GBPS Muhammad Ibrahim Indhar Pano Akil

GBPS Muhammad Ibrahim Indhar Pano Akil An Institute

26/09/2026
25/09/2026

📚 روايتي انداز ۽ اڄ جي جديد انداز سان پڙهائڻ ۾ وڏو فرق آهي!

اڄ به سرڪاري اسڪولن جي ڪيترن ئي ٻارن بابت اها شڪايت رهي ٿي ته گهر پهچڻ کان پوءِ والدين وٽ ايترو وقت يا موقعو نٿو هجي جو پڇن:
”پٽ! اڄ اسڪول ۾ ڇا پڙهيو اٿئي؟ سبق پڪو ٿيو؟“

۽ جيڪڏهن ٻار چوي ته ”سبق ڪچو آهي“ ته وري ساڻس ويهي سبق پچائڻ هر والدين لاءِ آسان ناهي.

انهيءَ ڳالهه کي نظر ۾ رکندي، اسان پنهنجي پڙهائڻ واري طريقي مطابق هي وڊيو تيار ڪئي آهي، ته جيئن والدين گهر ۾ آسانيءَ سان پنهنجي ٻارن کي سبق پچائي سگهن.

ان شاءَ الله، اڳتي به سمورن اهم سبقن جون اهڙيون وڊيوز تيار ڪنداسين، جيئن والدين لاءِ به آساني ٿئي ۽ ٻارن جي پڙهائي به بهتر ٿئي.

موبائل تي ٻار کي صرف ڪارٽون ڏيکارڻ بدران،
ساڳئي موبائل ذريعي سبق پچرايو—فائدو به، سکيا به! 📱📚

اچو ته گڏجي پنهنجي ٻارن کي پڙهڻ سان گڏ سمجهڻ ۽ پچائڻ جي عادت وجهون. 🌱

#تعليم

دل جي گهراين سان ٿورا! ❤️گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ڳوٺ محمد ابراهيم انڍڙ جي SSB بجيٽ تحت ٿيل بهتري جي ڪمن کي School E...
27/08/2026

دل جي گهراين سان ٿورا! ❤️

گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ڳوٺ محمد ابراهيم انڍڙ جي SSB بجيٽ تحت ٿيل بهتري جي ڪمن کي School Education & Literacy Department, Government of Sindh طرفان ساراهڻ اسان لاءِ وڏي خوشي ۽ حوصلا افزائي جو سبب آهي.

هن تبديلي ۾ خاص ڪري حڪومتِ سنڌ ۽ تعليم واري وزير محترم سيد سردار علي شاهه صاحب جو اهم ڪردار آهي، جن تعليم جي بهتري ۽ اسڪولن جي ترقي لاءِ School-Specific Budget (SSB) جي صورت ۾ بجيٽ سڌو اسڪولن تائين پهچائڻ جو مؤثر طريقو اختيار ڪيو.

هن پاليسي سان اسڪولن کي پنهنجي ضرورت مطابق بنيادي سهولتون بهتر ڪرڻ، مرمت ۽ بحالي جا ڪم ڪرائڻ ۽ شاگردن لاءِ بهتر تعليمي ماحول فراهم ڪرڻ جو موقعو مليو آهي.

اسان جي اسڪول جي تبديلي کي ساراهڻ تي تعليم کاتي جا ٿورائتا آهيون، ۽ تعليم جي واڌاري لاءِ اهڙا قدم کڻڻ تي حڪومتِ سنڌ ۽ سيد سردار علي شاهه صاحب کي دل سان ساراهيون ٿا. ❤️👏

27/08/2026
🌸 خوبصورت اسڪول، خوش ٻار، روشن مستقبل! 🏫📚SSB سال 2025-26 جي بجيٽ مان گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ڳوٺ محمد ابراهيم انڍڙ ...
27/08/2026

🌸 خوبصورت اسڪول، خوش ٻار، روشن مستقبل! 🏫📚

SSB سال 2025-26 جي بجيٽ مان گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ڳوٺ محمد ابراهيم انڍڙ ۾ ترقياتي ۽ رنگ روغن جو ڪم ڪرايو ويو، جنهن سان اسڪول جي خوبصورتي ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي.

