نئين ديري شھر ۾ بيگناھ قتل ڪيل سنتوش ڪمار جي خون سان انصاف ڪري سندس قاتلن کي عوام جي آڏو نروار ڪيو وڃي.
Naudero Students' Federation. NSF
Here you will witness the change that you would expect from the educated fraternity of the city.
NSF inspires every like-minded person who dreams for some platform where members could utilize their energies in favour of our Naudero's development.
سنڌ ۾ سياست ۽ صحافت عوام جي بنيادي مسئلن کان لاتعلق بڻجي مفاد پرستي ۽ مصلحت جو شڪار بڻيل آھن!
نئين ديري شھر ۾ بدامنيء جو سلسلو نه رڪجي سگھيو. اڄ وري ھڪ شھري قيوم سومرو کان ھٿيارن جي زور تي شگر مل باء پاس روڊ تان موٽر سائيڪل, موبائل فون ۽ ھزارين روپيا ڦريا ويا. شھر ۾ وڌنڌڙ بدامنيء جو سلسلو آخر ڪڏھن ختم ٿيندو؟؟؟
ڏينھن ڏٺي جو شھر جا شريف ماڻھو لٽجن ٿا شھر جا مالڪ سڏائيندڙ خاموش تماشائي بڻيل..! شھر سياسي ۽ سماجي طور لاوارثي ۽ يتيميء جو ڏيک ڏيڻ لڳو! ھي ڪلھ منجھند جو سنڌ بينڪ جي ڀرسان قائم يوٽيلٽي اسٽور تان ڪيل ڦر جا منظر آھن! ان کان ڪجھ ڏينھن پھرين منيش ڪمار (SDS شاپ) کان موبائل فون, بائيڪ ۽ لکين روپيا ڦريا ويا, ان کان بعد شھر جي ٻن معزز استادن سميع الله ڪٽپر ۽ ماجد خاصخيليء کان موبائل فون ۽ 92 ھزار روڪ رقم ڦري وئي. ڪجھ وقت اڳ ۾ سر عام ايزي پيسا دڪان تان لکين روپين جي ڦر ڪئي وئي. محمد ڪاظم ڪٽپر جي در تان سندس موٽر سائيڪل چوري ٿي وئي! ھي ته ڪجھ نالا آھن پر گذريل ڇھن مھينن جي اندر ڪيترائي معزز شھري لٽجي ۽ ڦرجي چڪا آھن , نه ڪا انڪوائري ٿي, نه ڪا چوري ملي, نه ڦورن جو ڪو پتو پيو, بس پوليس ميار لاھڻ جي لاء شڪايتون درج ڪري پئي باقي ڪاروائي ڪرڻ جي لاء تيار ناھي, نه ئي سياسي ڌرين يا بالا آفيسرن جي طرفان ڪم ڪرڻ جي لاء مٿن ڪو زور اٿن! شھري لٽجن ٿا ڀلي لٽجن ڪو فرق نه ٿو پوي! ھونئن به ڀوتارڪي ۽ وي آء پي ڪلچر ۾ پوليس جي مکيا ذميواري وي آء پيز کي پروٽوڪول ڏيڻ ۽ ڀوتارن جي ونگار وھڻ ھوندو آھي!
(نئون ديرو اسٽوڊنٽس فيڊريشن)
نئون ديرو اسٽوڊنٽس فيڊريشن نئين ديري شھر ۾ يونيورسٽيء جي قيام جي لاء ھر ممڪن جدوجھد ڪرڻ جو عزم رکي ٿي! يونيورسٽي اسان جي شھر جو حق آھي جيڪو ھر حال ۾ ملڻ گھرجي!
