GBPS Moosa Panhwar

GBPS Moosa Panhwar education's dream

14/05/2026

تمام بهترين الفاظ سان گڏ ڪڙو سچ۔۔۔

جيڪي ماڻهون ٻين جي آسري جيئن ۽ ٻين جي ڪاميابي تي چاپلوسيء سان پيش اچن انهن جا نسل به چاپلوس ۽ غلام ٿيندا آهن۔۔

تَپِي ڪَندين ڪوھُ؟ ڏُونگَرَ! ڏُکويُنِ کي؛تُون جي پَھَڻَ پَٻَ جا، تہ لِڱَ مُنھِنجا لوھُ؛ڪَنھنجو ڪونهي ڏوھُ، اَمُرُ مُون س...
10/05/2026

تَپِي ڪَندين ڪوھُ؟ ڏُونگَرَ! ڏُکويُنِ کي؛
تُون جي پَھَڻَ پَٻَ جا، تہ لِڱَ مُنھِنجا لوھُ؛
ڪَنھنجو ڪونهي ڏوھُ، اَمُرُ مُون سين اِئَن ڪَيو.

2022 کان وٺي 2026 تائين اسڪول کي تيزيء سان سڌاري ڏانه وڌندڙ ڪدم۔۔

جڏهن مان اسڪول ۾ نئون ڀرٿي ٿي آيو هس ته صرف 9 شاگرد اسڪول ۾ ايندا هئا ۽ مون اڪيلي سر گهڻن چيلينجس کي منهن ڏيڻ باوجود محنت ڪئي 150 کان مٿي شاگرد اچڻ شروع ٿي ويا۔۔
😭😭😭😭 مان انچارج هيڊ ماستر سائين شهباز خان پنهور گورنمينٽ پرائمري اسڪول موسا پنهور مان چاهيان نٿو ته هي داستان فيسبوڪ تي بيان ڪيان پر مجبور ۽ لاچار ٿي ڪري هڪ سچائي بيان ڪريان ٿو۔۔۔
جڏهن انسان سچائي ۽ ايمانداري سان ڪم ڪري ٿو ته ان تي اچتو عزت ۽ ايمانداري تي وار ٿين ۽ ان کي ايمانداريء جو سلو اهيو ملي ته هو هر وقت پريشانن جو ور چڙهي وڃي ۽ ان جي سٺن ڪمن کي نڪام ٿيڻ جون ڪوششون ٿين ته ان لاء اهي ڏک جبلن جيان وڏا لڳندا آهن۔۔
مونکي افسوس سان چوڻو ٿو پوي يوسي دليپوٽا ۾ پڙهيل لکيل ماڻهو آهن انهن سڀني جون اکيون ٻوٽيون پيون آهن ۽ هر ڪو چوي ٿو منهنجو ڇا۔۔
مان ٻڌائيندو هلان ته منهنجو ڏوھ صرف غريب جي ٻارن کي هڪ سٺي تعليم ۽ انهن کي هڪ سٺي مقام تي ڏسڻ پي چاهيم ۔۔ پر هر موڙ تي مونکي داٻا ۽ گاريون ۽ الزام ڏنا وڃن ٿا تونکي ڏسي رهنداسين ۽ تنهنجي نوڪري ختم ڪرائينداسين ۽ تنهنجي ٻچن جو رزق ختم ڪنداسين😭😭 ۔۔۽ مان افسوس سان چوان ٿو ته مون ڪن ماڻهن کي پنهنجو داستان بيان ڪيو آهي پر ڪا به موٽ نه ملي ۽ ان ڳاله کي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏيائون ۔۔

😭😭ڏوھ منهنجو صرف اهيو آهي ته هڪ ويران ٿيل اسڪول کي ٺاهيون ۽ وڏي ڳالھ اها آهي ته موسا پنهور اسڪول ۾ ڪير استاد ڊيوٽي ڪرڻ لاء تيار نه هو ڇو جو استادن ۾ هي اسڪول سزا طور تسليم ڪيو ويندو آهي ان اسڪول کي مون ٺاهيو اڄ مان هر پريشانيء جو منهن ڏئي رهيو آهيان ۽ ما مينٽلي ڏاڍو غمگين ۽ لاچار ۽ اڪيلو آهيان 😭😭😭۔۔۔
مان پنهنجي ڳوٺ جي معذز ۽ اجاگر نوجوانن کي اپيل ڪندم ته خدارا اهي ڇڏيو ويڇايون ۽ ڪاوڙيون ۽ بيحسون ۽ هي عادتون ته منهنجو ڇا وڃي اهڙيون سوچيون ڇڏي ڏيو اچو پنهنجن ادارن جي مالڪي ڪيو ۽ پنهنجي ڳوٺ کي روشن مستقبل ڏانهن وٺي وڃو ڇو جو تعليم آهي ته سڀ ڪجھ آهي ۔۔
۽ آخر ۾ هي به چوندم ته مونکي ڪو نقصان پهتو ته ان جا زميوار اهي شخص هوندا جيڪي مونکي ڌمڪيون ڏين پيا۔😭😭😭۔
مان هٿ ٻڌي عرض ڪندم هتان جي تعليم دوست ماڻهن کي ۽ اسان جي منسٽر سردار شاه صاحب کي ۽ ٻين وس وارن آفيسرن کي خدارا انهيء ڳالھ کي ايمانداريء سان جاچ ڪن ۽ جيئن غريبن جي تعليم بهتر نموني سان هلي سگهي۔۔۔

