علمي معلومات

علمي معلومات ھي فيس بڪ پيج ذريعي اوھان سڀني جي قيمتي راءِ ذريعي ادار?

21/08/2021

اسين سڀئي اھو سمجھون ٿا ته سرڪار جي سڀ کان اول ذميواري انساني جانيون بچائڻ ھوندي آھي. اھو به ڄاڻون ٿا ته ڪورونا وائرس ھڪ خطرناڪ وائرس آھي جيڪو حياتيون ڳڙڪائي رهيو آهي.. آئيڊيل لحاظ کان ته سرڪار کي اھوئي فيصلو ڪرڻ گهرجي ته پھريان ماڻھن جون زندگيون بچايون وڃن...

ليڪن حقيقتن کان ڪن لاٽار ڪري صرف ان بنياد تي تعليمي ادارا بند رکڻ نامناسب آهي..
جتي ڪورونا وائرس وارو ڪارڊ چون ٿا بنا ويڪسين لڳرائڻ جي ڪجهه پيسن عيوض ملي وڃي ٿو. جتي ويڪسين ھڻڻ بدران پيسن عيوض ھيٺ ھاري نادرا رڪارڊ ۾ لکيو ٿو وڃي ته ھن کي ويڪسين ٿي چڪي آهي. (اھڙي پوسٽ گھڻو وقت اڳ مون فيس بڪ تي به رکي ھئي)... اوھان بازارن ۾ وڃو اوھان کي ماڻھو ڪٿي به وائرس کان احتياط ڪندي نظر ڪونه ايندا..
اوھان مسجدن ۾ وڃون، تازو محرم الحرام جي جلوسن ۾ ڏسو ڪٿي ڪنھن کي نظر آيو ته ڪورونا وائرس کان احتياط ٿيندو ھجي.
سرڪاري عملدار صرف فوٽو ڪڍرائڻ وقت ماسڪ پائين ٿا اھو به ان خوف کان ته متان ڪٿي خواري نه ٿي..
اھوئي سبب آھي جو ھن وبائي دؤر ۾ به مختلف ماڻھو تعليمي ادارا کولڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهن.. ڇوته ماڻھو سمجھڻ ٿا ته سندن ھر لحاظ کان نقصان ٿي رهيو آهي..
بندش جي ڪري احتياطي تدبيرون ڪٿي ڪونه ٿيون نظر اچن ٻيو ادارن جي بندش ڪري تعليمي نقصان تمام گهڻو ٿي رهيو آهي.

16/08/2021

حکومت کو چاہئے کہ محرم کی چھٹیوں کے بعد تعلیمی ادارے کھولنے کا اعلان کرے۔
اب تک طلباء کا بہت تعلیمی نقصان ہو چکا ہے۔
آن لائن طریقہ تعلیم صرف خانہ پوری کے لی ہے۔
تعلیمی ادارے کھلنے چاہئیں چاہے سخت ایس او پیز کے تحت ہی کیوں نہ ہوں...

01/08/2021

ڳوٺ رانوت گھمرو اڄ ڏينهن تائين ڇوڪرن توڙي ڇوڪرين جي اسڪول کان محروم آھي.

سنڌ جون سڃيون ٿي ويل يونيورسٽيون ۽ احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿيل شاگرد!ڪاوش دنيا ميگزين، ۴-۷-۲۰۲۱پروفيسر اختيار گھمرواعلي تعلي...
04/07/2021

سنڌ جون سڃيون ٿي ويل يونيورسٽيون ۽ احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿيل شاگرد!

