Shaheed Benazir Bhutto University Nawabshah

Shaheed Benazir Bhutto University Nawabshah

Share

Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Shaheed Benazir Bhutto University Nawabshah, Education, Landhi Stop, Sakrand Road Nawabshah, Nawabshah.

14/12/2025

Two athletes ( students One Male One Female) are required. All expenses are covered .
Send your Names at Whatsapp: 03312023561

14/12/2025

Last Date : 14th December 2025
Apply Now only 10 seats are remaining. Hurry up
Students appeared in the 4th semester exam can also apply

12/12/2025

🎉 ایڈمیشن اوپن: پی آئی ٹی پی (PITP) بیچ-03! 🎉

نواب شاہ کے نوجوانوں کے لیے شاندار موقع! 🚀
شہید بینظیر بھٹو یونیورسٹی (SBBU)، نواب شاہ اور سکھر آئی بی اے یونیورسٹی کے اشتراک سے People Information Technology Program (PITP) کے تحت 2 ماہ کے مفت آئی ٹی سرٹیفیکیشن کورسز کا اعلان کر دیا گیا ہے۔

✨ عملی مہارتیں سیکھیں - اپنا مستقبل روشن بنائیں!
یہ کلاسز مکمل طور پر فزیکل (Physical) ہوں گی جہاں آپ کو ہینڈز آن ٹریننگ (Hands-on Training) کے ذریعے جدید ڈیجیٹل اسکلز سکھائی جائیں گی۔

📚 پیش کردہ کورسز

🔹 میٹرک پاس طلبہ کے لیے:
Graphics Design (UI/UX)
Web Development
Digital Marketing & SEO
Social Media Management
Python Development
E-Commerce

🔹 انٹرمیڈیٹ اور گریجویٹس کے لیے:
Cyber Security & Ethical Hacking
Cloud Computing
Data Science
Mobile App Development
Web Development
Python Development
E-Commerce
Social Media Management
Digital Marketing & SEO

📅 ضروری معلومات
کلاسز کا آغاز: 12 جنوری 2026
وقت: پیر سے جمعہ (دوپہر 3:00 بجے سے شام 6:00 بجے تک)
اہلیت: میٹرک، انٹر، یا گریجویشن (کالج سائڈ)
عمر کی حد: 16 سے 28 سال
فیس: 100% مفت (کوئی فیس نہیں)

📍 مقام: شہید بینظیر بھٹو یونیورسٹی (SBBU)، نواب شاہ
📞 رابطہ: مسٹر جواد (0337-3218502)

🌐 آن لائن اپلائی کریں:
نیچے دیے گئے لنک پر کلک کر کے ابھی فارم پُر کریں:
👉

https://phase2.pitp-sibau.com/pitp_phase_2_batch_3.php
آخری تاریخ کا انتظار نہ کریں، ابھی رجسٹر ہوں اور ڈیجیٹل دنیا میں قدم رکھیں! 💡
Shaheed Benazir Bhutto University Nawabshah

11/12/2025

🎉 *Admission Open – PITP Batch-03!*
🚀 *Shaheed Benazir Bhutto University, SBA* (in collaboration with *Sukkur IBA University*) proudly announces the launch of *2-Month Free IT Certification Courses* under the *People Information Technology Program (PITP)*.
✨ *Learn Practical IT Skills – Build Your Future!*
Classes are *physical*, fully *hands-on*, and designed to enable youth with industry-relevant digital skills.
📚 *Offered Courses*
🔹 *For Matric Students:*
Graphics Design UI/UX, Web Development, Digital Marketing & SEO, Social Media Management, Python Development, E-Commerce
🔹 *For Intermediate / Graduates:*
Cyber Security & Ethical Hacking, Cloud Computing, Data Science, Mobile App Development, Web Development, Python Development, E-Commerce, Social Media Management, Digital Marketing & SEO
📅 *Commencement of Classes:*
*12 January 2026*
🕒 *Class Timings:*
*Monday to Friday – 3:00 PM to 6:00 PM*
👥 *Eligibility:*
Matric, Intermediate, Graduation (College Side)
🎯 *Age Limit:*
*16 to 28 years*
⚡ *No Fees – 100% Free Certification Course*
📍 Venue: *SBBU Shaheed Benazirabad*
Assistant: *Mr. Jawad – 0337-3218502*
🌐 *Apply at:* https://phase2.pitp-sibau.com/pitp_phase_2_batch_3.php