مهرباني ڪري هن پوسٽ کي بنا ڪنهن ڏڄ ڊپ جي وڌ کان وڌ شيئر ڪريو ته جيئن غريب شاگردن جو ڪو ڀلو ٿي پوي۔۔🙏🙏🙏

‏⁦‪ ‬⁩ ⁦‪ ‬⁩ ⁦‪ ‬⁩ ⁦‪ ‬⁩





03/05/2026

ڪيترن سالن کان غيرآباد پيل زمين کي جڏهن مالهي باغ ۾تبديل ڪري سٺن نسلن جا ٻوٽا تيار ڪري ٿو وري اچانڪ انهن ئي ٻوٽن کي ڪو اچي ختم ڪري ته قصور ان مالهيء جو نه پر هن ستل معاشري جو آهي 😢😢

03/05/2026

جھڙو سماج تھڙو شعور
تبديلي ڪيئن اچي؟

گورنمينٽ پرائمري اسڪول موسا پنهور جا شاگرد تمام گهڻا هوشيار ذهني آهن پر ماشاالله مونکي تمام گهڻي خوشي ۽ فخر آهي ٽيون ۽ چ...
13/04/2026

گورنمينٽ پرائمري اسڪول موسا پنهور جا شاگرد تمام گهڻا هوشيار ذهني آهن پر ماشاالله مونکي تمام گهڻي خوشي ۽ فخر آهي ٽيون ۽ چوٿون ۽ پنجون ڪلاس جي هن ٽن شاگردياڻين نياڻين تي جيڪي پڙهائي ۾ ته تمام گهڻو هوشيار ۽ زهني آهن پر ان سان گڏ پنهنجي سچائيء سان محنت ۾ لڳن رکن ٿيو۔۔
هي هيڏو وڏو فلاور فيسٽيول پروگرام مون لاء هڪ چيلينج بڻجي ويو هو جڏهن مون پروجيڪٽ ٺاهڻ لاء ۽ مختلف گلن جا ماڊل ٺاهيڻ لاء شاگردن کي چيو ته اچو پڙهائيء سان گڏ هڪ آرٽ سکون ۽ ان کي ماڻهن اڳيان نمائيش ڪريون ته پرائمري ليول جا ٻار هار مڃي ويهي رهيا ڪي ان صورت ۾ ته سائين مونکي ڪون ايندا ته ڪن چيو گهر وارا منعا ٿا ڪن ۔۔ان کان پوء مان به ٿورو مايوس ٿيس ته واقعي آهي ته هن ليول لاء ڏکي ڳاله سوبه ڳوٺن جا ٻار ۔۔
پر پوء هن ٽن شاگردياڻين منهنجي ڪرسي جي ويجهو اچي چيو سائين توهان سامان وٺو هن چيلينج کي اسين منهن ڏئي ڏيکارينديوسين توهان کي ڪري ڏيکاريندوسين پوء هنن منهنجي مدد سان ۽ پنهنجي محنت سان 250 مختلف قسمن جا ماڊل تيار ڪيا ۽ منهنجو جذبو وڌڻ لڳو ۽ پوء سوچم ڇونه هنن جي محنت کي دليپوٽا جي استادن ۽ شاگردن اڳيان سارهيجي ۔۔ ان کان پوء پروگرام رکيو ويو ۽ مون هنن شاگردياڻين سان واعدو ڪيو ته پٽ جيڪو گفٽ چئو مان توهان کي ڏيان هنن چيو سائين جيڪو توهان کي سمجھ ۾ اچي اهو ڏجو اڄ مون هنن شاگردياڻين جي حوصلا افزائيء لاء هڪ بهترين گفٽ تعفو طور ڏنا ڇو جو پنهنجي قابليت ۽ ميئريٽ تي هڪ روپيو انعام جو جيتڻ وڏي ڳاله هوندو آهي ۔۔ ۽ مان هڪ استاد جي حيثيت سان دعا ٿو گهوران ته الله پاڪ هنن ٽنهي شاگردياڻين کي سٺن عهدن سان نوازيندو ۽ هنن جا خواب پورا ڪندو ۔۔آمين ۔۔