ڪاوش دنيا ميگزين، ۴-۷-۲۰۲۱

پروفيسر اختيار گھمرو
اعلي تعليمي ادارا ڪنهن به ملڪ جي ھر شعبي جا ماهر پيدا ڪرڻ سان گڏ علمي تحقيق ء نيون ايجادون ڪرڻ جو مرڪز پڻ ھوندا آھن. ان ‏ڪري حڪومتون تعليم ۽ خاص ڪري اعلي تعليم لاءِ ججهي رقم رکنديون آهن. امير ملڪن جي ‏ڪنهن هڪ يونيورسٽيءَ جي بجيٽ پاڪستان جهڙي ملڪ جي اعلي تعليم لاءِ رکيل سموري بجيٽ کان ‏به ٻيڻي ھوندي آھي جيئن آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جي سالياني بجيٽ 2.145 ارب برطانوي پائونڊ ۽ پاڪستان جي اعلي تعليمي بجيٽ ڪل 105 ارب روپيا آھي. سرڪاري يونيورسٽيون سيمي گورنمينٽ ادارا ھئڻ سبب پنھنجي خرچن جو پورائو مختلف ذريعن مان حاصل ڪيل رقمن مان ڪنديون آهن.
سرڪاري يونيورسٽين کي ھاير ايجوڪيشن ڪميشن آف پاڪستان (ايڇ اي سي) ٻن قسمن جون ‏ادائگيون ڪندي آهي. هڪ نون ترقياتي منصوبن يعني ڊولپمينٽ پروگرام تحت ۽ ٻيو گرانٽ جي صورت ۾ (رڪرنگ/يا ‏جاري خرچن واري بجيٽ) جيڪا پگھارن جي اڌ يا ان کان ٿورو وڌيڪ ھوندي آھي. اھا رقم ‏يونيورسٽين کي ٽي ماھي قسطن ۾ ڏني ويندي آهي. ان کان سواء يونيورسٽين جي آمدنيءَ جو ٻيو ‏ذريعو شاگردن کان ورتل فيس اھن. ڪڏهن ڪڏهن سنڌ حڪومت يونيورسٽين جي مدد لاءِ خاص گرانٽ به ڏيندي آهي.‏
جيڪڏهن ملڪ، خاص ڪري سنڏ جي يونيورسٽين جي مالي صورتحال تي نظر ڦيرائي ڏسبو ته، هر ‏يونيورسٽي بحران جي ور چڙهيل نظر ايندي. جنهن جو وڏو سبب وفاقي حڪومت پاران اعلي ‏تعليم کي نظرانداز ڪرڻ آهي. 2018ع ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومت اچڻ کان اڳ ۾ اعلي تعليمي ادارن کي ‏پگھارن جي مد ۾ ملندڙ رقم/ رڪرنگ بجيٽ 2017-18ع ۾ 63.1 ارب روپيا ۽ ‏‏2018-19ع ۾ 65.02 ارب روپيا رکي وئي هئي. وڌيڪ گذريل ٽن سالن دوران اعلي تعليمي ‏ادارن لاءِ رکيل بجيٽ جو تفصيل هن ريت آهي.
سال 2019-‏‏20ع ۾ 64.1 ارب روپيا، ‏‏2020-21ع ۾ 64.1 ارب روپيا ۽ 2021-22ع جي بجيٽ ۾ 138 سرڪاري يونيورسٽين ۽ 92 سب ‏ڪيمپسن جي پگھارن لاءِ) صرف 66.25 ارب روپيا رکيا ويا آهن.‏ جيڪا رقم ملازمن جي پگھارن لاءِ به ناڪافي آهي.
ساڳي طرح ھن نئين مالي سال دوران سنڌ حڪومت به يونيورسٽين لاءِ ڪا خاطر خواهه رقم نه رکي آھي. تنھن ھوندي به ڪجھه ‏سرڪاري ‏يونيورسٽين جي مالي سهائتا لاءِ ‏ڪجھ رقم رکي وئي آهي، جيڪا هن ريت آهي.‏
گذريل سال 11.07 ارب روپين جي بجيٽ ۾ ‏ڪجھ اضافو ڪندي 2021-22ع جي بجيٽ ۾ ‏يونيورسٽين لاءِ 13.314 ارب روپيا رکيا ويا آهن‎. ليڪن ان بجيٽ ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو کي مڪمل طور نظرانداز ڪيو ويو آهي، ‏جيڪا پڻ ‏سراسر ناانصافي آهي.
اصولي طور يونيورسٽين کي پئسا انھن ۾ پڙھندڙ شاگردن جي تعداد جي مناسبت سان ملڻ گھرجن. پر ھتي وتائي ‏فقير واري ورهاست آھي، «ڪنهن کي ڍئو ته ڪنھن کي وري ‏صفا بک».‏