Photos from Shaheed Benazir Bhutto University Nawabshah's post 09/12/2025

پريس رليز تاريخ 9 ڊسمبر 2025
اڄ پروگريسو پايونير پينل طرفان تازو شھيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي جي لاڳاپيل ڪاليجن جي سينيٽ اليڪشن ۾ سپلا ڊيموڪريٽڪ پينل جي چونڊجي آيل سينيٽرن ۽ اڪيڊمڪ ڪائونسل جي ميمبرن جي مان ھڪ ڀرپور آجياڻو ڏنو ويو ، چونڊجي آيل نمائندن کي سنڌ جي ثقافت اجرڪ جا تحفا پيش ڪيا ويا ۽ سندن خوشي ملھائڻ لا گڏجي ڪيڪ ڪاٽيو ويو ، ھن تقريب کي پروگريسو پايونير پينل جي اڳواڻن ڊاڪٽر عبدالطيف نانگراج، ڊاڪٽر معراج نبي ڀٽي ، ڊاڪٽر محمد عارف ، انجنيئر پرويز علي خاصخيلي ، چونڊجي آيل سينيٽرن قاضي سڪندر علي ، معمر قذافي عباسي ۽ مسعود ميمڻ ڳالھائيندي چيو ته شھيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي جا استاد ۽ ڪاليجن جا استاد پاڻ ۾ گڏ آھن ، تعليم جي بھتري ، استادن جي حقن لا ھر فورم تي گڏجي جدوجھد ڪئي ويندي . پروگريسو پايونير پينل جي اڳواڻن چونڊجي آيل سپلا ڊيموڪريٽڪ پينل جي سمورن استادن سندن روح روان محترم انور منصور صاحب کي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ خراج تحسين پيش ڪئي وئي . ھنن چيو ته اسان ھر وک تي ڪاليج جي استادن جي مسئلن تي ساٿ ڏينداسين ، ھي عمل ڪرڻ بھترين عمل آھي ھاڻ ڪاليجز ۽ يونيورسٽي سميت ڪيمپس جا استاد گڏجي سڏجي ھر فورم تي استادن جي بھتري لا آواز اٿاريندا. پروگريسو پايونير پينل پنھنجي سمورن ساٿين سان ڀرپور ساٿ ۽ تعاون جو يقين ڏياريو.
جاري ڪندڙ
انجنيئر پرويز علي خاصخيلي ميڊيا ڪوآرڊينيٽر پروگريسو پايونير پينل

04/12/2025

Boost Your Tech Career in Cyber Security

Admissions Now Open! https://nsis.navttc.gov.pk/sign-up

💻 Certificate in Cyber Security

✨ Limited seats • Hands-on training • Industry-focused skills
Apply now and upgrade your future!

03/12/2025

Great opportunity to our students
Apply for a free Cyber Security course
The Highest paid skills of 2026
One of the most demanding technologies.
Limited Seats Register Now

02/12/2025

Cyber Security
One of the world's top ranked technologies. The most demanding skills in 2026 and onwards. Enroll Now at SBBU SBA for free, limited seats only.

01/12/2025

سائيبر سيڪيورٽي ھن وقت دنيا جي اڀرندڙ ٽيڪنالاجي آھي ، سائيبر سيڪيورٽي جو ٽن مھينن جو ڪورس بلڪل مفت سرٽيفڪيٽن سان گڏ .. ھاڻي ئي اپلائي ڪريو صرف محدود سيٽون آھڻ

13/11/2025

One Day Workshop on "AI, Deep Learning and Computer Vision"
A practical experience to implement the deep learning model CNN for object recognition
Date: 18th November 2025
Venue: IT Department, SBBU SBA
For: Students of 23 IT Batch
Organized By: Department of Information Technology SBBU SBA

20/10/2025

اٽلي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جو مڪمل رهنمائي
مرحليوار ڄاڻ | داخلا | ويزا عمل

