڻا جو سينيئر H.S.T استاد سائين سڌير احمد لاشاري صاحب ۽ مختيار علي ميڻو ھيا. ان سان گڏوگڏ ڳوٺ ميڻا جي معزز شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي مھراڻ پبلڪ لائبريري ڪاميٽي (مھتاب علي، رضوان سانگاھ، على نواز سومرو ۽ عبدالجبار مغيري) جن چيو ته ڳوٺ ۾ لائبريري جي ڪمي کي محسوس ڪندي تمام وڏي جفاڪشي کان پوءِ ھڪ سال پهرين لائبريري جو قيام ڪيو سين،جنهن ۾ روزاني بنياد تي مختلف ٽائيم تي ھڪ سؤ کا کان وڌيڪ گلن جھڙا ٻارڙا علم جي اڃ اجھائڻ اچن ٿا.
ھن وقت لائبرري کي بنيادي سهولتن جي تمام وڏي کوٽ آهي. جنهن ۾ روزاني بنياد تي اخبارن جو نه اچڻ،فرنيچر نه ھئڻ سميت مختلف بنيادي سھولتن جي کوٽ آهي. جنھن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ اسان جي جدوجهد جاري رھندي.

اسين نھايت شڪرگذار آھيون يو سي چيئرمين مير عمير کان مگسي ، وائيس چيئرمين خالق سولنگي ،سر سڌير علي لاشاري ، سر قربان لاشاري ، مختيار علي ميڻو ۽ ٻيا ڳوٺ واسين جا جن اسان جي دعوت کي مان ڏيندي لائبريري جي سالياني پروگرام ۾ شرڪت ڪئي ۽ لائبريري لاء پنھنجا خيال ونڊيا ۽ آخر ۾ يقين ڏيارو ته لائبريري جي ڀلائي لاءِ ھر ممڪن مدد ڪندا.


پاران # مھراڻ پبلڪ لائبريري ميڻا, تعلقو قمبر ضلعو قمبر شھدادڪوٽ.
03066559238
03035485199

16/07/2023

دعوت نامو!

اسلام عليڪم اميد آ ته توھان خوش ھوندا , جئين ته ڪجھ وقت پھريان اسان يو سي رانوتي جي ڪجھ با شعور شاگردن ملي ڪري (مھراڻ پبلڪ لائبريري) جو بنياد رکيو ھيوسين جنھن کي تاريخ 16-07-2023 بروز آچر تي سال پورو ٿئي ٿو .
ان خوشي جي موقعي تي مھراڻ پبلڪ لائبريري ھڪ پروگرام رکيو آھي جنھن ۾ اوھان کي دل جي گهراين سان شرڪت ڪرڻ جي دعوت ڏيون ٿا اميد آھي اچي ڪري اسان جو مان مٿائون ڪندا .

ٽائيم : 6:00pm شام
ھنڌ : مھراڻ پبلڪ لائبريري ڳوٺ ميڻا ، مدينه مسجد جي ويجھو .
وڌيڪ رابطي لاء : علي نواز سومرو(03181353673)

پاران # مھراڻ پبلڪ لائبريري ميڻا, تعلقو قمبر ضلعو قمبر شھدادڪوٽ.
03066559238
03035485199

14/07/2023

دعوت نامو!

اسلام عليڪم اميد آ ته توھان خوش ھوندا , جئين ته ڪجھ وقت پھريان اسان يو سي رانوتي جي ڪجھ با شعور شاگردن ملي ڪري (مھراڻ پبلڪ لائبريري) جو بنياد رکيو ھيوسين جنھن کي تاريخ 16-07-2023 بروز آچر تي سال پورو ٿئي ٿو .
ان خوشي جي موقعي تي مھراڻ پبلڪ لائبريري ھڪ پروگرام رکيو آھي جنھن ۾ اوھان کي دل جي گهراين سان شرڪت ڪرڻ جي دعوت ڏيون ٿا اميد آھي اچي ڪري اسان جو مان مٿائون ڪندا .

ٽائيم :6:00pm شام
ھنڌ : مھراڻ پبلڪ لائبريري ڳوٺ ميڻا ، مدينه مسجد جي ويجھو .
وڌيڪ رابطي لاء : علي نواز سومرو(03181353673)

پاران # مھراڻ پبلڪ لائبريري ميڻا, تعلقو قمبر ضلعو قمبر شھدادڪوٽ.
03066559238
03035485199

جيئي سنڌ         جيئي لطيفتعليم ترقي جي ضامن...اسلام عليڪم , جئين ته اڄ تاريخ 23-07-13 تي (مھراڻ پبلڪ لائبريري ميڻا ڪا...
13/07/2023

جيئي سنڌ جيئي لطيف
تعليم ترقي جي ضامن...

