29/06/2023
District Voter Education Committee SBA
To provide information and contribute towards educating citizens about their rights in regard to elections and democracy through their participation.
To provide information and contribute towards educating citizens about their rights in regard to elections and democracy for making electoral process more credible and accountable through their participation. The purpose of this plan to achieve the major objectives of maximizing the voters turnout in elections, minimizing the male and female gap in voting process and encouraging women and other un
29/06/2023
25/06/2023
*ڊويزنل ڊائريڪٽوريٽ آف انفارميشن شھيد بينظيرآباد 25 جون 2023*
نوابشاهه (ھه آ)ضلع اليڪشن ڪمشنر آفيس شھيد بينظيرآباد پاران شاھه سچل سامي فائونڊيشن جي زير نگراني ھلندڙ منتحا اسڪل ڊيولپمينٽ سينٽر نوابشاهه ۾ ووٽ جي رجسٽريشن بابت آگاھي فراهم ڪرڻ لاءِ ھڪ سيمينار منعقد ڪيو ويو سيمينار کي خطاب ڪندي ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر شھيد بينظيرآباد پرويز احمد ڪلوڙ ، شاهه سچل سامي فائونڊيشن جي سي اي او ارشد خاصخيلي، لا آفيسر فرحانه ارم، ايڊووڪيٽ سجاد علي خاصخيلي ۽ مسرور ميمڻ چيو ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي خاص ھدايتن تي نوجوان نسل خاص ڪري نوجوان ڇوڪرين کي ووٽ جي داخلا، رجسٽريشن ۽ ووٽ جي استعمال بابت آگاھي فراهم ڪرڻ لاءِ مختلف سينٽرن ۾ آگاهي سيمينار منعقد ڪيا پيا وڃن ھنن وڌيڪ چيو ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران عام چونڊن 2023 جي سلسلي ۾ ووٽ جي داخلا،منتقلي، درستگي لاءِ 13 جولائي آخري تاريخ مقرر ڪئي وئي آهي انھي لاءِ جيڪي شھر پنھنجو ووٽ پنھنجي عارضي يا مستقل پتي تي داخل، خارج ڪرائڻ چاھين ٿا اھي فوري طور تي ضلع اليڪشن ڪمشنر آفيس شھيد بينظيرآباد سان رابطو ڪن بي صورت ۾تاريخ گذرڻ کانپوءِ ووٽ جي تبديلي نه ڪئي ويندي.
(ھه آ...اعجاز)
22/06/2023
ڊويزنل ڊائريڪٽوريٽ آف انفارميشن شھيد بينظيرآباد 22 جون 2023
نوابشاهه (ھه آ) اليڪشن ڪمشنر آفيس شھيد بينظيرآباد پاران چونڊ عمل ۾ نوجوانن جي شموليت بابت آگاھي سيمينار سوشل ويلفيئر کاتي جي زير نگراني ڀنگوار ڪالوني نوابشاھ ۾ ھلندڙ ھنري سينٽر ۾ٿي گذريو سيمينار کي خطاب ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر شھيد بينظيرآباد پرويز احمد ڪلوڙ، ايڊيشنل ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر محمد صابر قريشي، ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر غلام محمد سھتو، ڊسٽرڪٽ ووٽر ڪميٽي ميمبرن فرحانه ناز صديقي، شھناز لاکو، سينٽر انچارج ساجدہ جمالي ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته آگاھي سيمينار منعقد ڪرڻ جو مقصد نوجوان نسل کي پنھنجي ووٽ جي اھميت، داخلا ۽ چونڊ عمل ۾ حصو وٺڻ بابت آگاھي فراهم ڪرڻ آھي ته جئين ھو مستقبل۾ ٿيندڙ قومي ، صوبائي ۽ مقامي چونڊن دوران پنھنجي ووٽ جي حق جو صحيح استعمال ڪري پنھنجو نمائندو چونڊي ملڪ ۽ صوبي جي ترقي لاء پنھنجو ڪردار ادا ڪن اڳواڻن نوجوانن کي اپيل ڪئي ته جن جي عمر 18 سال ٿي چڪي آهي اھي فوري طور تي پنھنجا قومي شناختي ڪارڊ ٺھرائي پنھنجي ووٽ جي داخلا کي يقيني بڻائين سيمينار ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر منظور ملاح،مير حسن بروهي، اليڪشن ڪميشن جي ڪوارڊينيٽر مسرور ميمڻ شرڪت ڪئي
(ھه آ...غ ع ڳ)
21/06/2023
Say yes to vote
20/06/2023
20/06/2023
19/06/2023
ڊويزنل ڊائريڪٽوريٽ آف انفارميشن شهيد بينظيرآباد 19 جون 2023