اڄڪلهه هر نوجوان جي دل ۾ هڪ ئي خواهش ڌڙڪي ٿي ته سندس مستقبل روشن، پائيدار ۽ ڪامياب هجي۔ هر ڪنهن جو خواب هوندو آهي ته هو پنهنجي خاندان لاءِ ڪجهه اهڙو ڪري، جنهن تي والدين فخر ڪن ۽ زندگيءَ ۾ سڪون اچي۔ پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اڄ جي حالتن ۾، خاص طور تي اسان جي ملڪ پاڪستان ۾، غريب ۽ وچولي طبقي لاءِ پنهنجا خواب پورا ڪرڻ ڏاڍو مشڪل ٿي ويو آهي۔ مهانگائي، بيروزگاري ۽ وسيلن جي کوٽ سبب ڪيترائي باصلاحيت نوجوان پنهنجي قابليت هوندي به پٺتي رهجي وڃن ٿا۔
مون کي پنهنجي سنڌي نوجوانن سان هڪ خاص پيار آهي، ڇو⁠تہ اهي اسان جي مستقبل جا معمار آهن۔ منهنجي هميشه اها ڪوشش رهي آهي ته مان پنهنجي نوجوان ڀينرن ۽ ڀائرن لاءِ اهڙي مفيد، مستند ۽ اثرائتي معلومات مهيا ڪريان، جيڪا سندن زندگيءَ ۾ ڪو حقيقي فرق آڻي سگهي۔ علم ۽ تعليم ئي اها ڪنجي آهي، جيڪا غربت جا در بند ۽ خوشحالي جا در کولڻ جي طاقت رکي ٿي۔
اڄ جي هن پوسٽ ۾، مان اوهان سان اٽلي جي اسٽڊي ويزا بابت تفصيلي معلومات شيئر ڪنديس۔ اٽلي نه رڳو حسن ۽ تاريخ جو ملڪ آهي، پر هتي جي تعليم جو معيار به دنيا ۾ بلند ترين آهي۔ جيڪڏهن اوهان پنهنجي محنت، قابليت ۽ صحيح رهنمائي سان اڳتي وڌو، ته اٽلي اوهان لاءِ نه صرف اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جو بهترين موقعو مهيا ڪري سگهي ٿو، پر هڪ سٺو مستقبل به بڻجي سگهي ٿو۔
منهنجو مقصد رڳو اوهان کي رستو ڏيکارڻ آهي، فيصلا اوهان جا پنهنجا هوندا پر صحيح ڄاڻ سان، اوهان جو هر قدم اوهان کي ڪاميابيءَ ڏانهن وٺي ويندو۔

اٽلي اسٽڊي ويزا جي تفصيل

اٽلي اھڙي سرزمين آھي جتي عظيم سائنسدان جھڙوڪ "گوليئلمو مارڪوني، ليونارڊو ڊا ونچي ۽ گليليو گليلي" پيدا ٿيا، جن مان گليليو کي “سائنسي طريقي جو پيءُ” سڏيو ويندو آھي۔ دنيا جي سڀ کان پراڻي يونيورسٽي، يونيورسٽي آف بولونيا، جيڪا 1088ع ۾ قائم ٿي، اٽلي ۾ واقع آھي ۽ اڄ به هلندڙ آھي۔

اٽلي جو اعليٰ تعليم وارو نظام بي مثال آھي، جيڪو سائنسي طريقي، تخليقي سوچ، تنقيدي فڪر ۽ مسئلا حل ڪرڻ جي صلاحيت تي ٻڌل آھي۔ اٽلي خاص طور تي آرڪيٽيڪچر، سائنس، انجنيئرنگ، آرٽس ۽ اپلائيڊ سائنسز جي شعبي ۾ نمايان مقام رکي ٿو۔

بين الاقوامي شاگرد اٽلي ۾ پڙھڻ کي ترجيح ڏين ٿا ڇو⁠تہ ھتي جي تاريخي ماحول، خوبصورت مناظر، اعليٰ معيار جي تعليم ۽ ثقافتي تنوع، سبب سکيا جو تجربو ڏاڍو دلڪش آھي۔ جيڪي شاگرد اٽلي ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ چاھين ٿا، تن لاءِ ھيٺ عام گائيڊ ڏنل آھي۔