سنڌ ھاير ايجوڪيشن ڪميشن جي لاءِ 416.51 ملين روپيا، 200 ملين روپيا بيگم ‏نصرت ڀٽو ‏يونيورسٽي فار وومين سکر، 1329.239 ملين روپيا سکر آئي ‏بي اي يونيورسٽي، 1000 ‏ملين روپيا ‏دائود يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڪراچي، 300 ‏ملين روپيا شاهه ‏عبداللطيف ‏يونيورسٽي خيرپور (ياد رهي ته شاه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور به سنڌ يونيورسٽيء ‏وانگر مالي ‏بحران جي ور چڙهيل آهي، جنهن کي صرف پينشن جي مد ۾ 60 ڪروڙن کان وڌيڪ ‏رقم گهربل ‏آهي. جنهن ڪري اها يونيورسٽي تيل ۽ ٻين پيسن جي اڻهوند سبب هينئر تائين شاگردن لاء ‏نه کلي ‏سگهي آهي)، 200 ملين روپيا اين اي ڊي يونيورسٽي آف ‏انجنيئرنگ، سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي ‏ٿر ‏ڪيمپس، 300 ملين روپيا اين اي ڊي انجنيئرنگ، سائنس اينڊ ‏ٽيڪنالاجي ڪراچي انڊوومينٽ فنڊ، ‏‏‏100 ملين روپيا آئي بي اي، ڪراچي، 1 ملين روپيا انٽرنيشنل ‏سينٽر فار ڪيميڪل اينڊ بائيولاجيڪل ‏‏سائنسز، ڪراچي، 6.853 ملين روپيا شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ‏يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي، ‏‏ڪراچي ۽ 20 ملين روپيا اپلائيڊ اڪانامڪس اينڊ ريسرچ ‏سينٽر، يونيورسٽي آف ڪراچيءَ لاءِ رکيا ‏‏ويا آهن.‏
ان سموري صورتحال کي نظر ۾ رکندي سرڪاري يونيورسٽين وٽ پنهنجا خرچ پورا ڪرڻ لاء فين ‏وڌائڻ کان سواء ڪو چارو نه رهيو آهي. پر جنهن ملڪ ۾ ماڻهن جي سراسري آمدني 1500 ڊالر ‏مشڪل سان آهي، جتي غربت ۽ بيروزگاري ‏انتها تي پهتل آھي، اتي شاگردن مٿان فيس جو ‏بار وڌائڻ جو مطلب انهن کان تعليم جو حق کسڻ ‏آهي. ڏٺو وڃي ته سنڌ جي جنرل يونيورسٽين خاص ‏ڪري سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ شاهه عبدلطيف ‏يونيورسٽين ۾ فيون تمام گهٽ آهن، جنهن ڪري ‏انهن ۾ پڙهندڙن جي اڪثريت غريب طبقي سان واسطو رکي ٿي، جيڪي وڏيون فيون برداشت ڪرڻ جي سگهه نٿا ‏رکن.‏
وڏي مشڪل سان ملڪ سميت سنڌ جا تعليمي ادارا ڪووڊ-19 سبب بند رھڻ بعد جي بندش بعد شاگردن لاءِ کوليا ‏ويا ‏آهن (سواءِ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي). پر انھن مان ڪجهه يونيورسٽين ۾ انھن جي کلڻ شرط يا کلڻ کان اڳ م ئي شاگردن جو احتجاجي سلسلو شروع ٿي ‏‏ويو آهي، جن ۾ خاص ڪري سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي شاگردن پاران وڌايل فين خلاف احتجاج ڪيو ويو آھي. ياد رهي ته ٿورو عرصو اڳ شاه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ به فين خلاف ‏‏شاگردن احتجاج ڪيو هو. جيڪڏهن يونيورسٽين جي مالي حالت کي ڏٺو وڃي ته اهي هن وقت‏ جن ۾ خاص ڪري سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام، ۽ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور شامل آهن، ‏‏تاريخ جي