21/07/2026
🕉 مھاديوَ کي "پشُوپتِي ناٿ" ڇو چيو ويندو آهي؟
مھاديوَ سيريز #2
شاسترن جي روشني ۾
سناتن ڌرم ۾ ڀڳوان شِوَ جا ڪيترائي نالا آهن، ۽ هر نالي پٺيان هڪ عظيم فلسفو ٿ۽ پيغام لِڪل آهي. انهن مان هڪ نالو آهي "پَشُوپتِي ناٿ".
عام طور ڪيترائي ماڻهو سمجهن ٿا ته "پَشُو" جو مطلب صرف جانور آهي، تنهنڪري هو سمجهن ٿا ته پَشُوپتِي ناٿ جو مطلب صرف جانورن جو مالڪ آهي. پر شاسترن موجب هن لفظ جي معنيٰ گهڻي وسيع آهي.
”پَشُو“ سنسڪرت جو لفظ آهي، جنهن جو مطلب آهي: هر اهو جِيوَ جيڪو مايا، اَگيان، خُواهشن، موھ، ڪِروڌ، لوڀ ۽ اهِنڪار جي ٻنڌن ۾ جڪڙيل هُجي.
۽ "پَتِي" جو مطلب آهي: سُوامِي، پالڻهار، رهنما يا مالڪ.
انهيءَ لحاظ سان ”پَشُوپتِي“ جو مطلب ٿيو: ”اهو پرماتما، جيڪو سڀني جِيوَن، چاهي انسان هُجن يا جانور، جو پالڻهار، رهنما ۽ محافظ هُجي، ۽ جيڪو انهن کي ٻنڌن مان آزاد ڪرڻ جي راھ ڏيکاري.“
شِوَ پُراڻ ۽ ٻين شيوَ آگمن ۾ ڀڳوان شِوَ کي سڀني جِيوَن تي هڪ جهڙي ڪرپا ڪندڙ ۽ موڪش جو رستو ڏيکاريندڙ بيان ڪيو ويو آهي. سندُن نظر ۾ نه ڪو وڏو آهي، نه ننڍو؛ نه امير، نه غريب؛ نه انسان، نه جانور۔سڀ هڪ ئي پرم چيتنا جا روپ آهن.
انهيءَ ڪري سناتن ڌرم ۾ جانورن سان ديا، ڪرُوڻا ۽ سُٺو وَرتاءُ پُڻ مھاديوَ جِي پُوڄا جو هڪ اهم حصو سمجهيو ويو آهي.
پَشُوپتِي ناٿ جو نالو اسان کي اهو سيکاري ٿو ته: جيستائين انسان پنهنجي اندر جي اَگيان، موھ ۽ اهِنڪار کي ختم نٿو ڪري، تيستائين هُو به ٻنڌن ۾ جڪڙيل "پَشُو" وانگر آهي.
🕉 هر هر مھاديوَ 🙏