مرحلو 2: اٽلي ۾ داخلا لاءِ ھدايتون (پاڪستاني شاگردن لاءِ)

درخواست ڏيڻ کان اڳ، پنهنجي اهل هجڻ جي تصديق ڪريو:

1. ڏسو ته توهان جو پسنديده پروگرام اٽلي ۾ موجود آهي:
• بيچلر پروگرام (انگريزي ۾)
• ماسٽر پروگرام (انگريزي ۾)

2. هر پروگرام جي گهرجن (CGPA، انگريزي قابليت وغيره) کي غور سان پڙهو.

مرحلو 2: داخلا لاءِ ضروري دستاويز

درخواست جي مرحلي ۾ ڪاميابي لاءِ سڀئي ڪاغذ اڳواٽ تيار رکڻ ضروري آهي.

ماسٽر پروگرام لاءِ:
• صحيح پاسپورٽ
• بيچلر ڊگري ۽ ٽرانسڪرپٽ (يا ھوپ سرٽيفڪيٽ)
• اسڪول جا سرٽيفڪيٽ
• سفارش ناما reference letter (جيڪڏهن گهرج هجي)
• موٽي ويشن ليٽر (دل سان لکيل)
• انگريزي جي مهارت جو ثبوت (MOI يا IELTS)
• یوروپاس Europass فارمٽ ۾ CV
• پاسپورٽ سائيز فوٽو
• نوڪري يا انٽرن شپ جا سرٽيفڪيٽ (جيڪڏهن آهن) اگر گیپ آھي
شارٽ ڪورسز جا سرٽيفڪيٽ
• بيچلر جو نصاب (جيڪڏهن گهرج هجي)

بيچلر پروگرام لاءِ:
• صحيح پاسپورٽ
• ميٽرڪ ۽ انٽر جا سرٽيفڪيٽ (يا بونا فائيڊ سرٽيفڪيٽ)
• سفارش ناما reference letter (جيڪڏهن گهرج هجي)
• موٽي ويشن ليٽر
انگریزي IELTS (گهڻين يونيورسٽين لاءِ ضروري)
یورو پاس Europass فارمٽ ۾ CV
• پاسپورٽ سائيز فوٽو

مرحلو 3: پروگرام چونڊڻ

هاڻي جڏهن توهان اهل آهيو ۽ سڀئي ڪاغذ تيار آهن، ته پنهنجو پسنديده پروگرام چونڊيو.

1. ماسٽر يا بيچلر پروگرام صفحي تي وڃي سرچ ڪريو.
2. پنهنجي مضمون سان لاڳاپيل ڪورس ڳوليو.

مشورو:
پنهنجن چونڊيل پروگرامز کي نوٽ پيڊ يا ايڪسل فائل ۾ لکو ته جيئن هر شي منظم رهي.

مثال طور:جيڪڏهن توهان وٽ BBA آهي، ته توهان جي شارٽ لسٽ هن ريت ٿي سگهي ٿي:

| ڪورس | يونيورسٽي
• بزنس ايڊمنسٽريشنUniversity of Rome “Tor Vergata”

• گلوبل اڪانامي اينڊ بزنس University of Cassino

• انٽرنيشنل بزنس University of Verona

• انٽرنيشنل مينيجمينٽ اينڊ مارڪيٽنگ | University of Bergamo

نیڪ۔صلاح:
هميشه انهن يونيورسٽين کي ترجيح ڏيو جن جون آخري تاريخون ويجهو هجن، جيئن توهان وقت ضايع نه ڪريو.

مرحلو 5: درخواست ڏيڻ جو عمل

هاڻي توهان جي محنت جو نتيجو ڏسڻ جو وقت اچي ويو آهي!

قدم بہ قدم طريقي سان:
1. يونيورسٽيءَ جي ويب سائيٽ تي وڃو.
2. اپلائي “Apply” سيڪشن ۾ وڃي فارم ڀريو.
3. ضروري فائلون اپلوڊ ڪريو.
4. فيس (جيڪڏهن آهي) ادا ڪريو.

