Government Higher Secondary School Kundeyari

Government Higher Secondary School Kundeyari The District Local Board Sanghar has started Seventh (Metric) classed from 1st April 1957, and thus

21/07/2024

ڳچيءَ ۾ پَهڻُ، سمنڊُ ڪِئن تري؟
انيڪ مسئلن ۽ مونجهارن ۾ ڦاٿل ماڻهو، مسئلن کي مڙسان مڙسي منهن نہ ڏيندو تہ آجائپ ڪيئن ماڻي سگهندو؟

11/07/2024

نيڪي ڪندڙ کان ڀَڄُ،
گِلا ڪندڙ سان پيارُ ڪر.

23/03/2024

مُئِي سَٺائو پر ڏني نہ سٺائون

اوهين بہ پارس ناهيو سپرين اسين بہ پارس ناهيون، پيار ڇهي ويو پاڻ ٻنهي کي سونا ٿي پيا آهيون. ‎  ‎
25/11/2023

اوهين بہ پارس ناهيو سپرين اسين بہ پارس ناهيون،
پيار ڇهي ويو پاڻ ٻنهي کي سونا ٿي پيا آهيون.

‎ ‎

17/11/2023

افسوس ان ڳالھ جو آ تہ اهي عام ماڻهوءَ جي ذهانت جو ائين مذاق اڏائي رهيا آهن، ڄڻ تہ اسين اڄ بہ ناز پان مسالا پان جي دور ۾ زنده رهون ٿا.

صبح بخير،صبر، شڪر ۽ محبت ٽنهي جو وڏو درجو آهي. صبر مصيبتن تي غالب اچي ٿو، شڪر نعمتن کي وڌائي ٿو ۽ محبت خوشين جو خزانو آه...
25/10/2023

صبح بخير،
صبر، شڪر ۽ محبت ٽنهي جو وڏو درجو آهي. صبر مصيبتن تي غالب اچي ٿو، شڪر نعمتن کي وڌائي ٿو ۽ محبت خوشين جو خزانو آهي.

24/10/2023

رِلي ڪلهي تي ماني راڄَ تي
نڪمو ماڻهو، جنهن جو گهر تڙ نہ هُجي. ڏسو:”انگ ﷲ تي...“مثال:”جنهن چُهنب ڏني آهي، سو چوڻو بہ ڏيندو.“

21/10/2023

صبح جو سلام.
بھترين، چڱو ماڻهو ڪير آهي؟
اهو فيصلو بدترين حالتون ڪنديون آهن.

13/10/2023

طلبهُـہ تہ مِلَهُہ
هن پهاڪي ۾ عربي ۽ سنڌي لفظن جو ميلاپ ڏاڍي خوبصورتءَ سان ڪيل آهي. طلب ۽ سِڪَ سچي آهي تہ ميلاپ ضرور ٿيندو.

13/10/2023

سعودي حڪومت وانگر جيڪڏھن سنڌ حڪومت ڌارين کان في مھينو 15000 روپيا ٽيڪس وٺي، تہ سڀ ڀڄي ويندا.
پوسٽ شيئر ضرور ڪجو مھرباني..

29/09/2023

توھان ذات پات تي يقين ڪريو يا نہ ڪريو پر سنڌي سماج ذات پات تي يقين رکي ٿو. جيڪڏھن ڪير چئي ٿو تہ منھنجي ڪا ذات ناھي ۽ آئون انسان آھيان اھو سڀ کان وڏو ڪوڙو ۽ دوکيباز ذاتپرست آھي. حقيقي معنائن ۾ سنڌي سماج ۾ انسان اھو آھي جيڪو ذات پات جي حقيقت کي تسليم ڪري ۽ مظلوم پيڙھيل ذاتين جي پسماندگي ۽ نام نھاد اوچ ذاتين جي حڪمراني کي سماج جي حقيقت مڃيندي مظلوم ذاتين جي جدوجھد جو حامي ٿئي باقي انسانيت جي نالي سان ذات پات جو انڪار ڪرڻ بيھودہ لفاظي ئي آھي جيڪا قومپرست، لبرل، سيڪيولر حلقي جي منافقت جو چٽو مثال آھي. سنڌي سماج ذات پات تي ئي قائم آھي. توھان انھي حقيقت کان انڪار نٿا ڪري سگھو. جيڪڏھن مظلوم پسماندہ ذاتين کي واقعي ئي برابر سمجھو ٿا تہ پوءِ مظلوم ذاتين جي حقن جي جدوجھد ۾ انھن جو ساٿ ڏيو ۽ نام نھاد اوچ جاتين جي ھڪ ھٽيءَ ٽوڙڻ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪريو. ايئن ڪرڻ کان سواءِ انسانيت انسانيت جو ورد ڪرڻ منافقت جو ھڪ چٽو مثال آھي. طبقاتي نظام ۾ مظلوم طبقن جي حقن جي جدوجھد جي ڳالھ ڪرڻ بدران رڳو اھو چئجي تہ "آئون طبقاتي نظام کي نٿو مڃان. ڇا جا بورجوا ۽ پرولتاريہ. سڀ طبقا برابر آھن. اسان مزدور ناھيون نہ ئي وري سرمايدار حڪمران آھن. سڀئي برابر آھيون" ايئن چوڻ سان ڪڏھن بہ طبقاتي نظام ٽوڙي نٿو سگھجي بلڪل ساڳي ريت "انسانيت" جي لفاظي سان سماج مان ذات پات جو معاشرتي طبقاتي نظام بہ ٽوڙي نٿا سگھو. الٽو توھان "انسانيت" جا ڀاشڻ ڏئي مظلوم جاتين جي حقن جي جدوجھد جي مخالفت ڪرڻ جهڙي قبيح عمل جو حصو بڻجي نام نھاد اوچ جاتين جي ھڪ ھٽيءَ ۽ بالادستي کي برقرار رکڻ جو سبب بڻجي رھيا آھيو.......
Ganpat Rai

28/09/2023

پاپيءَ جو پيرُ، ٻارنهن هٿ ٻنيءَ ۾.
پاپيءَ کي اُن جو پاپُ ئي ناسُ ڪندو آهي..
پاپي/ زاني/ غاصب/ جواري، ڪڏهن بہ ساڳائيندو (سمجهڻ) ناهي. ڇو جو هو پرائي حق / ملڪيت تي ڌاڙو ٿو هڻي. محنت سان جيڪو ملڪيت ميڙيندو آهي، ڦُرجڻ وقت سندس دل مان نڪرندڙ آهَ، عرش ڏڪائي وجهندي آھي. زمين بہ چوندي آهي تہ مونکي حڪم ٿئي تہ پاپيءَ کي ستر گز، هيٺ تائين ڳهي وڃان.
مطلب:
• پاپيءَ کي ڪوبہ سڪون ميسر نہ هوندو آهي.
• پاپي عذاب جي دلدل ۾ غرق هوندو آهي.
• پاپ جو گهڙو، ڀرجي ڀرجي نيٺ ڦاٽي.
• پاپ ڪي مايا، پراڇت کايا.

Address

Post Office Kandiari District Sanghar Via Mirpurkhas Sindh
Mirpurkhas Sindh
68310

Telephone

+92235-521021

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Government Higher Secondary School Kundeyari posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The School

Send a message to Government Higher Secondary School Kundeyari:

Shortcuts

Share

Category