23/05/2023
(اسٽڊي سرڪل رپوٽ)
تاريخ 19 مئي 2023 تي نئون ديرو اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي پليٽفارم تان (Democracy in Pakistan) جي عنوان سان اسٽڊي سرڪل ٿي گذريو جنھن ۾ شھر جي علم دوست ۽ باشعور نوجوانن شرڪت ڪئي! اسٽڊي سرڪل ۾ پنھنجي علمي راء جو اظھار ڪندي شريڪ ٿيندڙ دوستن جمھوريت جي بڻ بنياد کان وٺي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ جنھن انداز ۾ جمھوريت قائم ٿي ان تي روشني وڌي! دنيا جي مختلف ملڪن ۾ جتي جتي جمھوري نظام قائم آھي ان جي ماضي ۽ حال کي مدنظر رکي پاڪستان ۾ رائج جمھوري نظام سان سندن تقابلي جائزو پيش ڪيو, جنھن مان اھي نتيجا اخذ ڪيا ويا ته جمھوريت پنھنجي اصل شڪل ۾ ھن ملڪ ۾ ڪڏھن به قائم ناھي ٿي سگھي. ان جا بنيادي ڪارڻ آمريت, جاگيرداڻو نظام, سياسي پارٽين جي اندر موروثيت, اقربا پروري, فرقيواريت ۽ ڪرپشن آھن! ملڪ ۾ جمھوريت جي نالي تي مفادن جي جنگ لڳل آھي جنھن وقت جنھن ڌر کي ڪو خطرو پيش اچي ٿو اھي جمھوريت جو راڳ آلاپي عام ماڻھن کي اڳيان آڻي قربانيء جو ٻڪرو بڻائن ٿا! جمھوريت جي نفاذ جي لاء حقيقي انداز ۾ ڪنھن به تحريڪ جنم ناھي ورتو! بس ھر ڌر پنھنجي پنھنجي ذاتي مفادن خاطر وڙھي پئي ۽ انھن سڀن جي ٽڪراء ۾ عوامي مفاد قربان ٿي وڃن ٿا ۽ ھن ملڪ جو عام ماڻھو غربت, بيروزگاري, بيمارين, پريشانين ۽ پنھنجن حقن کان محروم زندگي گذاري مري وڃي ٿو ۽ ان جي ڏکن دردن جي نه ڪا تاريخ ٺھي ٿي, نه ڪنھن اخبار ۾ ڪالم ڇپي ٿو, نه ڪنھن ٽاڪ شو ۾ ڪا ڳالھ ٿئي ٿي, نه ڪنھن پوڊ ڪاسٽ ۾ ڪو ذڪر ٿئي ٿو, بس پڄري پڄري پاھ ٿي ھڪ سڙيل ڪاغذ تي پنھنجي ڏکن جا نشان ڇڏي غرق ٿي وڃي ٿو ۽ ان سان گڏ ئي ھن جي ڏکن سان ڀريل ڪاغذ به راک بڻجي اڏامي وڃي ٿو! جمھوريت پوء به قائم نه ٿي ٿي! شايد ھن سڄي سياست, جمھوريت ۽ آمريت جي سس ننھن واري جھيڙي ۾ انتقام صرف عوام کان پيو ورتو وڃي!!!
19/05/2023
Reminder::
~~~~دعوتنامو~~~
مانوارا سائين, السلام عليڪم:
سائين محترم اسين پنھنجي تنظيم نئون ديرو اسٽوڊنٽس فيڊريشن (NSF) جي پليٽفارم تان ( Democracy in Pakistan) جي عنوان سان ھڪ اسٽڊي سرڪل منعقد ڪيو آھي جنھن ۾ اوھان کي شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏجي ٿي ۽ اميد ٿي ڪجي ته اوھان ضرور شريڪ ٿيندا. اسين اوھان جا منتظر ھونداسين!
تاريخ: جمعو 19 مئي 2023
وقت: 5:00 بجا شام
جڳھ: گورنمينٽ بوائز ھاير سيڪنڊري اسڪول نئونديرو (لان)
16/05/2023
دعوت نامو"
اين ايس ايف تنظيم پنھنجي بنياد کان وٺي شھر ۾ علمي فڪري ۽ سماجي بھتريء جي لاء ڪردار ادا ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي! تنظيم پنھنجي ان ڪردار تي ماضيء ۾ به غير روايتي ڪم ڪيو آھي ۽ ھاڻي به ان ئي نظرياتي تسلسل کي برقرار رکندي تنظيم جي پليٽفارم تان ٿيندڙ اسٽڊي سرڪلس جي ٻيھر شروعات ڪجي ٿي! ان سلسلي ۾ اسان ھن ئي ھفتي "Democracy in Pakistan" جي عنوان سان ھڪ اسٽڊي سرڪل منعقد ڪري رھيا آھيون جنھن ۾ شھر جي سڀني علم دوست ۽ شعور دوست ماڻھن کي شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏجي ٿي! ھي ويھڪ ڪا عام ڪچھري نه ھوندي پر ھڪ شعوري, علمي ۽ فڪري گڏجاڻي ھوندي جنھن ۾ اسان جي ملڪ ۽ سماج ۾ قائم جمھوري نظام ۽ ان نظام جي اندر ٿيندڙ سياست ۽ ان جي اسان تي پوندڙ اثرات تي گفتگو ٿيندي. سياسي ۽ جمھوري لاھن چاڙھن ۽ حالات کي ڏسي پنھنجي سماج جي بھتريء جي لاء سوچ ويچار ڪيو ويندو ته ان سڄي سياسي وايو منڍل ۾ عام ماڻھن, شھرين, نوجوانن, شاگردن ۽ معاشري جي سڀني فردن کي ڪھڙو ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي, ڪھڙيون ذميواريون کڻڻ گھرجن, ڪھڙا رستا اختيار ڪرڻ گھرجن, جيئن عزت نفس سان گڏ معاشي, سماجي, معاشرتي ۽ علمي ترقيء جي لاء به ڪا راھ ھموار ٿي سگھي! اميد ته سڀئي باشعور دوست شريڪ ٿي اسٽڊي سرڪلس جي روايت ۽ رواج جي حوصلا افزائي ڪندا ۽ پنھنجي علم, سمجھ ۽ سوچ ويچارن کي شريڪ ٿيندڙ ٻين نوجوانن سان ونڍي سڀني کي مستفيد ڪندا!