نواب شاھه (ھه آ)ڪمشنرشهيد بينظيرآباد ڊويزن محمد عباس بلوچ اڄ مڪاني چونڊن ۾ ڪامياب ٿيل ضلع ڪائونسل جي چيئرمين ۽ وائيس چئيرمين ۽ ميونسپل ڪارپوريشن نواب شاھه جي مئير ۽ ڊپٽي مئير کان علاوه ٽائون ميونسپل ڪميٽي ايڇ ايم خواجه ۽ ٽائون ميونسپل ڪميٽي اولڊ نواب شاھه جي چئيرمين ۽ وائس چئيرمين کي ڊي سي آفيس جي دربارهال ۾ حلف کڻايو الڳ الڳ منعقد ٿيل حلف برداري تقريبن ۾ ضلع ڪائونسل جي چئيرمين علي اڪبر جمالي ۽ وائيس چئيرمين عبدالرسول بروهي، ميونسپل ڪارپوريشن جي مئير قاضي محمد رشيد ڀٽي ۽ ڊپٽي مئير مبشر علي آرائين کي حلف کڻايو جڏهن ته ميونسپل ڪارپوريشن نواب شاھه جي ٽائون ميونسپل ڪميٽي ايڇ ايم خواجه جي ٽائون چئيرمين سيد عاطف حسين زيدي ۽ وائيس چيئرمين محمد شفيع الرحمان جدون ۽ ٽائون ميونسپل ڪميٽي اولڊ نواب شاھه جي چئيرمين محمد حيات ڪاڪيپوٽو ۽ وائيس چئيرمين محمد يعقوب آرائين کي حلف کڻايو ان موقعي تي ڪمشنر محمد عباس بلوچ مڪاني چونڊن ۾ ڪامياب ٿيل اميدوارن کي مبارڪ باد ڏني حلف برداري تقريب ۾ سابق صوبائي وزير قانون ضياءُ الحسن لنجار، ميمبر سنڌ اسيمبلي غلام قادر چانڊيو، خان محمد ڏاهري، ايڊيشنل ڪمشنر ون سڀاش چندر،ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو فياض حسين راهوجو، ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينظيرآباد شهريار گل ميمڻ،ايس ايس پي محظورعلي غوري،ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ ذاڪرحسين راڌڻ،ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر پرويزاحمد ڪلوڙ، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينظيرآباد ڪنول نظام، ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر دولت جمالي،ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر قربان علي راهو،ڊپٽي ڊائريڪٽر انفارميشن غلام عباس ڳوراهو سميت مختلف کاتن جي آفيسرن ۽ سياسي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
(ھه آ...غ ع ڳ)
ڊويزنل ڊائريڪٽوريٽ آف انفارميشن شھيد بينظيرآباد 19 جون 2023
نوابشاهه (ھه آ) ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر شھيد بينظيرآباد پرويز احمد ڪلوڙ عوام جي آگاھي لاءِ جاري ڪيل پڌرائي ۾ڄاڻايو آهي ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران عام چونڊن 2023 جي تياري جي سلسلي ۾ اليڪشن ايڪٽ 2017 جي سيڪشن 39 (1)جي مطابق ووٽ جي داخلا، منتقلي، درستگي ۽ خارج لاءِ آخري تاريخ 13 جولائي مقرر ڪئي وئي آهي انھي لاءِ عوام کي گھرجي ته ھو پنھنجو ۽ پنھنجي خاندان جي ووٽ بابت معلومات لاءِ 8300 تي ميسيج ڪري جڏھن ته پنھنجي ووٽ جي داخلا، منتقلي، درستگي لاءِ ضلع اليڪشن ڪمشنر آفيس شھيد بينظيرآباد مان فارم 21، 22 ۽ 23 ڀري مقرر ڪيل تاريخ 13 جولائي کان اڳ پنھنجو ووٽ پنھنجي ڪارڊ جي عارضي يا مستقل پتي تي داخلا کي يقيني بڻائين.
(ھه آ...اعجاز)
19/06/2023
Say yes to vote
20/04/2023
ڊويزنل ڊائريڪٽوريٽ آف انفارميشن شھيد بينظيرآباد 19 اپريل 2023
نوابشاهه (ھه آ)ضلع اليڪشن ڪمشنر آفيس شھيد بينظيرآباد پاران ووٽ جي رجسٽريشن ۽ اھميت بابت عوام ۾ آگاھي فراهم ڪرڻ لاءِ ھڪ آگاھي سيشن گورنمينٽ ايڇ ايم خواجه ڊي سي ھائي اسڪول نوابشاهه ۾ٿي گذريو ان موقعي تي آگاھي سيشن کي خطاب ڪندي ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر شھيد بينظيرآباد پرويز احمد ڪلوڙ، اسڪول جي ھيڊ ماستر جاويد احمد انڙ، اليڪشن آفيسر شھاب الدين ۽ مسرور ميمڻ چيو ته قوم جي خوشحال مستقبل ۽ جمھوري عمل جي بقا لاءِ ووٽ جي رجسٽريشن کي يقيني بڻايو وڃي ھنن وڌيڪ چيو ته ووٽ جي رجسٽريشن ڪرائڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي ڇاڪاڻ ته جمھوريت جي مظبوطي لاءِ حقن جي حاصلات ۾ اضافو تمام ضروري آھي جنھن سان بھتر منصوبه بندي ۽ حڪمت عملي سان ملڪ کي ترقي ۽ قوم جي خوشحالي ۾ اھم ڪردار ادا ڪري ٿو انھي لاءِ ماڻھن کي ووٽ جي داخلا ۽ اھميت بابت ڄاڻ فراهم ڪرڻ ضروري آهي ھنن عوام کي اپيل ڪئي ته جن به شھرين جي عمر 18 سال ٿي چڪي آهي آھي جلد پنھنجا قومي شناختي ڪارڊ ٺھرائڻ کانپوءِ ووٽ جي رجسٽريشن لاءِ نادرا آفيس سان رابطو ڪن ھنن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ عورتن جي ووٽن جي داخلا مردن جي ووٽن جي ڀيٽ ۾ تمام گھٽ آھي ان لاءِ عورتون پڻ پنھنجي ووٽ جو حق استعمال ڪرڻ لاءِ پنھنجي ووٽ جي رجسٽريشن کي يقيني بڻائين آگاھي سيشن ۾ اسڪول جي استادن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾شرڪت ڪئي
(ھه.آ...غ ع ڳ)
Click here to claim your Sponsored Listing.
Location
Category
Address
Nawabshah
Opening Hours
| Monday | 09:00 - 17:00 |
| Tuesday | 09:00 - 17:00 |
| Wednesday | 09:00 - 17:00 |
| Thursday | 09:00 - 17:00 |
| Friday | 09:00 - 17:00 |