ضرورتون غور سان پڙهو:
هر يونيورسٽي جون گهرجون ٿوريون مختلف ٿي سگهن ٿيون، تنهنڪري پڙهڻ ۾ بي صبري نه ڪريو.

مددگار ذريعا:
• يونيورسٽيءَ جي سرڪاري هدايتون پڙهو.

جيڪڏهن توهان دل سان تياري ڪندا، ته 2026 جي داخلا توهان لاءِ بلڪل ممڪن آهي!

بنت ریان جي باري ۾:
مان ڪيترن ئي شاگردن کي بين الاقوامي تعليم جي سفر ۾ رهنمائي ڪري چڪي آهيان. مون کي خبر آهي ته هي سفر ڪڏهن ڪڏهن ڏکيو ۽ الجهيل لڳي ٿو، پر صحيح ڄاڻ ۽ اعتماد سان سڀ ڪجھ آسان ٿي سگهي ٿو.

منهنجو مقصد اهو آهي ته هر شاگرد کي صاف، سچي ۽ سادي ڄاڻ ڏيان ته جيئن هو پنهنجي خوابن کي حقيقت بڻائي سگهن. 2026 واري داخلن لاءِ، مان هاڻي نون شاگردن کي ذاتي رهنمائي فراهم ڪري رهي آهيان
چاهي توهان کي يونيورسٽي چونڊڻ ۾ مدد گهرجي، درخواست ڀرڻ ۾ يا دستاويز سمجهڻ ۾.

اٽلي اسٽڊي ويزا جون ضرورتون (پاڪستاني شاگردن لاءِ)

• يونيورسٽي مان قبولي جو خط (Acceptance Letter) حاصل ٿيڻ بعد توھان جو ويزا عمل شروع ٿئي ٿو۔ ويزا جو قسم توھان جي تعليمي پروگرام جي مديتي دارومدار رکي ٿو۔ ويزا لاءِ اٽلي جي سفارتخاني يا قونصل خانو ھيٺ ڏنل دستاويز گھري سگھي ٿو:

1. ٻه نوان پاسپورٽ سائيز فوٽو
2. اصل پاسپورٽ (جيڪو ويزا جي ختم ٿيڻ کان گھٽ ۾ گھٽ ڇھ مهينا وڌيڪ صحيح ھجي)
3. يونيورسٽي جو قبول نامو / داخلا سرٽيفڪيٽ
4. اٽلي ۾ رهائش جو ثبوت
5. مالي وسيلن جو ثبوت (گهٽ ۾ گهٽ €448.07 في مهينو يا €5824.91 في سال)
6. طبي ۽ اسپتال جي علاج لاءِ انشورنس جو ثبوت
7. ملڪ موٽڻ لاءِ مالي وسيلن جو ثبوت
8. ٻوليءَ جي ڄاڻ جو ثبوت (Italian يا English، پروگرام جي ٻوليءَ مطابق)

اٽلي پھچڻ بعد، توھان کي 8 ڏينهن اندر “Residence Permit” لاءِ درخواست ڏيڻي پوندي، جيڪا پوليس هيڊڪوارٽر (Questura) مان جاري ٿيندي۔
اھا رهائش جي اجازت نامي (Permesso di Soggiorno) توھان جي پارٽ ٽائيم نوڪريءَ جي اجازت طور به ڪم ڪندي۔

اٽلي ۾ رھڻ جا امڪاني خرچ

اٽلي ۾ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان شاگرد پڙھن ٿا۔ ھتي ھاسٽل، شيئرڊ روم، اپارٽمينٽ ۽ اسٽوڊيو فليٽ مناسب قيمتن تي دستياب آھن۔

تقريبي رھائشي خرچ (في مهينو)
• ھاسٽل جو سنگل روم: 400 – 700€
ٻين پاڪستاني يا بنگالي شاگردن سان گڏ: 250€ جي لڳ ڀڳ
• نجي سنگل روم: 600 – 800€
• مڪمل فليٽ: 800 – 1200€

ٽرانسپورٽ خرچ
• بس يا ٽرين ڪارڊ (پهريون ڀيرو): 10€
• شاگردن لاءِ مھينا پاس (عمر 26 سال کان گھٽ): 22€
• شاگردن لاءِ مھينا پاس (عمر 26 سال کان مٿي): 35€
• بس يا ٽرين جو سنگل ٽڪيٽ: 1.50€
• روزانو ٽڪيٽ: 4.50€