تاريخ: جمعو 19 مئي 2023
وقت: 5:00 بجا شام
جڳھ: گورنمينٽ بوائز ھاير سيڪنڊري اسڪول نئونديرو (لان)
يونيورسٽي صرف تعليمي ادارو ناھي. علم جي خزاني سان گڏ ڪاروبار جو به خزانو آھي. روزگار ملندو, نوڪريون پئدا ٿينديون, ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جون ھاسٽلون کلنديون! يونيورسٽيء جي اندر ۽ ٻاھر ڪيفي ۽ ڪينٽينس کلنديون, نوان ھوٽل کلندا. نئون ديرو سماجي, تعليمي ۽ معاشي طور اپگريڊ ٿي ويندو!
13/05/2023
تاريخ 13 مئي 2023 تي نئون ديرو اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي شھر ۾ موجود ڪيبينيٽ ميمبرس جي ھڪ اھم گڏجاڻي تنظيم جي جنرل سيڪريٽري غلام حسين کوسو جي صدارت ۾ ٿي گذري. گڏجاڻيء ۾ تنظيم جي اندروني معاملن سان گڏ شھر جي سماجي معاملن تي به ڳالھ ٻولھ ٿي! ميٽنگ ۾ نئون ديرو شھر ۾ يونيورسٽيء جي قيام جي لاء اين ايس ايف جي پليٽفارم تان ڀرپور تحريڪ ھلائڻ جو عزم ڪيو ويو ۽ ان سان گڏ اھو به فيصلو ٿيو ته يونيورسٽي جي معاملي تي شھر جي سڀني باشعور ماڻھن ۽ جدوجھد ڪندڙ ڌرين سان به ان ھڪ ايجنڊا تي ڀرپور سھڪار ڪيو ويندو ۽ ساٿ ڏنو ويندو ۽ شھر جي سڀني باشعور دوستن سان گڏجي منظم تحريڪ جي شروعات ڪئي ويندي! ان کان علاوھ ميٽنگ ۾ اھو به طئي ٿيو ته نئين ديري شھر ۾ نوجوان دوستن جي فڪري ۽ علمي تربيت جي لاء ھر مھيني مختلف سياسي, سماجي, علمي ۽ فڪري موضوعن تي اسٽڊي سرڪل به منعقد ڪيا ويندا جنھن ۾ اين ايس ايف جي ميمبرس سان گڏ سڀني باشعور شھرين کي به شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏني ويندي!
رتوديرو واقعو انسانيت جي تذليل آھي ۽ ان تي خاموشي اختيار ڪرڻ انسانيت جي توھين آھي!' معاشري جي اھڙن مجرمن کي عبرت جو نشان بڻايو وڃي!
Assalam Alaikum to all the members of Naudero Students Federation. Hope you all are doing well. It's is here by brought into your consideration that the NSF is going to convene a meeting in Naudero. The agenda of the meeting touches internal/ organisational matters and beyond. Since the meeting would be held in the ongoing month, if any member cannot attend it, he could bring it to our attention. You all are requested to inform in personal DM. I'll be thankful to you.
Regards: president NSF
Click here to claim your Sponsored Listing.