28/02/2026
هيءِ ڌرتي اسان جي آهي، هيءُ وطن اسان جو آهي! 🇵🇰
گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول الله رکيو ڪانھيو پاران پاڪستان ۽ افغانستان جي موجوده سرحدي صورتحال جي تناظر ۾ پنهنجي بهادر پهريدارن، پاڪ فوج سان مڪمل يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو وڃي ٿو.
اسان کي پنهنجي انهن غازين ۽ شهيدن تي فخر آهي جيڪي برفاني چوٽين ۽ تپندڙ ريگستانن ۾ اسان جي سڪون واري ننڊ لاءِ پنهنجي جانين جو نظرانو پيش ڪن ٿا. وطن جي سرحد جو دفاع ڪندڙ هر سپاهي اسان جو هيرو آهي.
اسان جو اسڪول، سمورو اسٽاف ۽ شاگرد هن ڏکي گهڙيءَ ۾ پنهنجي فوج جي پٺيان سيهي جي ديوار وانگر بيٺا آهيون. الله تعاليٰ اسان جي وطن کي دشمنن جي بد نظر کان محفوظ رکي ۽ اسان جي فوج کي هر محاذ تي سوڀارو ڪري. (آمين)