کاڌي پيتي جا خرچ
• زڪيفي ۾ لنچ: 10€
• ميڪڊونلڊز مينيو: 6 – 9€
• ريسٽورنٽ ۾ ڊنر: 30 – 50€

پاڪستاني شاگردن لاءِ روزگار جا موقعا

• بين الاقوامي شاگرد اٽلي ۾ ڏينهن ۾ 4 ڪلاڪ، ھفتي ۾ 20 ڪلاڪ پارٽ ٽائيم ڪم ڪري سگھن ٿا۔
• في ڪلاڪ گھٽ ۾ گھٽ اجرت 7 يورو آھي۔
• ان حساب سان شاگرد ھفتي ۾ تقريباً 140 يورو ۽ مھيني ۾ 560 يورو ڪمائي سگھن ٿا۔
• نوڪريون ڪيفي، ريسٽورنٽ، ھوٽل، يا انٽرن شپ جي صورت ۾ ملن ٿيون۔
• جيڪڏهن شاگرد کي انگريزي تي عبور آھي، ته کيس تعليم يا TEFL سرٽيفڪيٽ ذريعي اسڪولن ۾ پارٽ ٽائيم نوڪريون پڻ ملن ٿيون۔
• ڪيتريون ڪمپنيون شاگردن کي ادا ڪيل يا بنا معاوضي انٽرن شپ ڏين ٿيون، جيڪي سندن CV ۾ اضافو ڪن ٿيون۔

گرمين جي موسم ۾، جڏھن سياح اٽلي اچن ٿا، تڏھن پارٽ ٽائيم ڪم جا موقعا وڌيڪ ٿين ٿا۔

اٽلي ۾ مستقل رھائش (Permanent Residence)

• صرف اُھي شاگرد، جيڪي ماسٽرز يا پي.ايڇ.ڊي. مڪمل ڪن ٿا، تن کي 6 کان 12 مهينا تائين ويزا وڌائڻ جي اجازت ڏني ويندي ته جيئن نوڪري ڳولي سگھن۔
نوڪري ملڻ بعد، اھي ورڪ پرمٽ لاءِ اپلاءِ ڪري سگھن ٿا، بشرطيڪه سندن آجر جو صحيح معاهدو موجود ھجي۔
• جيڪڏهن ڪو شخص اٽلي ۾ 5 سال لڳاتار (شاگردي ۽ ڪم ٻنھي دورن سميت) رھي، ته پوءِ اھو PR (مستقل رهائش) لاءِ اهل ٿئي ٿو۔

پوءِ تيار آهيو پنهنجو سفر شروع ڪرڻ لاءِ؟ ✈️

ان شاءَ الله، مان توهان جي هر قدم تي ساٿ ڏينديس ته جيئن توهان جو 2026 وارو تعليمي سفر هموار، پر اعتماد ۽ ڪامياب ٿئي. ايندڙ مرحلي ۾ مان توهان کي هر يونيورسٽي بابت تفصيل سان ڄاڻ ڏينديس انهن جي داخلا جون تاريخون، ضروري شرطون ۽ دستاويزن سميت. ان سان گڏ، مان توهان کي اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ بابت به مڪمل رهنمائي ڪنديس، ته جيئن توهان مالي طور آسودگي سان پنهنجي پڙهائي مڪمل ڪري سگهو. منهنجي دل جي خواهش آهي ته هن سال وڌيڪ کان وڌيڪ اسان جا سنڌي شاگرد اٽلي اچن، اعليٰ تعليم حاصل ڪن ۽ پنهنجي مستقبل کي روشن بڻائن. علم ئي اهو سرمايو آهي جيڪو انسان جي تقدير بدلائي سگهي ٿو، ۽ مان اوهان لاءِ هر قدم تي ساٿ بڻبي.

- بنت ریان

Want your school to be the top-listed School/college in Nawabshah?

Click here to claim your Sponsored Listing.

Location

Category

Address

Landhi Stop, Sakrand Road Nawabshah
Nawabshah
71000