30/11/2025
It was the last class of second semester at BS Social Work. Capturing a few moments with dears.
Youth platform for education, unity & social development in phulparo. Dukhe Dillon ka Sahara
30/11/2025
It was the last class of second semester at BS Social Work. Capturing a few moments with dears.
31/10/2025
:
:
ٿرپارڪر جي مشهور ڪولهين مان عالمچند ڪولهي به هڪ آهي. هن 1922ع ۾ ننگرپارڪر ۾ جنم ورتو. سندس والد سروپچند ڪولهين جو چڱو مڙس ۽ انقلابي شخص هو ۽ سندس واسطو ڪانگريس پارٽي سان هو. هُو ڪانگريس جي هلچل ۾ ڪجهه عرصي لاءِ جيل به ويو. ننگر پارڪر ۾ ڪانگريس جي خرچ تي هريجن آشرم کليو، جِتي ٻار انگريزي پڙهڻ لڳا. عالمچند شروعاتي تعليم ننگر پارڪر جي مڊل اسڪول مان حاصل ڪئي ۽ بعد ۾ مئٽرڪ جو امتحان مٺي هاءِ اسڪول مان سال 1944ع ۾ پاس ڪيو. سال 1946ع ۾ عمر ڪوٽ ۾ انگلش ٽيچر مقرر ٿيو. سال 1963ع ۾ يونين ڪائونسل جو ميمبر چونڊيو ويو. فيلڊ مارشل ايوب خان جي صدارتي اليڪشن ۾ هن مس فاطمه جناح کي ووٽ ڏنو جنهن ڪري سرڪاري آفيسر هن جي خلاف ٿيا ۽ کيس جيل موڪليو ويو.
سال 1966ع جي يونين ڪائونسل جي B.D اليڪشن ۾ عالمچند ڪولهي ميجارٽي سان چونڊجي ويو. چيئرمين جي چونڊ ۾ راڻو اچل سنگهه سندس حريف هو پر ڪولهي ميمبرن جو تعداد گهڻو هجڻ ڪري عالمچند چيئرمين چونڊجي ويو. 1971ع ۾ هن جي وڃڻ بعد سندس ناٺي ٽيڪم ڪولهي ۽ پارو مل ڪولھي ڪولهين جي اڳواڻي ڪئي ۽ سال 1985ع ۾ اقليت قومي سيٽ تي پارو مل ايم اين اي ۽ صوبائي سيٽ تي ٽيڪم داس ايم پي اي چونڊجي ويا.
22/10/2025
استادن جي دعائن سان روشن سفر
اڄ منهنجي زندگيءَ جو هڪ يادگار ۽ فخر جو لمحو آهي
جو جڏهن منهنجي محترم استاد پرشوتم سائين مون کي
“لائف ٽائيم ايوارڊ” سان نوازيو۔ 🎖️
آئون دل جي گهراين سان شڪرگذار آھيان اسان جي ٽيم ينگ يوٿ ونگ ڦولپرو، جيڪو اسان جو پھريون پروگرام ڪامياب ٿيو. مالڪ ڪري اھڙائي پروگرام سدائين ٿيندا رھن👍💗💗🫶
phulparo youth wing organization-PYWO
22/10/2025
آئون دل جي گهراين سان شڪرگذار آھيان اسان جي ٽيم ينگ يوٿ ونگ ڦولپرو، جيڪو اسان جو پھريون پروگرام ڪامياب ٿيو. مالڪ ڪري اھڙائي پروگرام سدائين ٿيندا رھن👍💗💗🫶
(PYWO)
20/10/2025
06/10/2025
💐📚Happy Teachers' Day in BS Social Work Department University of Sindh 📚💐
03/10/2025
ھن گروپ جو مقصد صرف ۽ صرف اسان جي ڳوٺ جي Phulparo youth wing organization بھتري، گڏجاڻي ۽ ترقي لاءِ آھي. اڄڪلهه اسان جي ڳوٺ جا ڪيترائي نوجوان شهرن ۾ پڙهي رھيا آھن يا روزگار خاطر ٻاهر رھن ٿا، پر ڳوٺ لاءِ محبت ۽ ذميواري سڀني تي آهي.
اڄ جي نظام ۾ ڪيترائي ڳوٺ اڳتي وڌي چڪا آھن، پر بدقسمتيءَ سان اسان جو ڳوٺ پوئتي رهجي ويو آھي. اچو ته سڀ گڏجي پنهنجن صلاحيتن، تعليم ۽ تجربي کي ڳوٺ جي بھتري لاءِ ڪم آڻيون.
ھي پليٽفارم رڳو ڳوٺ جي نوجوانن جي گڏيل واڌاري، تعليم، سماجي سڌارن ۽ ڀائپي لاءِ آھي.
اسان سڀ گڏجي ئي ملکي روشن مستقبل ڏئي سگھون ٿا.