بدترين معاشي بدحاليءَ مان گذري رھيون آھن. پر ان بحران جو سمورو نزلو شاگرن ‏‏تي ڪيرائڻ ڪنهن به صورت ۾ قبوليت جوڳو نه آهي. ڇو ته يونيورسٽين جي ان بدحاليءَ جو سبب ‏شاگردن تي ايندڙ ‏خرچ نه پر وفاقي حڪومت ‏پاران ايڇ اي ‏سي پاڪستان کي ملندڙ رڪرنگ بجيٽ ۾ مسلسل گهٽتائي، يونيورسٽين ۾ ٿيندڙ مبينہ ڪرپشن، مالي بي قائدگين ۽ ‏سياسي مداخلت سبب مقرر حد کان وڌيڪَ تعداد ۾ ملازمن جو ڀرتي ‏ٿيڻ آهي. جنهن ڪري يونيورسٽيون پگھارن ۽ پينشن ڏيڻ کان به قاصر آھن. ‏جنهن ڪري مجبورن يونيورسٽين فين ۾ واڌ ڪئي آهي ۽ جنهن خلاف شاگرد احتجاج ڪري رهيا آهن. جيڪي به غلط ناھن. سندن ان احتجاج ‏جي حمايت ۾ ‏سول سوسائٽيءَ جو اڳتي اچڻ ڪا نئين ڳالهه نه آهي. ‎ڇو ته واڌو فين جو بار لازمي طور شاگردن جي والدين کي ئي برداشت ڪرڻو آهي‎.‎ جيتوڻيڪ يونيورسٽيون ساليانو فيس ۾ ھڪ مقرر حد تائين واڌ ڪرڻ جو اختيار پڻ رکن ٿيون. پر اھڙي ‏‏‏حالت ۾ في وڌائڻ بلڪل درست نه آهي. ڇو ته موجوده صورتحال جيڪا ڪورونا وائرس ‏سبب جڙي آھي، جنھن ۾ تعليم جي تباهيءَ سان گڏوگڏ جيڪا بيروزگاري ۽ مھانگائي وڌي آهي، ان جو مثال ويجھي ‏ماضيءَ م نٿو ملي.
شاگردن کي ھڪ طرف يونيورسٽين جي بند رھڻ سبب تعليم نه ملي سگهي ‏آهي، ۽ جيڪڏهن انهن کي ملي به آهي ته اھا آن لائن (يعني ھڪ طرفي، ڇو ته شاگردن جون ‏مائيڪون ۽ ‏ڪئميرائون بند ‏رکيون وڃن ثيون)، انھن آن لائن ڪلاسن جو يونيورسٽين تي ڪو به اضافي بار نه پيو ‏‏آھي. ان کان علاوه ڪورونا فنڊ ۾ ‏آن لائين سھولتن جي لاءِ ايڇ اي سي پاڪستان پاران يونيورسٽين کي ‏مالي امداد پڻ ملي آهي‎.‎ ‏مطلب ھڪ ته، تعليم بھتر ڪونه ٿي آھي، ‏مٿان وري اٿندي ئي فين ۾ ايترو اضافو ڪيو ويو آهي، جو شاگرد پريشان ٿي ويا آهن، جيڪي ان واڌ کي قبول ئي نٿا ڪري سگهن.‏ ڇا ڪاڻ جو شاگردن جي اڪثريت جو غريب طبقي سان واسطو ھئڻ سبب واڌو فيون ادا ڪرڻ جي قابل ئي ناھن، نتيجي ۾ ھو پنھنجي تعليم ڇڏي سگھن ٿا.‎
اھڙي صورتحال ۾ اسان سنڌ جي يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن کي نماڻو عرض ڪندس ته ھو خرچن جي پورائي لاء ‏شاگردن تي بار وجهڻ بدران حڪومت کان ‏يونيورسٽين ھلائڻ لاءِ ‏پئسن جي گھر ڪن. ان اڳيان ھو پنھنجو جائز مؤقف سختيءَ سان رکن ته بنا پيسن جي يونيورسٽيون نٿيون ھلائي سگھجن. فيسن ۾ واڌ غريبن جي ٻارن کي تعليم جي حق کان محروم ڪري ڇڏيندي. ڇوته اميرن جا ٻار ‏‏‏سرڪاري يونيورسٽين ۾ پڙهن ئي نٿا.
شاگردن جو اڳ ئي گذريل ٻن سالن کان تمام گهڻو قيمتي وقت يونيورسٽين جي بند رھڻ سبب ضايع ٿيو آهي، مٿان وري سندن ھنن احتجاجن ۾ ضايع ٿي رهيو آهي. تنھن ڪري يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن سان گڏ سنڌ سرڪار توڙي وفاقي سرڪار کي گھرجي ته اھي يونيورسٽين جي مالي مدد ڪري ھزارين غريب شاگردن جو مستقبل بچائين.
‎ ‎

