Sarwaich Sajnani Literary and Historical Academy

Sarwaich Sajnani Literary and Historical Academy Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Sarwaich Sajnani Literary and Historical Academy, Sajnani House Near DHO office MIthi DIst Tharparkar, Mithi.

سرويچ ساجناڻي 1960ع ۾ ٿرپارڪر ۾ ڄائو. هو هڪ نامور ليکڪ ۽ محقق هو، جنهن ٿر جي ثقافت، تاريخ ۽ عوامي زندگي تي اهم لکڻيون ڏنيون. سندس ڪتاب "ٿر ٿوهر، گهر جهوپڙا" ۽ ٻين تخليقي ڪم ٿر جي درد ۽ خوشين جو عڪس آهن

او لاکيڻا لال ڀٽائي،سُڻ سائل جو سوال ڀٽائي،اڄ ايڏو ڇو خاموش آهين،!!ڇا ظالم  جي آغوش ۾ آهين؟!يا ندوري ننڊ کڻي ويئي؟!يا در...
23/01/2026

او لاکيڻا لال ڀٽائي،
سُڻ سائل جو سوال ڀٽائي،
اڄ ايڏو ڇو خاموش آهين،!!
ڇا ظالم جي آغوش ۾ آهين؟!
يا ندوري ننڊ کڻي ويئي؟!
يا درويشي جو واء وڻي ويئي،؟
تو ته ڪلھ سارنگين سور سٺيئي،
تن کي لفظن جي مالها ۾ پويئي،
ڏوٿين کي ڏڍ ڏنئي،
ويرين کي وڍ ڏنئي،
سسئي سان سور سليئي،
مارئي سان به منهن مور نه مٽئي،
نوري کي به نئڙت ڏنيئي،
عمر کي جابر ڪوٺيئي،
ميھار کي عاشق مڃيئي،
پر اڄ تون اُن جام جي!!!
پيار سان پڙون پهرين ٿو!!
نذرانون ميڙين ٿو!!
پر ڪڏهن به ڪين ڪڇين ٿو!!
ڇا اڄ جي ناري مارئي ناهي؟!
ڇا اڄ جي ناري سسئي ناهي؟!
ڇا اڄ جي ناري سسئي ناهي؟!
ڇا اڄ جي ناري سهڻي ناهي؟!
ڇا اڄ جي ناري ليلان ناهي؟!
ڇا اڄ جو عمر جابر ناهي؟!
ڇا اڄ جو عاشق ميهار ناهي؟!
پوء به تون ڇا لاء خاموش آهين؟!
ڇا تون کنڀي وانڱي ڌرتي مان ڦٽو ناهين؟!
اڄ به ان جي دامن ۾ ستو ناهين؟!

سرويچ ساجناڻي

23/11/2025
23/11/2025

سنڌ لاءِ فخر ۽ سُرهاڻ جو لمحو
سنڌي ٻولي جي ممتاز ليکڪ، محقق، صحافي ۽ تاريخ نويس معصوم ٿري صاحب پنهنجي معياري ۽ وقيع تصنيف "ڪارونجھر – تاريخ جو دستاويز" تي ادب فيسٽول پاڪستان 2025 ۾ بهترين سنڌي ڪتاب جو ايوارڊ حاصل ڪري، نه صرف علمي ۽ ادبي حلقن ۾ هڪ نئون سنگ ميل قائم ڪيو آهي، پر ٿر ۽ سنڌ جو نالو پڻ روشن ڪيو آهي۔
ان موقر ادبي تقريب ۾ پاڪستان ۽ ٻاهرين ملڪن جا نامور اديب، دانشور، فڪرپرست، صحافي، اقتصادي ماهر، بينڪر، سياستدان ۽ ٽيڪنوڪريٽ موجود هئا، جن ۾ خاص طور ڊاڪٽر عشرت حسين، ڪشور ناهيد، زهره نگاہ، امينه سيد، فرحت الله بابر، شاندانه منھاس، نورالھديٰ شاهه، نصير ميمڻ، شعيب ارشد، شبر زيدي، وارث شاهه، مظهر عباس، نيره نور، نفيسه شاهه، زاهد حسين، زبيده ڀرواني، ڪرن سنگھ ۽ ٻين معزز شرڪت ڪئي۔
انهن سڀني معصوم ٿري صاحب کي هن اعزاز تي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏني ۽ سندن علمي خدمتن کي ساراهيو۔
Sarwaich Sajnani Literary & Historical Academy طرفان معصوم ٿري صاحب کي هن ادبي ايوارڊ تي پرخلوص مبارڪباد—
هي اعزاز نه صرف هڪ ليکڪ جي محنت جو اعتراف آهي، پر سنڌي تاريخ، ورثي ۽ فڪر جي جهولا کي وڌيڪ توانائي بخشي ٿو۔

https://youtu.be/52X_Y1zQKWw
10/05/2025

https://youtu.be/52X_Y1zQKWw

ڪارونجھر تاريخ جي دستاويز بابت اڀياسي ويھڪ ۾ مشهور وڪيل ۽ دانشور ايڊوڪيٽ ڀورو ڪولھي اهم خطاب ڪيو.✨ "معصوم ٿري دراوڙن جي اصل تاريخ لکي آهي" – ايڊوڪيٽ ڀورو ڪو...

ڪارونجھر تاريخ جو دستاويز جي اڀياسي ويھڪ
07/05/2025

ڪارونجھر تاريخ جو دستاويز جي اڀياسي ويھڪ

“ڪارونجھر تاريخ جو دستاويز”  اڀياسي ويھڪ جون ڪجھ جھلڪيون
07/05/2025

“ڪارونجھر تاريخ جو دستاويز” اڀياسي ويھڪ جون ڪجھ جھلڪيون

07/05/2025

Hi everyone! 🌟 You can support me by sending Stars – they help me earn money to keep making content that you love.

Whenever you see the Stars icon, you can send me Stars.

07/05/2025
4 مئي تي مٺي ۾ ٿيل يادگار تقريب جون جھلڪيونسائين معصوم ٿري جي ڪتاب “ڪارونجھر تاريخ جو دستاويز” جي اڀياسي ويھڪ واري تقريب...
06/05/2025

4 مئي تي مٺي ۾ ٿيل يادگار تقريب جون جھلڪيون
سائين معصوم ٿري جي ڪتاب “ڪارونجھر تاريخ جو دستاويز” جي اڀياسي ويھڪ واري تقريب شاندار طريقي سان مٺي ۾ ٿي گذري جتي سنڌي ادب جي عاشقن، دانشورن، ۽ دوستن شرڪت ڪئي.

Address

Sajnani House Near DHO Office MIthi DIst Tharparkar
Mithi
69230

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Sarwaich Sajnani Literary and Historical Academy posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share