پاران: گورنمينٽ پرائمري اسڪول موسا پنهور جو هيڊ ماستر سائين شھباز خان پنهور۔۔

پڙهندي سنڌ ته وڌندي سنڌ۔۔

‏⁦‪ ‬⁩ ⁦‪ ‬⁩ ⁦‪ ‬⁩ ⁦‪ ‬⁩




11/04/2026

گورنمينٽ پرائمري اسڪول موسا پنهور جا استاد صاحبان ۽ شاگرد تمام گهڻا شڪر گذار آهيون TEO ڀريا سٽي هڪ ايماندار آفيسر سان گڏ هڪ بهترين شخصيت ۽ بهترين پرسنلٽي سان گڏ تعليم دوست محترم جناب سائين عبدالرئوف ۽ ان جي ٽيم استاد صاحبان جا جن فلاور فيسٽيول ۾ شرڪت ڪرڻ سان گڏ ايترو ته گورنمينٽ پرائمري اسڪول موسا پنهور جي شاگردن ۽ استادن کي داد ڏنو ۽ فيسٽيول جي ساراھ ڪئي ۽ سائين جن جو چوڻ هو ته اهي پروگرام اڪثر ڪري ٿيندا رهن ته جيئن مختلف اسڪولن جو پاڻ ۾ ميلاپ ٿي ۽ تعليم کي هٿي اچي ته جيئن پڙهندي سنڌ ته وڌندي سنڌ ۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت پاڪستان زندآباد🇵🇰🇵🇰🇵🇰🇵🇰🙏🙏�۔

‏⁦‪ ‬⁩ ⁦‪ ‬⁩ ⁦‪ ‬⁩ ⁦‪ ‬⁩



11/04/2026

گورنمينٽ پرائمري اسڪول موسا پنهور جا استاد صاحبان ۽ شاگرد تمام گهڻا شڪر گذار آهيون هڪ بهترين شخصيت ۽ بهترين پرسنلٽي سان گڏ تعليم دوست ۽ يارن جو يار محترم جناب سائين ارشد حسين عباسي صاحب جا جن فلاور فيسٽيول ۾ شرڪت ڪرڻ سان گڏ ايترو ته گورنمينٽ پرائمري اسڪول موسا پنهور جي شاگردن ۽ استادن کي داد ڏنو ۽ فيسٽيول جي ساراھ ڪئي ۽ سائين جو چوڻ هو ته اهي پروگرام اڪثر ڪري ٿيندا رهن ته جيئن مختلف اسڪولن جو پاڻ ۾ ميلاپ ٿي ۽ تعليم کي هٿي اچي ته جيئن پڙهندي سنڌ ته وڌندي سنڌ ۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت پاڪستان زندآباد🇵🇰🇵🇰🇵🇰🇵🇰🙏🙏🙏

‏⁦‪ ‬⁩ ⁦‪ ‬⁩ ⁦‪ ‬⁩ ⁦‪ ‬⁩



11/04/2026

گورنمينٽ پرائمري اسڪول موسا پنهور جا استاد صاحبان ۽ شاگرد تمام گهڻا شڪر گذار آهيون GCHS اسڪول جي پرنسيپال هڪ ايماندار آفيسر سان گڏ هڪ بهترين شخصيت ۽ بهترين پرسنلٽي سان گڏ تعليم دوست ميڊم آپا غلام صغره سومرو صاحبان ۽ ان جي اسٽاف استاد صاحبان جا جن فلاور فيسٽيول ۾ شرڪت ڪرڻ سان گڏ ايترو ته گورنمينٽ پرائمري اسڪول موسا پنهور جي شاگردن ۽ استادن کي داد ڏنو ۽ فيسٽيول جي ساراھ ڪئي ۽ ميڊم جو چوڻ هو ته اهي پروگرام اڪثر ڪري ٿيندا رهن ته جيئن مختلف اسڪولن جو پاڻ ۾ ميلاپ ٿي ۽ تعليم کي هٿي اچي ته جيئن پڙهندي سنڌ ته وڌندي سنڌ ۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت پاڪستان زندآباد🇵🇰🇵🇰🇵🇰🇵🇰🙏🙏🙏

‏⁦‪ ‬⁩ ⁦‪ ‬⁩ ⁦‪ ‬⁩ ⁦‪ ‬⁩



Address

Dalipota Road
Naushahro Firoz

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when GBPS Moosa Panhwar posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share

Category