03/07/2021

ڇو مان يونيورسٽي کولڻ جو مطالبو ڪري رهيو آهيان؟
ڪجهه ماڻهون شايد اهو سوچين ته ان جي پٺيان ڪو منھنجو سياسي مقصد آهي.
پر ماڻهو اهو ڇو نٿا سمجهن ته يونيورسٽي گذريل ڏيڍ سال کان بند آهي. ھتي ٻين غريب شاگردن سان گڏ، اسان جا پنھنجا ٻار پڻ پڙهي رهيا آهن.
پر هن وقت تائين، صرف خانا پوري ڪرڻ لاءِ آن لائن ڪلاس ۽ امتحان منعقد ڪيا ويا آهن.

اهو پڻ سچ آهي ته هتي تمام گهڻي گرمي آهي، پر آخر ڪيتري وقت تائين يونيورسٽي بند رکي ويندي.

03/07/2021

علمي بحث!

ملڪ ۾ ڏينهون ڏينهن پڙھيل لکيل نوجوانن جي بيروزگاريءَ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي.
ان حوالي سان حڪومت سميت يونيورسٽين وٽ به ڪا رٿا بندي نظر نٿي اچي. ان ڳالهه جو بلڪل به خيال نٿو رکيو وڃي ته ڪھڙي تعليمي سندون يا مھارت رکندڙن جي مارڪيٽ ۾ ضرورت آهي..
بنا ڪنھن رٿا بنديءَ جي نالي چڙھيل شعبن ۾ ڌڙا ڌڙ داخلائون ۽ ڊگريون ڏنيون وڃن ٿيون.. جيڪي ھٿن ۾ فائيل کنيون پريشان حال دربدر ٿي رھيا آھن.
اصل ۾ ھئڻ ته ائين گھرجي ته جيتري مارڪيٽ يا انڊسٽري ۾ جنھن شعبي/علم جي ضرورت ھجي اوتريون داخلائون ڪيون وڃن. يا اگر انھن ڊگرين وارن جي ٻاھرين ملڪن ۾ گھرج آھي ته پوء ان لحاظ کان ادارن ۾ داخلائون ڪيون وڃن ته جيڪر نوجوان نسل جو آئيندو ائين دربدري واري حالت ۾ نه گذري.
ليڪن ھتي جنھن شعبي جي ڳالهه ٻڌجي ٿي ته ان ۾ نوڪريون ملن ٿيون ته پوءِ سڀئي ان طرف رخ ٿا ڪن بنا ڪنهن سوچ ويچار جي ته جيستائين اھي تعليم پوري ڪندا تيسيتائين اھڙين ڊگرين وارا ڪيترائي جاب مارڪيٽ ۾ موجود ھوندا..
جيئن ھزارن جي تعداد ۾ انجنيئر، ڪمپيوٽر، بزنس ڪامرس، مئٿس، ڪيمسٽري، توڙي ٻين شعبن مان شاگرد پڙھي نڪرڻ بعد سندن ڊگرين جي کپت يا گھرج نه ھجڻ ڪري بيروزگار گھمندا ڦرندا رھن ٿا.
انڪري حڪومتي پاليسيون جوڙيندڙن توڙي تعليم ادارن جي سربراهن کي گھرجي ته ان حوالي سان ڪا بھتر رٿابندي ڪئي وڃي ته جيئن گھربل تعداد ۾ پڙھيل لکيل پيدا ڪري سگھجن جيڪي پنھنجي ۽ ملڪ جي لاءِ ڪارائتا ثابت ٿي سگھن.
پاڻ وٽ جيئن بينڪ ۾ ڪيشيئر جي ٽيسٽ ڏيڻ لاءِ سموريون ڊگريون رکندڙ شرڪت ڪندا آهن...

دوست جي راءِ جي آجيان ڪجي ٿي.

ڊاڪٽر اختيار گھمرو

03/07/2021

علمی بحث مباحثہ!