اسلام عليڪم ,
جئين ته اڄ تاريخ 23-07-13 تي (مھراڻ پبلڪ لائبريري ميڻا ڪاميٽي) لائبريري جي لاء ڪيل جدوجهد کي جاري رکندي قمبر شھر جي سماجي ۽ سياسي شخصيت محمد علي ھڪڙو صاحب سان ملاقات ڪئي وئي سائين جن سان لائبريري جي بنيادي مسئلن تي تفصيلي گفتگو ڪئي وئي.
آخر ۾ سائين جن اسان جي تعليم جي جدوجهد کي ساراهيندي مالي مدد ڪئي.

مھراڻ پبلڪ لائبريري ميڻا ڪاميٽي بھترين موٽ ڏيڻ ۽ مالي مدد ڪرڻ تي سائين جن جي نھايت شڪرگذار آهي.

پاران # مھراڻ پبلڪ لائبريري ميڻا, تعلقو قمبر ضلعو قمبر شھدادڪوٽ.
03066559238
03035485199
Muhammad Ali Hakro
Kaka Muhammad Ali Chandio
Aseefa Bhutto Zardari

جيئي سنڌ         جيئي لطيفتعليم ترقي جي ضامن...اسلام عليڪم , جئين ته اڄ تاريخ 23-07-12 تي (مھراڻ پبلڪ لائبريري ميڻا ڪا...
12/07/2023

جيئي سنڌ جيئي لطيف
تعليم ترقي جي ضامن...

اسلام عليڪم ,
جئين ته اڄ تاريخ 23-07-12 تي (مھراڻ پبلڪ لائبريري ميڻا ڪاميٽي) لائبريري جي بنيادي مسئلن جي حل لاءِ جدوجهد جاري رکندي. بھترين طبيعت جي مالڪ، ھميشہ کلندڙ چھرو، تعليمي ۽ ھر لحاظ کان شاگردن جي مدد ڪندڙ ھاء اسڪول ميڻا جو H.S.T استاد ۽ گسٽا تعلقو قمبر جو جنرل سيڪريٽري سائين سڌير احمد لاشاري سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ سائين جن سان لائبريري جي لاء ڳالھايو ويو. سائين جن لائبريري جي لاءِ جدوجهد کي ساراهيندي 1 سولر ڇت پکو وٺي ڏنو ۽ سائين جن مستقبل ۾ به مدد ڪرڻ جو يقين ڏياريو.


پاران # مھراڻ پبلڪ لائبريري ميڻا, تعلقو قمبر ضلعو قمبر شھدادڪوٽ.
03066559238
03035485199

جيئي سنڌ         جيئي لطيفتعليم ترقي جي ضامن...اسلام عليڪم , جئين ته اڄ تاريخ 23-07-10 (مھراڻ پبلڪ لائبريري ميڻا ڪاميٽ...
10/07/2023

جيئي سنڌ جيئي لطيف
تعليم ترقي جي ضامن...

اسلام عليڪم ,
جئين ته اڄ تاريخ 23-07-10 (مھراڻ پبلڪ لائبريري ميڻا ڪاميٽي) لائبريري جي بنيادي مسئلن جي حل لاءِ ڪوششون ڪندي قمبر شهر جي بھترين، مشهور، سماجي، سياسي ۽ بااخلاق شخصيت ڪاڪا محمد علي چانڊيو سان ملاقات ڪئي وئي. جنهن ۾ سائين جن اسان(ڪاميٽي) جي تعليم لاءِ ڪيل جدوجهد کي ساراهيندي يقين ڏياريو ته هو اسان سان ھر لحاظ کان ھر محاذ تي گڏجي مدد ڪندا.
ملاقات ۾ ھيٺين نقطن تي ڳالھيو ويو:
1. لائبريري ۾ فرنيچر جي کوٽ کي پورو ڪرڻ.
2.لائبريري کي مالي طور مضبوط ڪرڻ.
3.لائبريري ۾ اخبار جي ٻيهر بحالي کي يقيني بڻائڻ.

اسين سائين جن جا تمام گھڻا ٿورائتا آھيو جن اسان جي ڪيل جدوجهد کي ساراھيو .

پاران # مھراڻ پبلڪ لائبريري ميڻا, تعلقو قمبر ضلعو قمبر شھدادڪوٽ.
03066559238
03035485199

02/07/2023

Sindh digital library❤️

Address

P. O Village Mena District Kambar Shahdadkot @ Kambar
Qambar
77410

Opening Hours

Monday 08:00 - 18:00
Tuesday 08:00 - 18:00
Wednesday 08:00 - 18:00
Thursday 08:00 - 18:00
Friday 08:00 - 18:00
Saturday 08:00 - 18:00

Telephone

+923066559238

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Mehran Public library-Village Mena posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The School

Send a message to Mehran Public library-Village Mena:

Shortcuts

Share

Category