19/08/2026
🎉 شاندار ڪاميابي! 100% رزلٽ! 🎨✨
سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن، گورنمينٽ آف سنڌ جي سهڪار سان هلندڙ فاس دي ھوپ ھائر سيڪنڊري اسڪول ميرواھ گورچاڻي جي شاگردن ڊرائنگ امتحانن 2025-26 (EGD & IGD) ۾ 100 سيڪڙو ڪاميابي حاصل ڪري اسڪول ۽ علائقي جو نالو روشن ڪري ڇڏيو!
📊 امتحان جا نتيجا:
ايليمينٽري (EGD): 39/39 پاس (ٽاپ پوزيشن: مايا ڌيءَ مھاديو ڪولھي - 496 مارڪون)
انٽرميڊيٽ (IGD): 61/61 پاس (ٽاپ پوزيشن: آرتي ديوي ڌيءَ شانتي لال - 494 مارڪون)
مجموعي طور 100 مان 100 شاگرد ڪامياب ٿيا! تمام ڪامياب شاگردن، محنتي استادن، اسڪول انتظاميه ۽ والدين کي لک لک مبارڪون! 💐🏆