اس وقت ملک میں تعلیم یافتہ نوجوانوں کی بیروزگاری میں دن بدن اضافہ ہورہا ہے۔
اس ضمن میں، لگتا ہے کہ یونیورسٹیوں سمیت حکومت کی طرف سے کوئی منصوبہ بندی نظر نہیں آ رہی۔
کوئی نہیں سوچتا کہ اب یا آنے والے برسوں میں کون سے تعلیمی اسناد یا ماہرین کی ضرورت ہوگی۔
والدین بھی بغیر کسی جانچ پڑتال کے اپنے بچوں کو آج کے مشہور تعلیمی شعبوں میں تعلیم دلانا چاہتے ہیں۔
اور پھر یہ تعلیم یافتہ نوجوان ہاتھوں میں ایسی ڈگریاں لے کر ٹھوکریں کھاتے پھرتے ہیں۔
در حقیقت، ڈگری یا داخلہ ملکی اور غیر ملکی ملازمت کی منڈیوں میں طلب کے مطابق ہونا چاہئے۔ اگر انہیں مطلوبہ محکموں/اداروں میں داخل کرایا جاتا تو، نوجوان اس طرح سے دربدر نہ ہو رہے ہوتے۔
لیکن یہاں صرف ایک ریس ہے۔ ہر کوئی اسی شعبے میں داخلے کے لئے بھاگ دوڑ کر رہا ہے، جس کی آج طلب ہے۔ اور تھوڑے ہی عرصے میں بڑی تعداد میں ایسی ڈگریاں دینے والے ادارے کھول دیے جاتے ہیں۔
جس سے، مستقبل قریب میں، ایسی ڈگریوں والے لوگوں کی ایک بڑی تعداد دستیاب ہو جاتی ہے۔
بالکل اسی طرح، جیسے انجینئرنگ، کمپیوٹر، بزنس، کامرس، معاشیات، ریاضی، کیمسٹری اور دیگر شعبوں میں ڈگری لینے کے بعد، نوکریاں نہ ہونے کی وجہ سے ڈگریاں ہاتھوں میں لیے ٹھوکر کھا رہے ہیں۔
لہذا، سرکاری پالیسی سازوں اور تعلیمی اداروں کے سربراہان کو روزگار کی مارکیٹ کی ضروریات کے مطابق ڈگریاں مہیا کرنے کے لئے بہتر تعلیمی حکمت عملی اپنانی چاہئے، تاکہ ڈگری حاصل کرنے کے بعد وہ ملک اور اپنے لئے مفید ثابت ہوسکیں۔
اس طرح نہیں کہ، نوکری بینک کے کیشئر کی ہے اور ٹیسٹ تمام ڈگری ہولڈرز دے رہے ہیں ..

دوستوں کی رائے کو خوش آمدید کہتے ہیں۔

ڈاکٹر اختیار گھمرو

03/07/2021

انفليشن يا مھانگائي ڇا آهي؟

اڪثر شين جي قيمتن ۾ گذريل وقت جي ڀيٽ ۾ ٿيندڙ اضافي/واڌاري کي انفليشن/مھانگائي چئبو آهي.
مھانگائي سبب ملڪي ڪرنسيء جي خريد ڪرڻ جي سگھ گھٽجي ويندي آهي. مثال طور: جيڪو سامان ڪالھ 1000 جو مليو ۽ اڄ اھو ساڳيو سامان 1100 جو ملي ٿو ته ان جو مطلب ٿيو ته جيڪو ھزار رپيو ڪالھ ڪائي شيء خريد ڪري سگھيو پئي اڄ نٿو ڪري سگهي.

ڪنھن بہ ماڻھوءَ پاران مھيني واري سيڌي سامان خريد ڪرڻ لاءِ جڏھن گذريل مھيني جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ پئسا ڏيڻا پون، ۽ ان سيڌي سامان جي لسٽ مان اڪثر شين جي قيمت وڌيل ھجي ته ان صورتحال کي مھانگائي چئبو آهي.

مثال طور= چانور، انب، اٽو، پيٽرول، دوائون، موبائيل بيلنس، صابڻ، صرف، کنڊ جو ھڪڙي مھيني ۾ ايندڙ خرچ 10000 ھزار رپيا آهي.
ساڳي سامان جو ٻئي مھيني ۾ خرچ 11000 ھزار رپيا آهي ته ان جو مطلب ٿيو ته قيمتون گذريل مھيني جي ڀيٽ۾ 10 سيڪڙو وڌيل آھن.

لسٽ کي باسڪٽ چئبو آهي جيڪو مختلف نالن سان سڏيو ويندو آهي.
سي پي آء= ڪنزيومر پرائيس انڊيڪس ان ۾ تقريباً 372 روزاني استعمال واريون شيون شامل ھونديون آھن.