رنگين ۽ خوبصورت اسڪول ڏسي معصوم ٻارن جي خوشي ٻيڻي ٿي وئي آهي. ❤️

اسان تعليم واري وزير محترم جناب سائين سردار علي شاهه صاحب جي اهڙن تعليمي قدمن کي ساراهيون ٿا، جيڪي سرڪاري اسڪولن کي خوبصورت، بهتر ۽ ٻارن لاءِ وڌيڪ پرڪشش بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي رهيا آهن.

خوبصورت اسڪول، خوش ٻار، روشن مستقبل! 🌱✨


School Education & Literacy Department, Government of Sindh
Directorate of Schools Education ES&HS Sukkur
Hafiz Shahabuddin Indher
DrAbdul Waheed Indhar

26/08/2026

تعليم کاتي طرفان استادن جي حاضري واري FRAMES ايپليڪيشن کي اڪاؤنٽنٽ جنرل آفيس سان جوڙڻ جو فيصلو
ھاڻي غير حاضري جي صورت ۾ پگهارن مان ڪٽوتي ٿيندي

26/08/2026

اللَّهُمَّ صَلِّ عَلَىٰ مُحَمَّدٍ وَعَلَىٰ آلِ مُحَمَّدٍ، كَمَا صَلَّيْتَ عَلَىٰ إِبْرَاهِيمَ وَعَلَىٰ آلِ إِبْرَاهِيمَ، إِنَّكَ حَمِيدٌ مَجِيدٌ.

اللَّهُمَّ بَارِكْ عَلَىٰ مُحَمَّدٍ وَعَلَىٰ آلِ مُحَمَّدٍ، كَمَا بَارَكْتَ عَلَىٰ إِبْرَاهِيمَ وَعَلَىٰ آلِ إِبْرَاهِيمَ، إِنَّكَ حَمِيدٌ مَجِيدٌ.

23/08/2026

پرائمري استاد، تعليم جي بنياد آهن؛ هاڻي سندن حق به ڏيو!

📢 پرائمري استادن کي فوري سروس اسٽرڪچر ڏنو وڃي.

سرٽيفڪيٽ ۽ GR ويريفڪيشن جي موقعي تيمحترم سر محمد جمن انڍڙ صاحب ۽ محترم سر حاڪم علي چاچڙ صاحب سان گڏ ورتل هي يادگار تصوير...
30/04/2026

سرٽيفڪيٽ ۽ GR ويريفڪيشن جي موقعي تي
محترم سر محمد جمن انڍڙ صاحب ۽ محترم سر حاڪم علي چاچڙ صاحب سان گڏ ورتل هي يادگار تصويرون ❤️

هن اهم موقعي تي هيڊماسٽر گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ڳوٺ محمد ابراهيم انڍڙ
سر حافظ عبدالواجد انڍڙ،
سر وقار علي منگي صاحب ۽ سر آصف علي منگي صاحب پڻ موجود هئا،
جن جي موجودگي هن لمحي کي وڌيڪ باوقار ۽ يادگار بڻائي ڇڏيو۔

اهڙا گڏيل لمحا نه رڳو تعليمي ذميوارين جو احساس ڏيارين ٿا،
پر هڪٻئي سان عزت، محبت ۽ سهڪار جي خوبصورت روايت کي به اجاگر ڪن ٿا۔

الله پاڪ سڀني کي علم جي خدمت جاري رکڻ جي توفيق عطا فرمائي۔ 🤍

Address

Pano Aqil

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when GBPS Muhammad Ibrahim Indhar Pano Akil posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share

Category