ايس پي آء= سينسيٽو پرائيس انڊيڪس ھن ۾ تقريباً 53 ضروري استعمال واريون شيون شامل ھونديون آھن. ھي کاڌي پيتي جي شين تي مشتمل باسڪٽ ھوندو آھي انڪري ان کي سينسيٽو يا حساس چيو ويندو آهي.

پي پي آء= پروڊيوسر پرائيس انڊيڪس ھن ۾ تقريبن سموريون ٺھندڙ شيون شامل ھونديون آھن.
ڊبليو پي آء انڊيڪس يعني ھول سيل سامان جي قيمتن جو حساب لڳايو ويندو آهي. ھن باسڪٽ ۾ 500 آئيٽم شامل ھوندا آھن.
جي ڊي پي ڊفليٽر= ملڪ ۾ تيار ٿيندڙ سمورين شين جي قيمتن جو ڪاٿو لڳائيندڙ آهي.
پروفيسر اختيار گھمرو پاران ڪيل ڪوشش.

03/07/2021

Academic debate!

At present, the unemployment of educated youth in the country is increasing day by day.
In this regard, there seems to be no planning by the government, including universities.
No one thinks what educational credentials or specialists will be needed in the market now or in the coming years.
Parents also want to educate their children in today's popular educational fields without any scrutiny.
And then after completion of their degrees these educated youngsters stumble around with such degrees in their hands.
In fact, degrees or admissions should be made according to the demand in the domestic and foreign job markets.
If they have been admitted to the required departments/ institutions, the youth might not have been wandering like this.
But there is only one race here. Everybody is rushing for admission in the field which is in demand today, and with in no time a mushroom of such degree's offering Institutions emerges.
So, in the near future, a large number of people with such degrees will be available.
Like, after getting degrees in engineering, computer, business, commerce, economics, mathematics, chemistry and other fields, they stumble around for jobs due to lack of demand in the job market.
Therefore, government policy makers and heads of educational institutions should come up with a better education strategy to provide degrees according to the needs of the job market, so that after getting degrees they can be useful to themselves as well as for the country.

Not like that, the job is of a bank cashier and the test is being given by all degree holders..

Friends' feedback is welcome.

Dr Akhtiar Ghumro

02/07/2021

بيل آئوٽ Bailout

ڪنھن به ملڪي يا گھڻن ملڪن ۾ ڦھليل قومي ڪاروبار، يا اداري کي ڏيوالپڻي، يا ڪاروبار جي مڪمل خاتمي جي خطري سبب ڏنل مالي مدد کي بيل آئوٽ چئبو آھي۔

مالي امداد جيڪو قرض يا شيئرز ۾ حصيداري جي پيشڪش، نقد امداد، يا قرض جي صورت ۾ مهيا ڪئي ويندي آھي، ۽ اڪثر ڪري وڏي حڪومتي نگراني ۽ ضابطي سان گڏ هوندو آهي.

بيل آئوٽ ڇو ڏني ويندي آھي:
اگر ڪوئي خانگي ڪاروبار ناڪام ٿئي ٿو جيڪو هزارن کي نوڪري ڏي ٿو يا معيشت ۾ بااثر ڪردار ادا ڪري ٿو۔ ان جي بند ٿيڻ ڪري ممڪن ھوندو آھي ته اھي پوري معيشت، بشمول ٻين صنعتن کي جھٽڪو ڏئي سگهن ٿا.

2007 ۾ شروع ٿيل ڪريڊٽ بحران دنيا جي ڪيترن ئي ناڪامين کي پيدا ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ سرڪارن طرفان شروع ڪيل بيل آئوٽ پيڪيج تقريبن ھر صنعت ۾ وڏي تعداد ۾ حڪومتي امداد واري بيل آئوٽ پيڪيج ڏنيون ويون.

ڪاپي رائيٽ © 2012 ، ڪيمپبل آر هاروي. سڀ حق محفوظ آهن

ترجمو: پروفيسر اختيار گھمرو

Address

ڳوٺ رانوت گھمرو
Pir Jo Goth
66030

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when علمي معلومات posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The School

Send a message to علمي معلومات:

Shortcuts

Share

Category